ڪوئيٽا سانحو: ذميوار ڪير؟
روزنامي عبرت حیدرآباد
بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ هزاره ٽائون اندر دهشتگردن بارود سان ڀريل ٽئنڪر ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 81 ماڻهو مارجي ويا ۽ پوڻا ٻه سؤ ڄڻا زخمي ٿي پيا. اهڙي واقعي کانپوءِ سڄي ملڪ جو ماحول سوڳوار ٿي ويو آهي. بلوچستان سميت سنڌ صوبي ۾...