ھڪڙي ازدھا سان لڙائي
سگھوئي ھڪڙو ڀاءُ پنھنجن جانورن سوڌو ھڪڙي وڏي شھر ۾ آيو، جتي ڏسي تھ درن ۽ درين تي ڪارا پردا ٽنگيا پيا آھن، جا ڏک ۽ ماتم جي نشاني ھئي. ھو ھڪڙي مسافرخاني ۾ وڃي ٽڪيو، ۽ طنبيلي ۾ جانور بيھاريائين. طنبيلي جي ڀت ۾ ھڪڙو ٽونگ ھو، تنھن مان سھو لنگھي ويو، ۽ وڃي ھڪڙي موري چورائي آيو ۽...