باب ڇھون
محلات ۾
جڏھن سڀني ماني کائي بس ڪئي، تڏھن شڪاري مھمانسراءِ جي نگھبان کي چيو تھ ”ھاڻ مون بادشاھھ جي ماني کاڌي آھي، ھاڻ سندس محلات ۾ ويندس ۽ سندس ڌيءُ سان شادي ڪندس.“ ھن چيو تھ ”اھو ڪيئن ٿي سگھندو؟ اڳيئي سپه سالار سان شاديءَ جو بندوبست ٿي ويو آھي، جنھن ازدھا کي ماريو آھي. شڪاريءَ چيو تھ...