ڏيل ڏسڻ سان ڏڪڻي ورتئه، آمر اندر اڳتي آهي،
واچوڙي ۾ هوش ڦري ويئه، اڻ جھل اوٿر اڳتي آهي.
مينهن وسي ٿو قطرا قطرا، ڍنڍون ڍورا بخرا بخرا،
منڇر کي ٿو ماپين بيٺو، سنڌو، ساگر اڳتي آهي.
ٿوري اڀڪڀريءَ تي چڙهندي اڀساهي ٿي پئي آ توکي،
پڌري پٽ تي ٿيڙ ٿو کائين، اوجھڙ اوڪر اڳتي آهي.
دوزخ ڇا تخريب...