طاعون کان ڪرونا وائرس تائین

طاعون کان ڪرونا وائرس تائين

سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

اگر ڪو انسان ھن ڌرتي جي ويجھڙ واري تاريخ جو جو مطالعو ڪندو، تہ اھا تاريخ ڪيترن ئي انساني اليمن، سانحن، واقعن، ء مختلف وابائن جي ڦھلجڻ سان ڀريل آھي. مختلف ڪتابن ء اخباري ڪالمن ء مضمونن جي مطالعي ڪرڻ سان، طاعون جھڙي خطرناڪ وبا جو ذڪر پڻ ملي ٿو.
طاعون کي (بليڪ ڊيٿ) يعني انسان مٿان ڪاري موت جو حملو پڻ چيو ويندو آھي. طاعون ھڪ اھڙي خطر ناڪ وبا ھئي، جيڪو بہ شخص ھن وبا جو متاثر ٿيندو ھو، اھو شخص ھڪ وڏي تڪليف ء اذيت ناڪ واري حالت کي منھن ڏيندو، اڪثر انسان ھن وبا جي تڪليف برداش نہ ڪري سگھندا ھئا، ء پنھنجي زندگي تان ھٿ کڻي ويٺا. جڏھن بہ ڪنھن انسان کي شديد بخار ايندو ھو، يا الٽي ايندي ھئي، يا وري مٿي م سور ٿيندو ھو، ء جسم جي ڪنھن حصي م سوڄ ٿيندي ھئي، تہ ڊاڪٽرن موجب ان شخص کي طاعون جو متاثر ڪوٺيو ويندو ھو. جڏھن طاعون ھڪ خطرناڪ وبا جي شڪل اختيار ڪئي، تہ اکثر ڏسڻ م ايندو ھو، تہ انسان جي ڳچي، م يا ران، م يا وري انسان جي ڪڇ، م ڦرڙيون نمودار ٿينديون ھيون. ء دقيق مطالعي ڪرڻ سان معلوم ٿيو، تہ طاعون جي وبا سان مرڻ وارن جي تعداد م اڪثر ماڻھن جو تعلق ھارپو ڪرڻ واري طبقي سان ھو، جنھن جي ڪري زميندارن وٽ ھارپو ڪندڙ طبقي جي وڏي پيماني سان کوٽ ٿي، انھي وقت ھر زميندار جي مجبوري ھئي، تہ ھون زراعت واري شعبي سان لڳاپيل ماڻھون کي خريد ڪري، ء پنھنجي زمين آباد ڪرائي، طاعون جي ڦلجھڻ سان ھر زميندار جي اھيا سوچ بہ ختم ٿي وئي، تہ ھون پنھنجي ھارين مٿان قرضو ڪنڍي انھن کان زمينن جو ڪم ڪار ڪرائي، ڇوجو ان وقت جي حڪمرانن طرفان ھارپو ڪندڙ طبقي کي رليف ڏنل ھو. اناج جي نہ ٿيڻ سان سڄي دنيا جي معشيت واري حالت کي شديد ترين نقصان پڻ ڀوڳڻو پيو.
مطالعي ڪرڻ کان بعد م، توھان کي واضع طور نظر ايندو، تہ طاعون جي وبا 1347 م يورپ ء ان جي ويجھن علائقن کان شروع ٿي، ھن وبا جي ڦھلجڻ م ڪوئن بہ وڏي مدد ڪئي. ھن وبا جو سڀ کان خطرناڪ عرصو 1347 کان 1351 تائين ھو، 1347 م ھن وبا قسطنطينہ، سسلي، سارڏينيا، مارسائل، ء يورپ تائين وڃي پھتي، 1348 م ھن وبا سڄي يونان کي پنھنجي پڪڙ م آڻي چڏيو. انھي کان بعد ھي وبا اٽلي، فرانس، ء ان جا ڪافي سارا علائقہ. اسپین جا مشرقي علائقہ، جيڪي ( اڄ ڪلھ يوگو سلاويہ، البانيہ، بوسينا، ڪروشيا تائين وڃي پھتي، ڊسمبر واري مھيني م ھن وبا يورپ جي بچيل علائقن کي پنھنجي پڪڙ م آندو، ان کان بعد م ھن وبا فرانس، آسٽريا، جي بچيل آبادي کي پڻ پنھنجي پڪڙ م آندو.تاريخ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ سان معلوم ٿي ٿو، تہ ھن وبا جي ڦھلجڻ جو سبب جيڪو سامھون آيو، تہ سفر ڪرڻ سان ھن وبا کي ڦھلجڻ م مدد ملندي ھئي، يعني اگر ڪو انسان ھن وبا جو متاثر ھوندو ھو، پوء اھو شخص ھڪ جڳھ کان ٻئي جڳھ حرڪت(سفر) ڪندو ھو، تہ اھو شخص ھن وبا کي پاڻ سان گڏ کڻي گھمندو ھو، جنھن جي ڪري ھي وبا ھڪ انسان کان ٻئي انسان تائین منتقل ٿئي، جڏھن ان دور جي ماڻھن، طاعون جھڙي خطرناڪ وبا کي نظر انداز ڪيو، ء پنھنجي زندگي پنھنجي مرضي سان جيئڻ لڳا، حڪومت سان ڪنھن قسم جو سھڪار نہ ڪيو، پنھنجي ڪم ڪار م مصروف رھيا ء احتياط نہ ڪيو، جنھن جي ڪر ھن وبا 1349 جي جون واري مھيني م، سوئٽر لينڊ، جرمني، جي جنوبي حصي، انگلستان جي وچين حصي ء آسٽريا جي بچيل حصي کي پنھنجي پڪڙ م آندو، ڏسندي ڏسندي ھي وبا تمام مغربي ملڪن م ڦھلجي وئي. 1349 جي اختتام تي، يعني ھن وبا جي آغاز جي ٻن سالن کان بعد م، ھي وبا آئرلينڊ جي پوري ملڪ، جرمني جي وچين علائقي، ء ڪوپن ھنگ کي پنھنجي پڪڙ م آندو. بس انھي تيزي سان طاعون واري وبا ڪروڙن انسانن جون جانيون ضايع ڪيون. 30 سالن کا بعد م ھن وبا ناروي جي طرف پنھنجو رخ ڪيو. انھي طرح سان ھن وبا ھر شعبي سان تعلق رکندڙ انسانن جي زندگين کي تباہ ء بربا ڪيو. برحال گھڻي مطالعي ڪرڻ کان بعد م، مان ھن نتيجي تي پھتو آھيان، تہ ھر وائرس کي انسان پاڻ ڦھلائندو آھي، يعني ھر وبا جي ڦھلجڻ جو مين ڪارڻ انسان پاڻ ھوندو آھي، توھان مٿي اگر غور ڪيو ھوندو، تہ طاعون واري وبا جي ڦھلجڻ م انسان ڪيتري قدر مدد ڪئي، جنھن جي مين پوئیٽ ھي آھي، تہ طاعون جي متاثر انسانن پنھنجي سفر ڪرڻ کي نہ چڏيو، نہ ئي وري احتياط ڪيو، ھڪ ٻئي سان ملڻ جلڻ کي نہ چڏيو، جنھن جي ڪارڻ ھي وبا پوري دنيا م ڦھلجي وئي. ان وبا جي مرڻ وارن جي تعداد صحيح طور، تہ معلوم نہ ٿي سگھي آھي، پر ڪجھ رپورٽ موجب ھن وبا 75 مليون انسانن جون جانيون ضايع ڪيون.
ھاڻ وري ھن وقت اسان ڪرونا وائرس طرف نظر ڪنداسين، تہ ھن وبا بہ طاعون واري وبا وانگر، وڏي تيزي سان دنيا جي ٻہ سو ملڪن کي پنھنجي پڪڙ م آندو، ھن وبا جي ڪارڻ مرڻ وارن جي تعداد م ھر روز وڌار پيو اچي، ء ھر روز الھي ڪيترا نوا ڪيس ھر ملڪ م رجسٽر ٿين پيا، اگر اسان دنيا کي ھڪ پاسي رکي، پنھنجي وطن عزيز پاڪستان طرف نظر ڪنداسين، تہ اتي بہ ھي وبا وڏي تيزي سان ڦھلجي رھين آھي، اگر اسان ھن وبا جي شروع واري ڏينھن ڏي نظر ڪنداسين، تہ جيئن ھن وبا پاڪستان جي رخ ڪيو، تہ سڀ کان پھريان اسانکي سنڌ جي حڪومت حرڪت م اچي ڪري ھن وبا کي ڦھلجڻ کي روڪڻ جي برپور ڪوشش ڪئي، جنھن جي م سيد مراد علي شاھ جي محنت تعريف ڪرڻ جي لائڪ آھي. پر ان وبا کي اسانجي مرڪزي حڪومت شروع وار ڏھاڪن م ايتري خاص سجيدگي نہ ورتي، وفاقي حڪومت ھن وبا کي روڪڻ م وڏي سستي ڏيکاري، جنھن جي ڪري ھن وبا کي ڦھلجڻ م وڌيڪ مدد ملي، پر جڏھن اسانجي مرڪزي حڪومت ھن وبا کي روڪڻ لاء سجيدگي ورتي، تہ ان وقت ھن وبا ڪافي سارن انسان کي پنھنجي پڪڙ م آڻي چڏيو ھو، برحال وفاق ء صوبن جي حڪومت م ھن وبا جي ڪري آيل تضاد ھڪ الگ بحث آھي، جنھن جو ذڪر ڪنھن ٻئي ڪالم م ڪندس. ھن وقت مان پنھنجي موضوع طرف موٽان. شروع واري ڏينھن م جڏھن ھن وبا پاڪستان م ڦھلجڻ شرور ڪيو، تہ حڪومت ميڊيا جي ذريعي عوام تائين ھن وبا جي روڪٿام لاء ڪافي سارا اپاء ٻڌايا ھئا، جنھن م ھڪ جڳھ کان ٻئي جڳھ ڏانھن حرڪت ڪرڻ کان روڪيو ويو، پنھنجي گھرن تائين محدود رھو، ھڪ ٻڪي سان ملاڻ جلڻ کان پاسو ڪيو، پنھنجي صفائی جو خاص خيال رکو، ھوٽلن م گڏ نہ ويھيو، پارڪن م وڃڻ بند ڪيو. پر شروع واري ڏينھن م حڪومت جي ڏنل پيغامات کي ڪنھن بہ سجيدگي سان نہ ورتو، جنھن کان بعد م حڪومت حرڪت م اچي ڪري، سڄي ملڪ م لاڪ ڊائون ھنیو، پر شروع واري ڏينھن م لاڪ ڊائون تي فقط 100 فيصد ما فقط 20 فيصد ماڻھن عمل ڪيو، باقي ماڻھون پنھنجي زندگي نارمل طريقي سان گذاري رھيا ھئا، جھڙي طرح ڪرونا کان اڳ گذاريندا ھئا، جڏھن ھر ڪنھن جي علم م آھي، تہ ھن وبا کي روڪڻ لاء اڃا تائين ڪابہ ويڪسين نہ ٺھي آھي، ھن وبا کان بچڻ جو مفيد طريقو فقط احتياط ڪرڻ آھي، پر تڏھن بہ اسانجي عوام پنھنجي طرح سان پنھنجي زندگي انجواء ڪري رھين آھي، ء ڪنھن بہ قسم جو حڪومت سان سھڪار نٿي ڪري، ھن وقت عوام کي گھرجي تہ حڪومت جي ڏنل پيغامات جي پيروي ڪري، تاڪہ اسان ھن مشڪل وقت کي متحد ٿي ڪري مقابلو ڪيون، ء ڊاڪٽرن جي ڏنل احڪامات تي عمل ڪري، جيئن اسان ھن وبا کي روڪڻ م ڪامياب ٿي وڃو. پر اگر ڪو انسان اھيا سوچ رکي ٿو، تہ سڀ ڪجھ پاڻ نارمل ٿي ويندو، ء اسان پنھنجي طرح سان زندگي جيئنداسين، احتياط ڪرڻ ڪا خاص اھميت نٿو رکي، ء احتياط ڪرڻ سان ھي وبا نہ رڪبي. تہ انھن ماڻھن جي اڳيان پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ ايران جي عوام جي مثال واضع ء روشن آھي، جنھن احتياط ذريعي ھن وبا جو مقابلو ڪيو، ء ڪامياب ٿي ويا. اگر اسان شروع واري ڏھاڪي جي طرف نظر ڪنداسين، تہ چين کان بعد م ايران ھو، جنھن م ھي وبا تيزي سان وڌي، جنھن جي ڪارڻ ڪافي سارن انسانن جون جانيون ضايع ٿيون، پر حڪومت جيئن اعلان ڪيو، تہ ھر ڪو انسان پنھنجي گھر تائين محدود رھين، ھڪ ٻڪي سان ملڻ کان پاسو ڪيو، سفر ڪرڻ کان گريز ڪيو، انھي حڪومت جي ڏنل احڪامات کي ايران جي عوام سجيدگي سا ورتو، ايران جي عوام سفر نہ ڪيو، ھڪ ٻڪي سان نہ مليا، جنھن جي ڪارڻ ايران ھڪ وڏي تباھي کان بچي ويو، ان ڪري پاڪستان جي عوام کي گھرجي تہ احتياط ڪن، ء حڪومت جي ھر فيصلي کي سجيدگي سا وٺن، جيئن اسان سڀ حڪومت سان ملي ڪري، ٻين ملڪن وانگر ھن خطرناڪ وبا کي شڪست ڏئي سگھون.
 
Top