شڪر تي تفصيلوار ڳالھ ٻولھ (حصو ٻيون)

شڪر تي تفصيلوار ڳالھ ٻولھ

سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

حصو ٻيون

ڌڻي سڳوري طرفان عنايت ڪيل نعمتن جي بدلي ۾ رب ڪريم جو شڪريو مڃڻ جي ڪارڻ ، ڌڻي سڳورو انھن ٻانھن جي روزي رزق ۾ وڌارو ڪندو آھي. جنھن جي متعلق اسان ھت ٻہ روايتون بيان ڪنداسين.
پھرين روايت؛ امام جعفر صادق عليہ السلام فرمائن ٿا.
جڏھن بہ رب ڪريم پنھنجي پياري ٻانھي کي ڪا نعمت عطا ڪري ٿو. تہ ان بندي کي گھرجي ، تہ تھ دل سان ان نعمت جو قدر ڪري. ۽ زبان سان ڌڻي سڳوري جو شڪريو ادا ڪري. ۽ جڏھن ڪو بہ بندو ايئن ڪري ٿو ، تہ رب ڪريم فرمائي ٿو ، ان منھنجي پياري ٻانھي جي نعمتن ۾ اضافو ڪيو وڃي.
(حوالہ؛ ڪتاب اصولي ڪافي)
ٻئي روايت؛ امام محمد باقر عليہ السلام فرمائن ٿا.
تہ ڌڻي سڳورو پنھنجي ٻانھن کي عطا ڪيل نعمتن ۾ اضافو ڪري ٿو ، پر ھن شرط سان تہ اھي ٻانھا شڪر ڪن.
(حوالہ؛ ڪتاب ميزان الحڪمت)

شڪر جا قسم ؛

حقيقت جي اعتبار سان شڪر جا ٻہ قسم آھن. ھڪ شڪر تڪويني ، ٻيو شڪر تشريح.
شڪر تڪويني؛ ھي ھڪ موجود شيئ وٽ اختيار آھي ، تہ ھون پاڻ ۾ وڌارو آڻي. مثال طور تي ھڪ انسان باغ ( يعني انبن جي باغ) لاء جاچ جوچ لاءِ مقرر ٿيل آھي. جڏھن اھو شخص ڏسي ٿو ، تہ باغ جو ڦلاڻو حصو سٺي طرح سان وڌي رھيو آھي.
تہ اھو شخص ان حصي جي طرف گھڻو متوجھ ٿيندو آھي. ۽ چڱي طرح سان ان حصي جي ديک ڀال ڪري ٿو ، ۽ ان حصي جي طرف ڪرم جي نظر بہ گھڻي ڦيرائي ٿو. اھو ان ڪري جو اھي وڻ پنھنجي زبان ۾ اھيا فرياد ڪري رھيا ھوندا آھن ، تہ اسان ڏاڍي محنت ڪري رھيا آھيون. ۽ صحيح طريقي سان اسان وڌي رھيا آھيون ، ان جي ڪري تون بہ اسان جي چڱي طرح سان سار سنڀال لھ ، ۽ اھو جاچ جُوچ ڪندڙ ھمراھ انھن جي اھا فرياد ٻڌي ٿو ، ۽ ٻين وڻن جي ڀيٽ ۾ اُن حصي جي وڌيڪ ديک ڀال ڪري ٿو ،

پر ٻئي طرف وري اھو ساڳيو ھمراھ باغ جي ٻئي حصي طرف نھاري ٿو ، جتي ان شخص کي ڪجھ وڻ سُڪل نظر اچن ٿا. مثال طور اھڙا وڻ.
جن ۾ نڪو ڪي سايون ٽاريون آھن ، نڪو انھن وڻن ۾ ميوا آھن. اھيي سڀ سوچون ڪارڻ بڻجن ٿيون ، ڪفران نعمت جون. ۽ اھو شخص جيڪو باغ جي جاچ جُوچ لاءِ مقرر ٿيل آھي. اھو انھن وڻن کي پنھنجي ان ئي حالت ۾ ڇڏي ڏي ٿو. ۽ اُنھن وڻن جي طرف ڪا ڪرم جي نظر نٿو ڦيرائي. ۽ ڪڏھن ڪڏھن اھيي بہ ٿيندو آھي ، تہ اھو شخص انھن وڻن کي وڍرائي ڇڏيندو آھي ، ڇاڪاڻ تہ اھو شخص انھن وڻن جي ضرورت کي محسوس نہ ڪندو آھي.
انسانيت جي جھان ۾ بہ اھيائي ساڳي حالت آھي ، ۽ اھيا ڳالھ آھي ، تہ وڻن وٽ پنھنجو اختيار نہ آھي. ان ڪر ان کي تسليم تڪويني چيو ويندو. پر انسان وٽ اھيو اختيار آھي ، تہ ھون پنھنجي لاء ھڪ سٺو رستو اختيار ڪري ، ڇوجو انسان وٽ اھيا طاقت آھي ، تہ ھون ڌڻي سڳوري سان ھر روز التجائون ڪري سگھي ٿو. ۽ اکڙين مان ڳوڙھا ھاري رب ڪريم کي پاڏائي اھيي التجائون ڪري سگھي ٿو ، تہ اي پالڻھار مونکان جيڪي خطائون ٿيون آھن ،
تون ڪريم آھين مونکي بخش ڪر. ۽ مان جن نعمتن جو حقدار نہ ھئس ، پر تو پنھنجي لطف ۽ ڪرم سان انھن نعمتن سان نوازشيو آھي.

شڪر ڪرڻ جا مرحلا ؛

شڪر پنھنجي حقيقي سڃاڻپ سان گڏ ٽي مرحلا رکي ٿو، جن کي اسان ھيٺ بيان ڪيون ٿا.
نمبر ھڪ ؛ دل سان شڪريو ادا ڪرڻ.
ھيءَ اھو شڪر آھي، تہ ڌڻي سڳوري طرفان عطا ڪيل نعمتن جي تصوير کي دل، ۽ ذھن ۾ رکيو وڃي. دل سان شڪريو ادا ڪرڻ جو مطلب ھيءَ آھي، تہ رب ڪريم جي طرفان ڏنل نعمتن کي سڃاڻو، ۽ ڌڻي سڳوري جي رحمتن ، ۽ ٿورن کي حاصل ڪرڻ آھي.
ٻيو مطلب ھيءَ آھي، تہ ڌڻي سڳوري کي وڏو سمجھڻ ۽ ان کي مان ڏيڻ آھي، ۽ اھڙي طرح سان پنھنجو پاڻ کي ان جي سامھون ننڍو ، ۽ فقير سمجھڻ آھي ، در اصل وڏن ڪمن ۾ فڪر ڪرڻ انسان ذات لاء خير جو ڪارڻ بڻجي ٿو. ۽ اھيا ئي شيء سبب بڻجي ٿي ، جيڪا انسان ذات ۾ عاجزي ، ۽ نوڙت کي پيدا ڪري ٿي.

نمبر ٻھ ؛ زبان سان شڪر ڪرڻ.
اھو ھيءَ آھي، تہ خد زبان بہ ڌڻي سڳوري طرفان عطا ڪيل ھڪ وڏي نعمت آھي. ۽ ان نعمت جي ذريعي سان اسانکي رب ڪريم جي ٻين انيڪ نعمتن جو بہ شڪريو ادا ڪرڻ گھرجي. ۽ انھي زبان سان ڌڻي سڳوري جي ساراھ واکاڻ ۽ رب ڪريم جو ذڪر ڪرڻ گھرجي. ۽ اھيو ڪم پنھنجي طاقت ، جوش جذبي سان ڪرڻ گھرجي ، بعض عالمن چيو آھي ، تہ ھن جملي کي گھڻي دفعا دھرايو وڃي. اھو جملو ھيءَ آھي ، "الحمد للہ رب العالمين"
۽ نعمت جي بدلي ۾ انھي جملي کي لاڳيتو دُھرايو وڃي. ۽ زبان سان اسانکي امر بالمعروف (يعني انيڪ ڪمن جي طرف دعوت ڏيڻ) ۽ نھي عن المنڪر (يعني ڪِنن ڪمن کان روڪڻ) بہ ڪرڻ گھرجي.
تاڪي اھيو شڪر صدقہ جاريہ بڻجي سگھي.

نمبر ٽي ؛ عملي شڪر.
ھيءَ اھو شڪر آھي جنھن منجھ ھر انسان کي ، پنھنجي سڀني اعضائن ، ۽ جوارح سان ڌڻي سڳوري جي طرفان عطا ڪيل ھر نعمت جي بدلي ۾ سندس شڪريو ادا ڪري.
عملي شڪر جو مطلب ھيءَ آھي ، تہ رب ڪريم جي طرفان ڏنل نعمتن جي آڏو پنھنجي عمل ، فعل سان ھيءَ ظاھر ڪرڻ آھي. تہ اسان ھر نعمت کي دل جي گھرائين سان قبول ڪيون ٿا. ۽ انھن جي ذريعي رب ڪريم جي اطاعت ڪيون ٿا ، ۽ عبادت کي انجام ڏيون ٿا.
جيئن امام جعفر صادق عليہ السلام ، ھڪ راوي کي فرمائن ٿا.
اھڙي طرح نعمتن سان سٺا رھو ، جنھن تي راوي امام عليہ السلام کان سوال ڪيو ته ، توھان جي مراد ڇا آھي؟ جنھن جي جواب ۾ امام صادق عليہ السلام فرمايو ، نعمتون عطا ڪندڙ جو شڪريو ادا ڪندا رھو. ء انھن نعمتن جي حق کي پورو ڪيو.
( حوالہ: ڪتاب ڪافي )

شڪر ادا ڪرڻ جا ڪجهه فائدا:

نمبر ھڪ ؛
شڪر وسيلي انسان پنهنجي ڪمزوري ۽ ضعيفي جو اقرار ڪري ٿو ته مان پنهنجي طرفان ڪجهه به نه ٿو رکان ۽ سڀ ڪجهه الله سائين جو فضل ۽ ڪرم آهي تنهن ڪري انسان سندس الوهيت جو اقرار ٿو ڪري ته حقيقي مالڪ صرف خدا آهي ان ڪري مان ٻين تي برتري ۽ وڏائي جو حق نه ٿو رکان.

نمبر ٻھ ؛
انهن جي عزت ۽ احترام ڪرڻ جيڪي الله سائين جي فضل جا وسيلا بڻيا آهن ۽ اهي پاڻ ڪريم (ص) ۽ سندس آل اطهار عليهم السلام آهن.

نمبر ٽي ؛
نعمتن جو شڪر ڪرڻ نعمتن ۾ اضافي جو سبب بڻجي ٿو ۽ شڪر جو فائدو به شڪر ڪندڙ کي ئي رسي ٿو. الله سائين قرآن ۾ فرمائي ٿو: اگر توهان منهنجي ڏنل نعمتن جو شڪر ادا ڪندو مان انهن نعمتن ۾ اضافو ڪندس.
(سورت ابراهيم، آيت نمبر 7)

(جاري آھي)
hzaheer145@gmail.com
 
Top