عاطف بٹ
محفلین
ڪوئيٽا سانحو: ذميوار ڪير؟
بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ هزاره ٽائون اندر دهشتگردن بارود سان ڀريل ٽئنڪر ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 81 ماڻهو مارجي ويا ۽ پوڻا ٻه سؤ ڄڻا زخمي ٿي پيا. اهڙي واقعي کانپوءِ سڄي ملڪ جو ماحول سوڳوار ٿي ويو آهي. بلوچستان سميت سنڌ صوبي ۾ به سوڳ ملهايو ويو ۽ شهرن ۾ ڪاروبار بند رهيو.هِن واقعي کان اڳ 10 جنوري تي به عملدار روڊ تي زوردار ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ سوين جانيون ضايع ٿيون هيون، انهيءَ سانحي جي ڪري بلوچستان ۾ رئيساڻي حڪومت ختم ڪري گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو، پر انهيءَ سان به ڪو فرق نه پيو آهي. دهشتگرد وري به پنهنجي منصوبي ۾ ڪامياب ويا آهن. اڳ ۾ به سوين ماڻهن جون زندگيون ختم ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ فوتين جي وارثن سخت سردي ۾ پنهنجي پيارن جا لاش رکي ڊگهي عرصي تائين ڌرڻو هنيو، جيڪو مطالبن جي مڃتا کانپوءِ ختم ڪيو ويو هو. پر وري ڇنڇر واري ڏينهن هڪ ٻيو سانحو ٿيو. بيگناهه ماڻهن کي جان کان ماريندڙ عنصر جيڪي ڪڏهن به باز ناهن اچڻا، انهن جي انتهاپسنداڻي سوچ معصوم ماڻهن جو رت وهائيندي رهندي، پر انهن جو خاتمو اسان جي انتظاميه کان ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي، جنهن بابت بلوچستان جي گورنر ذوالفقار مگسي سانحي جو ذميوار سيڪيورٽي ادارن کي قرار ڏيندي چيو ته اُهي نااهل آهن يا ڊڄن ٿا ته ڪٿي انهن کي نشانو نه بڻائين.
گذريل مهيني ٿيل ڪوئيٽا سانحي ۾ مارجي ويلن جي اڪثريت هزاره ڪميونٽي سان هئي. هن ڀيري به هزاره ڪميونٽي جي ماڻهن کي ئي نشانو بڻايو ويو آهي. انهيءَ مان دهشتگردن جي فرقيواريت واري سوچ ظاهر ٿئي ٿي. اُهي انساني رت پياڪ قوتون ملڪ ۾ انارڪي وارو ماحول پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ اُهي ڌريون ملڪ کي ترقي جي راهن تي نه ٿيون ڏسڻ چاهين.
هن سانحي کانپوءِ هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي سانحي ۾ ملوث عنصرن جي گرفتاري لاءِ 48 ڪلاڪن جي مهلت ڏيندي چتاءُ ڏنو آهي ته جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ ٻاهران احتجاج ڪيو ويندو. جڏهن ته اِها ڳالهه سوچڻ تي به مجبور ڪري ٿي ته هڪ طرف ملڪ جا سمورا سيڪيورٽي ادارا آهن ۽ ٻئي طرف چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا عنصر، جيڪي ملڪ کي تباهي طرف وٺي وڃي رهيا آهن، اِهو اسان ڪافي عرصي کان ٻڌندا پيا اچون ته دهشتگردي خلاف جنگ هلي رهي آهي، پر ان جا نتيجا اڃا تائين نه نڪتا آهن. جيڪڏهن ڪاميابي ناڪامي جو حساب ڪتاب ڪيو ته انهيءَ جنگ ۾ ملڪ ۽ قوم جون قربانيون وڌيڪ نظر اينديون. ايترا دهشتگرد نه گرفتار ٿيا آهن يا ماريا ويا آهن جيترا بيگناهه ماڻهو انهن عنصرن جي ڪاررواين ۾ مارجي ويا آهن. 10 جنوري واري سانحي جي ذميواري ڪالعدم تنظيم لشڪر جهنگوي وارن قبول ڪئي هئي. انهيءَ باوجود ڪوبه جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي. هاڻ ائين لڳي ٿو ڄڻ هي قوم نڌڻڪي ۽ لاوارث بڻجي وئي آهي. دهشتگرد جڏهن چاهين سوين ماڻهن کي موت جي نند سمهاريو ڇڏين. ڪير ان تي سواءِ ماتم ڪرڻ ۽ افسوس جو اظهار ڪرڻ کانسواءِ ايڪشن کڻڻ لاءِ تيار ناهي. ائين جيڪڏهن نه هجي ها ته هر ڏهين ڏينهن پنڌرهن ڏينهن سوين ماڻهن جون حياتيون ضايع نه ٿين ها. اڳئين سانحي تي بلوچستان حڪومت کي نااهل قرار ڏئي ختم ڪئي وئي، پر ان کانپوءِ ٿيل واقعن کي ڪنهن کي نااهل قرار ڏنو ٿو وڃي؟ هاڻ ڪنهن جي ذميواري هيٺ ايتريون جانيون ضايع ٿيون آهن؟
حڪومت سميت ملڪ جي سمورن ادارن کي بلوچستان امن معاملي کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي ۽ انسان دشمن قوتن جي خلاف نتيجاخيز ڪارروائي ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي