ڪشمير ۽ اسان جا رويا

ڪشمير ۽ اسان جا رويا

سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

آگسٽ جو مھينو اسان پاڪستانين لاءِ ڪنھن عيد کان گھٽ نہ آھي. ۽ ھيءَ اھڙو مھينو آھي جنھن ۾ اسان سڀ ملي ڪري وڏيون وڏيون خوشيون ملھائیندا آھيون. ۽ پوري پاڪستان جي سرڪاري ، توڙي پرائيويٽن جي ننڍن وڏن ادارن ۾ جشن آزادي جون پر مسرت تقريبون منقعد ڪندا آھيون
۽ پوري پاڪستان ۾ سائي ، ۽ اڇي رنگ واري پرچم کي ھر ھنڌ لڳايو ويندو آھي. ۽ ان کي وڏي جوش ، جذبي سان سلام ڪيو ويندو آھي. ۽ آزادي جا ترانا ۽ نغما ڳايا وڄايا ويندا
آھن. ۽ رب سائین جو شڪريو ادا ڪيو ويندو آھي.
۽ شڪر جا سجدا ڏنا ويندا آھن. آخر اھيو سڀ ڪجھ اسان ڇو نہ ڪيون. اسان کي ھن مھيني ۾ آزداي جو ملي آھي.

پر پوءِ ڇا ٿيو اسان جي انھن خوشين کي الھي ڪنھن جي نظر کائي وئي.
ٿورو ئي پرتي اسان جو پاڙيسيري ملڪ انڊيا جيڪو ھڪ ڊگھي عرصي کان وٺي ڪري ڪشمير عوام جو جيئڻ جنجال ڪندو پيو اچي.
۽ معصوم ڪشمرين کي نون نون طريقن سان قيد ڪندو رھيو آھي. ۽ ڪشمرين جي آزادي واري تحريڪ کي چيڀاٽڻ لاء 5 آگسٽ 2019 تي آرٽيڪل 370 کي ختم ڪري ڇڏيائین. ۽ سخت ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو. ۽ اھڙي طرح سان ڪشمير جي عوام وڌيڪ دشمن جي قبضي ھيٺ اچي وئي.
پوء ڇا ٿيو جو اسان بہ لفظن جا تير ھلائڻ شروع ڪري ڏنا. ۽ اسان دنيا وارن کي امن جو درس ڏيڻ شروع ڪري ڏنو. ڇو جو اسانکي اھيو خوف ھو ، تہ اگر اسان پنھنجو حق وٺڻ لاءِ ھٿيار کنيا تہ دنيا جو ھڪ حصو اسانکي دھشتگرد جو خطاب ڏيندو.

۽ اسان انھي دھشتگردي جي خطاب کان بچڻ لاءِ ، اسان جذبابي تقريرن ، انقلابي نغمن ، وڏن وڏن احتياجن ، ۽ اُس ۾ بيھڻ کي بھتر سمجھو. تاڪہ
اسان دنيا وارن کي اھيو ٻڌائي سگھون ، تہ اسان ظلم
جي خلاف آھيون. ۽ ڪشميري عوام کي يقين آوري ڪرائي سين ، تہ اسان توھان سان گڏ آھيون.
ڀلا اھڙو بہ ڪو ساٿ ھوندو آھي؟
ڇا نغمن جي ذريعي ڪشمير آزاد ٿي ويندي؟
ڇا جذباتي تقريرن سان ڪشمير آزاد ٿيندو؟
جواب ھر ڪنھن انسان جي ذھن ۾ اھيو ھوندو ، تہ اِيئن ڪرڻ سان ڪجھ بہ نہ حاصل ٿيندو. ان جي ڪري مذمتي بيانن ۽ روئڻ جي بجائي انڊيا سان ھڪ دفعو موچڙا ماري ڪرڻي پوندي. نہ تہ نغما تہ ڪافي سالن کان ڳايا وڄايا پيا وڃن. ۽ ڏينھن بہ ڪافي
سارا ڪشمير سان منسوب ڪيا ويا آھن. پر وريو تہ اڃا
تائین ڪجھ بہ نہ آھي. باقي اقوامہ متحدہ ، ۽ انساني حقن واري تنظيمن اڳيان پنھنجا ڏک بيان ڪرڻ سان ڪجھ بہ نہ ورندو. ڇو جو
اڄ ڪلھ انھن کي مسلمانن جي ڪا بہ ضرورت نہ آھي.
باقي مذمت وارا بيان ھر ڪو
پيو ڏيندو. انھن کي عملي جامو ڪير بہ نہ پارائیندو.
بلڪي ھاڻ جيڪو بہ ڪجھ ڪرڻو آھي. جذباتي تقريرن ،
منٿ ميڙن ، ۽ انقلابي نغمن جي بجائي. ھڪ دفعو سخت ڪاروائي ۽ ٺوس قدم کرڻ سان ئي ڪجھ حاصل ٿيندو.

ھاڻ وري آرٽيڪل 370 جي حوالي سان بہ ھڪ ڏينھن کي پاڪستان جي تاريخ ۾ "ڪاري ڏينھن" جي طور تي
شامل ڪيو ويو آھي. ڄڻ تہ
اسان کي ھڪ ٻيو ڏينھن جذباتي تقريرن ، انقلابي نغمن لاءِ ملي ويو ھجي. ڪشمير تي لڳايل ڪرفيو کي
بہ ھڪ سال گذري چُڪو آھي.
پر اسان جي جذباتي تقريرن مان اڃا تائين تہ ڪجھ بہ حاصل نہ ٿيو آھي.
ڇا ڪشمير ۾ لڳايل ڪرفيو ۾ ڪا نرمي ڏسڻ ۾ آئي آھي؟ ڇا ڪشمير آزاد ٿيو؟ يقينن ڪجھ بہ نہ ٿيو آھي.
۽ اھڙو رويو رکڻ سان ڪجھ بہ نہ ورندو. انھن روين مان
ايئن لڳي رھيو آھي ، تہ ڄڻ اسانکي ڪا بہ پرواہ نہ آھي ڪشمير جي. اسان فقط جذباتي تقرير ڪرڻ ۾ دلير
آھيون.

اسان جا تہ رويا ھيءَ آھن ، تہ جڏھن بہ ھُون ظلم ڪن ٿا. تہ اسان ان ڏينھن کي ڪارو ڏينھن يا يڪتھجي جو
ڏينھن ڪري ملائیندا آھيون.
۽ وڏي آواز سان ھيءَ چوندا
آھيون ، ته انڊيا ڪشمير مان نڪري وڃ. ۽ وري ڪڏھن اسان ھيءَ نغمو ڳائیندا آھيون. ڪشمير جي وادي اسان جي آھي.
ڪڏھن وري جمعي جي ڏينھن آزادي وارا نعرا ھڻندا
آھيون. ليڪن ھاڻ ڪرفيو کي ھڪ سال گذري چڪو آھي. ۽ 5 آگسٽ وارو ڏينھن بہ اسان لاءِ ھڪ تاريخي ڏينھن بڻجي چڪو آھي.
۽ ڏسجو سالن جا سال گذري
ويندا ۽ 5 آگسٽ وارو ڏينھن بہ وڏي جوش جذبي سان ملھايو ويندو. ۽ نون نون انقلابي نغمن جا البم رليز ٿيندا. ۽ وڏا وڏا نعرا لڳندا.
پر حاصل ڪجھ به نه ٿيندو.
ھون بہ اسان مذمت ڪرڻ خوب ڄاڻون ٿا. ۽ ڪشمير جي عوام کي ڪوڙي تسلي
بہ ڏي ويندا آھيون. تہ اسان
توھان سان ھميشہ گڏ آھيون.
۽ پوءِ اھا تسلي ڪڏھن نغمن جي صورت ۾ ھوندي آھي. تہ وري
ڪڏھن جذباتي تقريرن جي صورت ۾ ھوندي آھي.
ڪافي سالن کان اھيو سڀ ڪجھ ھلندو پيو اچي. پر پوءِ بہ اُنھن اسان کي اڃا
تائین ڪشمير تہ نہ ڏني آھي
نڪو ڪو اقوامہ متحدہ وارن
ڪو خاص قدم کنيو آھي.

باقي خدا ٿو ڄاڻي تہ اسان
جا اھيي رويا وڏا تڪليف ڏيندڙ آھن. اللہ تعالي اسانجي پاڪ فوج ۽ اسانجي سياستدانن کي انقلابي نغمن ، مذمتي بيانن ، ۽ جذباتي تقريرن کان
ٻاھر ڪنڍي. ۽ صحيح معني ۾ ڪشمير جي اينجڊي تي ڪم ڪرڻ ، ۽ بھترين حڪمت عملي جو مظاھرو ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائی
پاڪستان زندا آباد
پاڪ آرمي زندا آباد
hzaheer145@gmail.com
 
Top