ڪرونا وائرس ء پاڪستان جي معشيت وارو ٻيڙو

اڄ جي حق سچ نيوز اخبار ء ڪاوش سنڌ اخبار م چپيل منھنجو آرٽيڪل
11/5/2020

ڪرونا وائرس ء پاڪستان جي معشيت وارو ٻيڙو


تحرير سردار ظھير حسين ملوڪاڻي


  1. ڪرونا وائرس کان زندگي کي بچائڻ ھڪ وڏو چلينج آھي. ليڪن ان کان وڏو چلينج اھيو آھي، تہ دنيا کي واپس ان مقام تي آڻي سگھجي ٿو، جنھن مقام تي ھو ڪرونا وائرس کان پھریان ھئي. ء معشيت وارو ٻيڙو پھرين وانگر ترندو، يا ڪرونا کان بعد م بہ ٻڏل ھوندو.
  2. ويجھڙ واري وقت م تہ اھيو، نا ممڪن ٿو نظر اچي. دنيا م ٻئي نمبر تي وڏي معشيت رکڻ وارو ملڪ چين آھي، چين جي مجموعي قومي پيداوار سال جي شروع واري ٽن مھينن م ست فيصد گھٽجي چڪي آھي. جرمني جي مظبوط معشيت جي باري م اھيو خيال ڪيو پيو وڃي، تہ ھون بہ ٽي کان ڏھ فيصد جي درميان سڪڙيل نظر ايندي، جرمني پنھنجي معشيت جي بحالي لاء پنھنجي جي ڊي پي جو ڏھ فيصد يعني 350 يورو خرچ ڪندو.
  3. جاپان جيڪو ٻئي جنگ عظيم کان بعد م وڏي معاشي بحران کي منھن ڏي رھيو آھي. ان بہ ھڪ کرب ڊالر مختص ڪيا آھن، تاڪ زندگي کي پھرين واري مقام تي بحال ڪيو وڃي.
  4. برطانيہ کي بہ پنھنجي پيرن تي ٻيھر بيھڻ لاء 400 ارب پائونڊ جي ضرورت پوندي. جيڪو سندس جي ڊي پي جو 15 فيصد حصو آھي. دنيام وڏي معشيت رکڻ وارو ملڪ آمريڪا م 40 فيصد غربت وڌڻ جون پيشن گوئيون ٿين پيون. آمريڪا پھريان ئي ٻہ کرب ڊالر جو رليف پڪيج جاري ڪري چڪو آھي، وڌيڪ رليف جاري ڪرڻ جي تياري ڪري رھيو آھي. يورپ يونين پنھنجي رياستن لاء 500 ارب يورو امداد پڪيج جو اعلان ڪري چڏيو آھي. جڏھن تہ سينٽرل يورپين بينڪ جي ميمبر ملڪن کي 750 يورو قرضو بہ جاري ڪندو. آئي ايم ايف 100 ارب ڊالر، جڏھن تہ عالمي بينڪ 150 کان بہ وڌيڪ فنڊز مختص ڪيا آھن، تاڪ ڪرونا کان بعد معشيت واري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.
  5. ڪرونا جي سبب معاشي زبون حالت جي عالمي تناظر م، اسانجو قومي معاشي جو منظر نامو ڇا ھوندو. ء ھن وقت پاڪستان ڪٿي بيٺل آھي؟ ڪرونا کان بعد م پاڪستان کي معاشي ڪيترو نقصان رسندو؟ ان جي ازالي لاء ڪھڙي حڪمت عملي بڻائي وئي آھي؟ انھن سڀني سوالن جا جواب وزير خزانہ تفصيل سان ڏنا آھن.
  6. جنھن جي مطابق، جي ڊي پي جي شرح گذريل سال 4.7 فيصد ھئي. ھن وقت 1.7 فيصد گھٽجي چڪي آھي. لاڪ ڊائون جي سبب اپريل ء جون 2020 جي ٽيڪسن جي وصولي جي شرح م 900 ارب روپيہ جي گھٽجڻ جو انديشو آھي. غربت جي شرح 24.3 فيصد کان وڌي ڪري 33.4 فيصد ٿي سگھي ٿي. بجيٽ جو خسارو 7.4 فيصد کان وڌي ڪري 9.4 فيصد تائين ھليو ويندو. جڏھن تہ پاڪستان انسٽيٽوٽ آف ڊويلپمنٽ اڪنامڪس ھڪ ڪڙوڙو 80 لک ماڻھون بيروزگار ٿيڻ جي پيشن گوئي ڪئي آھي. پاڪستان حڪومت ھڪ کرب 24 ارب روپيہ جو پڪيج بحال ڪيو آھي، جڏھن تہ 5 ارب ڊالر عالمي کان پڻ رليف ملي چڪو آھي
  7. ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جيڪو گذريل سال 10.3 ارب ڊالر ھو، اھو ھاڻ گھٽجي 2.8 ارب ڊالر تي پھتو آھي، يعني ان م 73.1 فيصد ڪمي ٿي آھي. انھي طرح سان مارچ 2020 تائين اسانجي بر آمدات 1.1 تائين وڌارو ٿيو آھي، ء گذريل سال ھي 18.1 ڊالر ھئي، ھن وقت 18.3 ڊالر آھي. در آمدات م ھن سال 16.3 فيصد جي ڪمي ٿي آھي، ھي گذريل سال 39.3 ارب ڊالر ھئي، جيڪا ھن سال گھٽجي 32.9 ارب تي اچي پھتي آھي. تجارتي خساري م بہ 31 فيصد ڪمي ٿي آھي، جيڪو گذريل سال 21.3 ارب ڊالر ھو، جيڪو ھن سال گھٽجي 14.7 ارب ڊالر تي اچي پھتو آھي. ٻاھرين ملڪن مان اچڻ وارو زرمبادلو م 6 فيصد وڌارو ٿيو آھي، جيڪو گذريل سال 16 ارب ڊالر جي مقابلي م ھن سال 17 ارب ڊالر آھي.
  8. ٽيڪس جي وصولي جي شرح م 10.9 فيصد اضافو ٿيو آھي، جيڪو 2982.8 ارب روپيہ کان وڌي ڪري، ھاڻ 3307.4 ارب روپيہ تي پھتو آھي. بجيٽ جي سالانہ خساري م بہ 3.8 فيصد ڪمي ٿي آھي، جيڪا گذريل سال 1922.5 ارب روپيہ کان گھٽجي ڪري، ھن سال 1686.2 ارب روپيہ تي پھتي آھي. ليڪن ان جي با وجود بہ مھنگائي جي شرح م 6.5 فيصد کان وڌي ڪري 11.2 فيصد تي وڃي پھتي آھي. حڪومت جي دعوا آھي تہ ان منھگائي کي گھٽ ڪرڻ لاء 3 لک ٽن ڪڻڪ ڊيوٽي فري در آمد ڪرڻ جي اجازت ڏني آھي. کنڊ جي بر آمدي لاء پابندي عائد ڪئي آھي. سٽنٽ بيڪ کان پيسو نہ وٺنداسين، سرڪاري اخراجات م ڪٽوتي ڪئي آھي. گيس ء بجلي م سبسڊ ڏني آھي، يوٽيلي اسٽورن لاء حڪومت 50 ارب روپيہ جي امداد ڏني آھي، جڏھن تہ ڊسمبر کان بعد م اشيائیہ ضروريہ تي 21 ارب روپيہ جي سبسڊي انھي کان علاوہ آھي
  9. زراعت واري شعبي کي ھن سال 912 ارب روپيہ ڏنيا ويا آھن، جيڪي گذريل سال جي مقابلي م 13.2 فيصد کان وڌيڪ آھن. حڪومت جو اھيو بہ دعوا آھي، تہ ھن معشيت کي گھڻي حد تائين بحال ڪيو ھو، پر ڪرونا اچي وئي. ڪرونا کان پھريان جي ڊي پي م وڌاري جي شرح 3.24 فيصد جي توقع ھئي، پر ھاڻ عالمي سطح تي ڪساد بازاري کان بعد م زرعي پيداوار تہ معمول جي مطابق رھندي. ليڪن ان جي خريداري ء تقسيمي م چلينج ايندا. لارج مينو فڪچرنگ م 4.27 فيصد گھٽتائي ٿيندي. اھڙي طرح سان سروسز سيڪٽر جنھن م ھول سيل، ريٽيل، ٽرانسپورٽ، سٽورج، ء ترسيل وغيرہ شامل آھن. انھن م لاڪ ڊائون جي وجھ سان 2.14 فيصد ڪمي ٿيندي، جڏھن تہ گذريل سال انھي م ترقي جي رفتار 4.7 فيصد رھي آھي. جڏھن تہ جي ڊي پي جي شرح ھن دفعا منفي 1.5 فيصد رھندي، جيڪا گذريل سال 3.29 فيصد ھئي.
  10. ڪرونا جي سبب معشيت م ٿيڻ واري نقصانات جي تناظر م حڪومت آئي ايم ايف کي درخواست ڪئي، تہ ھو ٽيڪس وصولي جو ھدف جيڪو 4.8 کرب روپيہ ڊالر ھو. انھي م لاڪ ڊائون جي سبب نقصانات کان بعد ڪمي ڪري. ڇو جو لاڪ ڊائون جي سبب فقط اپريل کان جون 2020 م ٽن مھينن م ٽيڪس جي وصولي مد م 700 کان 900 ارب روپيہ جي ڪمي ٿي آھي. فقط اپريل 2020 م ٽيڪسن جي وصولي م 16.4 فيصد ڪمي کي ڏٺو ويو آھي. گذريل سال ھن مھيني م اھا شرح 289.9 ارب روپيہ ھئي، جيڪا ھن سال اپريل م گھٽجي ڪري 242.5 ارب روپيہ تي وڃي پھتي آھي. ھن سال مئي تائین ٽيڪس جي وصولي م 3.9 کرب روپيہ جي ڪمي ٿيندي. اھڙي طرح ٽيڪسن جو وصولي م ڪمي ء ڪرونا جي مدادي پيڪج جي سبب بجيٽ خساري جي شرح 7.6 کان وڌي ڪري 9.4 تائين وڃي پھچندي.
  11. پاڪستان جي بر آمدار جيڪا 2019 م 24.8 ارب ڊالر ھئي. ان جو ھن سال 21 کان 22 ارب ڊالر رھڻ جي توقع آھي. ء ٻاھرين ملڪن کان ڪارڪن جيڪا زرمبادلہ موڪليندا ھئا، اھا گذريل سال 21.8 ارب ڊالر ھو، جيڪا ھن سال 20 کان 21 ارب رھڻ جي توقع ظاھر ڪئي وڃي پئي.
  12. اوورسيز ايمپلائمنٽ پرو موٽرز ايسوسي ايشن جي، چيئرمين سرفراز احمد چيمہ ٻڌايو آھي، تہ خليجي ملڪن م 40 لک کان وڌيڪ پاڪستاني آھن. سعودي عرب ڪرونا جي وجھ سان بعض ماڻھن جي پگھار م 40 فيصد ڪٽوتي ڪئي آھي، انھي طرح سان دبئي ء سعوديہ م وڏي تعداد م نوڪريون ختم ٿيڻ جو خطرو آھي. جنھن جي ڪري اتا اچڻ واري زرمبادلہ م 50 فيصد تائین ڪمي ٿي سگھي ٿي.
  13. ڪرونا جي وجھ سان جتي بر آمدات متاثر ٿي رھي آھي، اتي وري در آمدات م بہ خاطر خواہ ڪمي ٿيندي. 2019 م اسان جي دا آمدات جي شرح 52.7 ڊالر ھئي، اھا ھاڻ 40 کان 42 ارب ڊالر جي درميان رھڻ جي توقع آھي. جنھن جي ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جيڪو گذريل سال 13.8 ارب ڊالر ھو، اھو ھاڻ گھٽجي 4.5 ارب ڊالر تي وڃي پنھنچدو. سروسز جي بر آمدات جيڪا پوئي سال 5.3 ارب ڊالر ھئي، اھو اسانجي سروسز جي در آمدات جي نصف آھي، جيڪا 11.4 ارب ڊالر آھي.
  14. آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسي ايشن جي، جنرل سيڪريٽري جنرل رضا باقر چيو آھي، تہ لاڪ ڊائون جي سبب فقط اپريل جي مھيني م اسان جي ٽيڪسٽائل جي بر آمدات نصف رھجي وئي آھي. جيڪا الارمنگ ضروري آھي. پر مثبت ڳالھ اھيا بہ آھي، تہ پاڪستان ٽيڪسٽائل م ھائي ويليو پراڊڪشن بر آمد نٿو ڪري، جنھن م توليہ، بيڊ شيٽين، جراب، وغيرہ شامل آھن. ڪرونا جي تناظر م انھن جا آرڊرز وڌڻ جا امڪان آھن، ء اسانکي نيون مارڪيٽيون بہ ملي سگھن ٿيون.
  15. در آمدات م 50 فيصد حصو ٽرانسپورٽ ء ٽريول جو آھي. جڏھن تہ بر آمدات م ٽيلي ڪميو نيڪشنز، ڪمپيوٽرز، انفارميشن سروسز، سميت متعلقہ شعبي جو حصو 50 فيصد جي ويجھو آھي. اھيي شعبہ ڪرونا جي تناظر م بري طرح سان متاثر ٿيندا.
  16. جڏھن تہ ملڪ جو معشيت وارو ٻيڙو بہ ٻڏڻ لڳو آھي، اتي وري ملڪ م غربت جو پڻ وڌار ٿي رھيو آھي. ڪجھ وقت پھريان غربت جي شرح 24.3 فيصد ھئي، جيڪا وڌي ڪري 33.5 تائین بہ پھچي سگھي ٿي. ڪرونا جي سبب صنعتي شعبي مان ڏھ لک ء سروسز سان ڳنڍيل 20 لک ماڻھون بيروزگار ٿيڻ جو انديشو آھي. جڏھن تہ پاڪستان انسٽي ٽيوٽ آف ڊيويلپمنٽ اڪنامڪس جي مطابق زراعت، صنعت، سروسز جي شعبي ڳنڊيل ھڪ ڪروڙ 80 لک ماڻھون بيروز گار ٿي ويندا.
  17. اي ڊي پي آئي جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر عابد قيوم سلھري چيو آھي، تہ ڪرونا جي ڪري اسانجي معشيت ء پيداواري جي صلاحيت بري طرح سان متاثر ٿي آھي. تيل جي قيمت لاڳيتو گھٽ ٿي رھي آھي. جنھن جي ڪري خليجي ملڪن م موجود اسان جي ورڪ فورسز بيروزگار ٿي ويندي. اگر اسان جي بر آمدات گھٽ ٿي، تہ ھتي فيڪٽرين م ڪم ڪرڻ واري مزدورن جو ڇا ٿيندو؟ ان وڌيڪ چيو تہ انھن حالاتن م اگر اسان پنھنجي معشيت کي بچائي ورتو، تہ اھيا ھڪ وڏي ڪاميابي ھوندي. اسان کي سرحدن تي ڪڙي نظر رکڻي پوندي. اگر اسانجي خوراڪ اسمگل ٿيڻ لڳي، تہ اسانجي ملڪ م غذائي بحران جو خطرو پيدا ٿيندو.
  18. حڪومت ھڪ کرب 24 ارب روپيہ بحالي لاء مختص ڪيا آھن. جنھن م 190 ارب روپيہ ايمرجنسي لاء. 480 ارب روپيہ ڪاروبار ء معشيت ھي بحالي لاء. 570 ارب روپيہ عوام جي فوري امداد لاء، جنھن منجھ 200 ارب روپيہ مزدورن لاء. 150 ارب روپيہ ضرورت مند خاندانن لاء ء پناھ گاھن لاء. پيٽرول ء ڊيزل م رليف لاء 70 ارب روپيہ ء يوٽيلي اسٽورز لاء 50 ارب روپيہ، بجلي ء گيس جي سبسڊي لاء 100 ارب روپيہ مختص ڪيا ويا آھن.
  19. سود (وياج) جي شرح 13.25 فيصد کان گھٽ ڪري 9 فيصد ڪئي وئي آھي. بيڪن جي قرضي جي واپسي کي ھڪ سال لاء موخر ڪيو ويو آھي. بيڪن کي ھڪ کرب روپيہ ڏنو ويندو، تاڪ روزگار آساني پيدا ٿي سگھي. سٽنٽ بيڪ در آمد ء بر آمد ڪرڻ وارن کي قرضي جي فراھمي ڪندي، پاڪستان نئي سرمايہ ڪاري لاء 7 فيصد تي قرض ڏنو ويندو. ڪنسٽرڪشن جي شعبي لاء ھڪ وسيع پيڪج متعارف ڪرايو ويندو. ڪنسٽرڪشن جي منصوبن م فڪسڊ ٽيڪس کي متعارف ڪرايو ويو آھي. بلڊرز ء ڊويلپرزود ھيلڊ ٽيڪسن کان بي نياز ھوندا، ھڪ فيملي گھر ڪيٽل گين ٽيڪس کان بي نياز ھوندو، نئي پاڪستان ھائوسنگ اسڪيم جو 90 فيصد ٽيڪس ختم ڪيو ويو آھي.
  20. حڪومت کي ھن وقت تائین 5 ارب ڊالرن جي امداد ملي چڪي آھي. جڏھن تہ ويھ ملڪن قرضن جي مد 1.8 ارب ڊالر جو رليف مليو آھي. آئي ايم ايف 1.4 ارب ڊالر، ورلڊ بينڪ 1.89 ارب ڊالر، ايشين ڊويلپمنٽ 1.75 ارب ڊالر، جي 20 ء پيرس ڪلب 1.8 ڊالر ڏنا آھن. ان ادارن پاڪستان سميت ستر ملڪن کي قسطن ء وياج جي ادائگي جي مھلت ڏني آھي.

انڊيپينڊنٽ اردو جي ٿورن سان
 
Top