يوم القدس ء اسان اسرائیل کي ڇو مڃو؟

يوم القدس ۽ اسان اسرائيل کي ڇو مڃو؟

سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

فلسطين جو معاملو دنيا جي المناڪ معاملن مان ھڪ آھي. جنھن کي پڌرو ٿيندي، الھي ڪيترا سال گذري ڇڪا آھن. پر ھي معاملو حل ٿيڻ جي بدران، وڌيڪ ڪشادو ڪيو پيو وڃي. صيھوني رياست فلسطين جي زمين تي نا جائز طريقي سان قبضو ڪيو. جيڪو ھن علائقي ۾ ھڪ قسم جو جنگ ۽ بحران جو آغاز ھو. ۽ اھيو سلسلو اڄ تائين جاري ۽ ساري آھي. اسرائيل ۽ ان جا پوئلڳ اڃا تائين ھن مسئلي کي حل ڪرڻ جي بدران ان مسئلي جي دائري کي وڌيڪ پسارڻ ڪري رھيا آھن.
اسرائيل جي نا جائز رياست جي قيام لاء. صيھونيزم پوري دنيا جي يھودين کي گڏ ڪري فلسطين جي زمين تي آباد ڪيو ويو. ۽ ھڪ سازش جي تحت فلسطين جي زمين خريد ڪئي وئي، ۽ فلسطين جي اصل مائروڙن کي دربدر ڪيو ويو، ۽ خانہ بدوشن وانگر زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو.
۽ توھان جي اڳيان اھيو، بہ واضع ھجڻ گھرجي، تہ صيھونيزم ھڪ اھڙي آيڊيالوجي آھي. جنھن جو بنياد يھودي قوم جي مٿانھين تي رکيل آھي، ۽ ان آيڊيالوجي جي بنياد تي، ھو اھيو حق سمجھندا آھن، تہ جتي وڻي اتي حملو ڪيون، جنھن کي وڻي پنھنجو تابعدار بڻايو. ۽ پنھنجي منشا کي حاصل ڪرڻ لاء انسانيت جو رت واھائڻ کي ڪو عيب نہ سمجھندا آھن. اڄ ڪلھ بہ صيھوني عالمي سطح وڏا فعال آھن. ۽ پنھنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاء وڏي سياسي، اقتصادي، ۽ ميڊيا پاور جي ذريعي ڏينھن، رات، پنھنجي مڪارين ۾ رڌل آھن.
تاريخ جي پروڙ مان اسانکي اھيي گوائيون ملنديون، تہ سڀ کان پھريان پاڪستان جي باني، حضرت قائد اعظم محمد علي جناح، اسرائيل کي بي وڙو قرار ڏنو. ۽ اسرائيل جي وجود جي ڪٺن مخالفت ڪئي. ۽ ھي مخالفت برائي مخالفت نہ ھئي، بلڪہ ان جي پويان مھندار پاڪستان جو ھڪ نظريو پڻ ھو.
باني پاڪستان جي علم ۾ ھو، تہ اسرائيل جو نڪري وار ٿيڻ، ارض فلسطين سان ھڪ ظلم آھي. ۽ فلسطيني عوام سان زيادي پڻ ٿيندي. صيھوني رياست جي قيام سان ھن زمين جي قديمي ڪانڌين، يعني فلسطين جي اصلي عوام خانہ بدوش وانگر زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيندي. جڏھن تہ بيت المقدس پڻ ٻئي جو حق ھڙپ ڪندڙ صيھوني رياست جي فوجين جي قبضي ۾ ھوندو.
باني پاڪستان جي انھي نظريي کي، ايران جي انقلاب کان بعد م امام خميني رحمتہ اللہ عليہ عملي جامو پرايو، ۽ پاڻ 7 آگسٽ 1979 م اعلان ڪيائون، تہ ھر سال رمضان المبارڪ جي آخري جمعي کي. (يعني جمعۃ الوداع کي) يوم القدس ڪري ملھايو وڃي، ۽ ان ڏينھن دنيا جا تمام مسلمان اسرائيل جي خلاف، ۽ فلسطيني عوام جي حقن لاء احتياج ء اتحاد يڪتھجي جو اظھار ڪن، ۽ امام خميني رحمۃ اللہ اھيو بہ چيو، تہ يروشلم جي آزادي تمام مسلمانن جو فريضو آھي.
پاڻ پنھنجي ٻئي ھڪ خطبو ۾ چيائون، تہ منھنجي دنيا جي تمام مسلمانن کي اپيل آھي، تہ ھو رمضان المبارڪ جي آخري جمعي کي يوم القدس قرار ڏين، ۽ ان ڏينھن فلسطين جي مظلوم عوام سان پنھنجي يڪتھجي جو اظھار ڪن، ۽ مان تمام مسلمانن کي اھيا، بہ آگاھي ڏيان ٿو، تہ غاصب اسرائيل جي خطري کان خبردار رھو. مسلمانن ۽ اسلامي رياستن کي درخواست ٿو ڪيا، تہ ھن غاصب ۽ ان جي اتحادين جا ھٿ ڪپڻ لاء ھڪ ٻئي سان متحد ٿيو. ۽ ڪنھن پروگرام ۾ بين الاقوامي سطح تي مظلوم فلسطينن سان ھمدردي جو اعلان ڪيو، ۽ اللہ تعالي کان دعا آھي، تہ مسلمانن کي ڪافرن تي فتح ڏي.
ھن ڌرتي جي گولي تي اھيا بہ ھڪ تاريخي حقيقت آھي، تہ دنيا جون ٻہ اھڙيون رياستون (ملڪ) آھن. جن جو بنياد ھڪ خاص نظريي تحت پيو آھي. ھڪ آھي پاڪستان جيڪو مسلمانن جي مسلسل جدو جھد ۽ انھن جي قرباني جو ڦل آھي. ۽ ٻيو آھي اسرائیل جيڪو برطانيا ۽ آمريڪا جي مڪارين جو ڦل آھي.
باقي عنوان جي حساب سان ھڪ سوال پيدا ٿي ٿو، تہ اسان اسرائیل کي ڇو مڃو؟
باني پاڪستان جا کوڙ سارا اھڙا فرمان ۽ خطبات موجود آھن. جنھن ۾ واضع طور باني پاڪستان حضرت قائد اعظم محمد علي جناح. اسرائیل سان واضع طور ڪٺن مخالفت ۽ شديد نفرت جو اظھار ڪيو آھي. پاڪستان جي آزادي کان بعد ۾ باني پاڪستان. پاڪستان جي خارجہ پاليسي تي اگر ڪا خاص ھدايت ڏني ھئي، تہ اھا اسرائيل بابت ھئي. اسرائیل جي بنياد کان بعد ۾ باني پاڪستان ھڪ پاليسي ساز بيان ڏنو ھو، تہ جنھن ۾ پاڻ فرمايائون، تہ اسرائیل ھڪ غاصب رياست آھي، جنھن کي پاڪستان ڪڏھن بہ تسليم نہ ڪندو. 1947 ۾ اسرائیل جي باني ڊيوڊ بن گريون، قائد اعظم محمد علي جناح کي اسرائیل سان سفارتي تعلقات قائم ڪرڻ لاء ھڪ ٽيلي گرام موڪليو ھو، پر باني پاڪستان ڪو بہ جواب نہ ڏنو. ان مان صاف ظاھر ٿي ٿو، تہ پاڪستان اسرائیل سان ڪنھن بہ قسم جا لاڳاپا نٿو رکڻ چاھي.
ان جي ڪري پاڪستان جي حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام. ھر وقت فلسطيني مزاحمت ڪارن لاء طبي، ۽ اخلاقي، مدد ڪئي آھي. ۽ اسرائیل جی خلاف ھمیشہ پنھنجو رويو سخت رکيو آھي.
۽ پاڪستان جي عوام ھر سال مختلف شھرن ۾ ننڍيون ۽ وڏيون ريليون ڪنڍي، فلسطيني مظلومن سان اظھار يڪتھجي ۽ اسرائیل سان بيزاري ۽ نفرت جو اظھار ڪندا آھن.
ھن وقت اگر اسان ايران جي طرف نظر ڪنداسين، تہ ايراني صدر ڊاڪٽر حسن روحاني نجي ٽي وي کي انٽرويون ڏيندي چيو آھي، تہ ڪرونا وائرس جي ڪري، ھن يوم القدس جي ڏھاڙي تي، جلوس ۽ احتياجي ريليون قافلن جي صورت م ڪارن تي ڪنڊيون وينديو. ۽ قافلن جا رستا پاسداران انقلاب جا اھلڪار طح ڪندا.
ٻئي طرف وري اسلامي جھموريہ ايران جي پارليمنٽ جي ميمبر سيد نظام الدين موسوي. فلسطيني عوام تي آمريڪي ظلمن ۽ اسرائیل جي مظالمن جي طرف اشارو ڪندي چيو آھي، تہ فلسطين متعلق سنچري ڊيل ۽ اسرائيل جا خطرناڪ ۽ وحشيانہ ظلمن کي مد نظر رکندي. تمام مسلمانن کي گذارش آھي، تہ اسرائيل ۽ آمريڪا ۽ انھن جي اتحادين سان نفرت ۽ بيزاري جو اظھار ڪن.
مسئلہ فلسطين ۽ يوم القدس جي اھميت جي طرف ڪندي، ان چيو آھي، تہ يوم القدس ھميشہ زندہ رھندو، ۽ ڪرونا وائرس جي ڪري، مسئلہ فلسطين کي ڪنھن بہ صورت ۾ نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. ۽ ان وڌيڪ چيو آھي، تہ مسئلہ فلسطين فقط علامتي مسئلو نہ آھي، بلڪي ھي ھڪ حقيقي ۽ پچيدہ مسئلو آھي. جيڪو ھميشہ زندہ رھندو. ۽ تمام مسلمان ھن وقت فلسطين جي آزادي جا خواھشمند آھن.
 
Top