واه واه هي منهنجو وطن، چارئي ڪنڊُون جنهن جون چمن

سارہ خان

محفلین

واه واه هي منهنجو وطن، چارئي ڪنڊُون جنهن جون چمن،
سَوَ سَوَ منجھس پوکون پچن؛ واهڻ وسيون جنهن جون وسن،
ماڻهو جِتي جا محبتي ، سورهيه سگھارا صحبتي،
سڀ مرد مايون محنتي ۽ قول تن جا قيمتي.

ويهي رُڳو واکاڻجن؛ ٻيلا ٻنيون مَهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

جِت جيڏڙيون جنسار ڪن، سَت سَت رنگا سينگار ڪن،
هٿ مُنهن ڌوئِي هسهار ڪن، تان گس گھٽيون گلزار ڪن،
جلوا ٿا پَسجن جُو به جُو ، سرهاڻيون پڻ سُو به سُو،
دَرشن ٿين جي دُو به دُو ؛ تان ڄڻڪ حورون هُو به هُو.

سبحَانهُ سبحانهُ . . . . ! سي سوڍيون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

سُرما وجھي ، ڏيئي ڦڻيون ، پاڻِي ڀرڻ لاٰءِ پدمڻيُون،
گڏجيو هلن پنج ست ڄڻيون، ”هيڏن ڪنڌن سان“ ڪامڻيون،
ڪن کي لَٿون ڪن وينڊڙا ، سر تِي سمورين سينهڙا،
گُجرن ڀريا پاڻيءَ گھڙا ، ڪن ڪڇ تي ڪن ٻيلهڙا.

هو لاڏ مان لُڏنديون اچن، ڏس لاڏِليون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

جي ٻوليون تِن جون ٻُرن، ٿا چنگَ ڪَر چالُن چرن،
يا ساز ڪنهن تي هٿ سُرن، يا روھ تان برفُون ڀرن،
يَا گيت پيو ڪو ڳائجي ، يَا وَائي پئي ورجائجي،
يَا لهر پئي ٽڪرائجي ، يَا ڪنوار پئي پرڻائجي،

يا چيٽ ۾ چُڻ ڀُڻ ٿيون ڪن، اڄ چاڳليوُن مَهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

خوش ٿِي کٿيرِيون جي کِلن، تان مَاڻڪن جَا مڻ مِلن،
جي ٽول پائِي ٿِيوُن ٽِلن ، تان ساڙ ۾ ڊيلَون جَلن،
هو ديس تان گھوريُون گھُمن ۽ مُلڪ جي مِٽي چُمن،
هو ديس جي خاطر جيئن، ۽ ديس جي خاطر ڄَمن

شل جيئنديون ٻئيِ جُڳ رهن، هي جوڌيون مَهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

ڳڀرو اَچن ڳاٽن سان جت ، ڏوٿي اُڀن ڏاٽن سان جت،
گھوٽيا گھمن گھاٽن سان جت، ۽ گھوٽ گھوٻاٽن سان جت،
اوڍيو گھُمن سِي اجرڪون ، ٽوپين تي موتِي ۽ ٽِڪُون،
ڇا پُت بَدن جون بيهڪوُن، ٿا سرءَ جون لاهين سِڪُون.

اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين اڪثر اَميون مَهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

جن جا جنگي ۽ جوان پُٽ ، ڳاڙها جيهاَ حُلواڻ پُٽ،
رانديون ڪُڏن رت ساڻ پُٽ ، سرويچ پُٽ سرواڻ/size]

سرويچ سجاولي
 
Top