هم ايڪ هين!

هم ايڪ هين!

امر جليل

اوهين سوچيندا هوندا ته هڪ شخص جيڪو گشا هڻندو هو، ڪوڙ ڳالهائيندو هو ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو هو، سو ڪوڙو ڪيڏانهن گم ٿي ويو؟ سنڌ وانگر گدڙ ته نه کائي ويس؟ يا، گشا هڻندي سڌو وڃي شڪارپور کان نڪتو؟

جيئن اسان سڀني جي شڪل هڪٻئي کان مختلف هوندي آهي، تيئن اسان جي سوچ به هڪٻئي کان ڌار هوندي آهي. اوهان مان ڪجهه دوستن شايد اهو به سوچيو هجي ته موجوده ماحول ۾ مان وڃي اسلام آباد کان نڪتو آهيان ۽ ايوان اقتدار جي اوسي پاسي نوس نوس ڪندي ڇوٽو موٽو صلاحڪار ٿي پيو آهيان! مون ويجهڙائي ۾ جمبو جيٽ ذريعي ڪراچيءَ کان اسلام آباد جو سفر ڪيو هو. جمبو جيٽ ۾ ٻن پائلٽن ۽ ڏهن کُٿل ٿڪل ۽ بيزار ايئر هوسٽسن کي ڇڏي، ڪل چار سئو پنجاهه مسافر هئا. انهن مان چار سئو اُڻونجاهه ڄڻا صلاحڪار، صلاحڪارن جا صلاحڪار، ۽ راڳ درٻاري ڳائڻ ۾ مهارت رکڻ وارا فنڪار هئا. چار سئو پنجاهون ڄڻو هڪ ڪوئو هو جيڪو بريانيءَ جي دٻي ۾ ويهي جمبو جيٽ ۾ داخل ٿيو هو، اهو ڪوئو مان هوس.

مون هڪ وڏي مهم سَرِ ڪرڻ لاءِ اسلام آباد جو رخ ڪيو هو، مون کي خبر ملي هئي ته هڪ ببر شير اُتي ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي. پنهنجن ابن ڏاڏن جي روايت برقرار رکڻ لاءِ مون فيصلو ڪيو ته مان ڪيئن به ڪري اسلام آباد ويندس ۽ ڄار ڪُتري يعني ٽُڪي، شينهن کي آزاد ڪرائيندس، پر مان ايئن ڪري نه سگهيس.

اسلام آباد ۾ وڏي جاکوڙ کانپوءِ جڏهن ڄار ۾ ڦاٿل شينهن تائين پهتس ته منهنجيون وايون بتال ٿي ويون. ڇا ٿو ڏسان ته ڄار ۾ شينهن بدران هڪ گدڙ ڦاٿل هو. گدڙ خارش زده ۽ خسيس هو ۽ کيس پُڇ به نه هو! مون ڄار ٽڪي خارش زده گدڙ کي آزاد ڪرائڻ مناسب نه سمجهيو ۽ ڪراچيءَ موٽي آيس. اها هئي ماضي قريب استمراريءَ جي ڳالهه هاڻي مان اوهان کي ماضي عنقريب استمراري جي ڳالهه ٿو ٻڌايان جنهن ۾ مان سچ پچ اسلام آباد پهچي ويو هوس.

مون کي پنهنجي جاسوسي نظام ذريعي خبر ملي هئي ته هن دفعي سينيٽ جي ڪجهه خالي سيٽن لاءِ سنڌ جي ڪوٽا تي پنجاب جا ماڻهو کنيا ويندا. مان اچرج ۾ پئجي ويس، مان جڏهن به اچرج ۾ پوندو آهيان تڏهن چرچ ۾ وڃي ويهي رهندو آهيان ۽ پنهنجي مجهول مغز لاءِ مغفرت جي دعا گهرندو آهيان. مون سان وڏي ويڌن اها آهي جو ڳالهه مون کي يا ته سمجهه ۾ ايندي آهي، يا سمجهه ۾ نه ايندي آهي. مان منجهندو ناهيان، وسوسن ۾ نه پوندو آهيان، پر اهو پهريون ڀيرو هو جو سينيٽ ۾ سنڌ جي سيٽن تي پنجاب مان اميدوار بيهارڻ واري ڳالهه ٻڌي مان منجهي پيس. ايئن سئو سيڪڙو صحيح آهي ته سنڌ گدڙ کائي ويا آهن، پر منهنجو موڳو مغز اها ڳالهه مڃڻ کان نابري واري بيٺو ته سنڌ جي ساڃاهه وندن کي به گدڙ کائي ويا آهن. وري خيال آيو ته سنڌ جي عالم، اڪابرن ۽ ٽيڪنوڪريٽس کي جيڪڏهن گدڙ کائي نه سگهيا آهن ۽ حال حيات آهن ته پوءِ سينيٽ ۾ سنڌ جي سيٽن لاءِ پنجاب مان ماڻهو ڇو امپورٽ ڪيا ويا آهن؟

پنجاب اسيمبليءَ ۾ سنڌ جو ڪو ماڻهو ڪونهي. سينيٽ ۾ پنجاب جي سيٽن تي ڪو به سنڌ جو ماڻهو ويٺل ڪونهي. سرحد اسيمبليءَ ۾ سڀئي ميمبر پٺاڻ آهن. سينيٽ ۾ سرحد جي سيٽن تي پٺاڻ ويٺل آهن. بلوچستان جي اسيمبليءَ ۾ اتان جي لساني تقسيم مطابق اڌ ميمبر پٺاڻ ۽ اڌ بلوچ آهن. ساڳي ورڇ هنن لاءِ سينيٽ ۾ بلوچستان جي سيٽن تي ٿيل آهي. سنڌ اسيمبلي ملڪ جي واحد اسيمبلي آهي جتي سڀني صوبن جا ماڻهو ويٺل آهن. سنڌ جا اصلوڪا باشندا اقليت ۾ بدلجي ويا آهن. هينئر ته ڪراچيءَ تي پٺاڻن جي دعويٰ هلي رهي آهي! چيو اٿائون ته ڪراچي اسان جو شهر آهي!

اصل ۾ مان اسلام آباد پنهنجا مونجهارا دور ڪرڻ ويو هوس. ٻڌو هيم ته اُتي عقل جا اڪابر ۽ سياست جا سونهان ويٺل آهن. ڪشالا ڪڍڻ ۽ وڏي جاکوڙ کانپوءِ ٿنڪ ٽينڪ جي ڪجهه ميمبرن سان ملڻ جو موقعو مليو، جن جي پنهنجي پرائيويٽ ٽينڪ ليڪ Leak هئي ۽ هو پنجن پنجن منٽن ۾ واش روم جو چڪر هڻي پئي آيا. هنن مون کي نه ٻڌڻ جيترو ٻڌو ۽ مون کي پنهنجيون ڳالهيون ٻڌايون.

ڪراچي موٽي اچڻ کانپوءِ مون محسوس ڪيو ته مان منجهيل، وڌيڪ وسوسن ۾ ويڙهجي موٽيو هوس. مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته رڳو ڪراچي مني (Mini) پاڪستان ڇو ٿو پيو آهي؟ لاهور، ڪوئيٽا ۽ پشاور مني پاڪستان ڇو نه ٿي سگهيا آهن؟ ڇا يڪجهتي جو مطلب اهو آهي ته ”هم ايڪ هين“، جو نعرو هڻي ٻين صوبن جا ماڻهو هڪ صوبي، سنڌ جي وسيلن، اپت ۽ خوشحاليءَ تي ٽٽي پون؟

ساڳي ويڌن ”هم ايڪ هين“ جو نعرو هڻڻ وارن مشرقي پاڪستان سان ڪئي هئي. سندن استحصال جو جبر تڏهن ٽٽو جڏهن 1971ع ۾ مشرقي پاڪستان بنگلاديش ٿي پيو، ”هم ايڪ هين“ جو نعرو هڻڻ وارن کان جند ڇڏائي بنگلاديش هن وقت اقوام متحده جي ترقي ڪندڙ ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان کان ڏهه ٻارنهن ڏاڪا مٿي آهي. گهر ۾ گنجائش هجي، خوشحالي هجي ۽ در کليل هجن ته پوءِ اهڙي گهر ڀرجڻ ۾ دير نه لڳندي آهي. وِت کان ٻاهر ڀرجي وڃڻ کانپوءِ اهڙي گهر ۾ ڏڦيڙ، ڦڏا ۽ فساد پيدا ٿي پوندا آهن. اوهين سوچيندا هوندا ته مان هينئر لکندس، ”جيئن سنڌ ۾ ڦڏا ۽ فساد ٿي رهيا آهن“.

اهو سراسر غلط آهي. سنڌ ۾ امن امان آهي، شينهن ٻڪريءَ جو يار، ۽ گهوڙو گڏهه جو بار ڍوئي رهيو آهي. اهي ڳالهيون مون کي منهنجن صلاحڪارن ٻڌايون آهن. اجهو هينئر، جڏهن هي سٽون مان اوهان لاءِ لکي رهيو آهيان هڪ صلاحڪار سرٻاٽن ۾ ٻڌايو آهي ته تمام جلد صوبن کي خودمختياري ڏني ويندي. اصولي فيصلن ۾ اهو به طئي ڪيو ويندو ته هڪ صوبي جي وسيلن تي نوڪرين چاڪرن ۽ ڪاروبار تي خالي پيل زمين تي ٻين صوبن جا ماڻهو بنا روڪ ٽوڪ جي ڪاهه نه ڪندا. ”هم ايڪ هين“ جي سزا رڳو سنڌ کي ملڻ نه گهرجي. اوهين اجايو پريشان نه ٿيو، پنهنجي ننڊ نه ڦٽايو. هڪ گشئيءَ جي گَشن تي اعتبار نه ڪريو، کائو، پيئو ۽ موج ڪريو، هڪ ايڪ اهين!

Courtesy: affair
 
Top