استاد بخاري جي شاعري

سارہ خان

محفلین
س۔۔ن۔۔ڌ وارن لاٽ ڪ۔۔۔ا ٻ۔۔۔اري ڇڏي،
پنهنجي جيجل جي زبان جياري ڇڏي،
ڇا به ٿئ۔ي پ۔۔ر روش۔ن۔۔ي م۔۔۔رڻ۔۔ي ن۔۔ه آ،
پنهنجي پ۔ر ۾ ڪن گھرن ماري ڇڏي
 

سارہ خان

محفلین
روپ جن ج۔ا آس۔مان جھڙا هُئا،
نانَ۔۔و ب۔۔ي گ۔جگوڙ وانگر پي سُئا،
واءَ آن۔۔دا واءِ ت۔۔ي ڌَڪ۔ج۔ي پي۔۔ا،
پيو پَتو ڪي موسمي بادل هئا.

 

سارہ خان

محفلین
سچ ۔۔۔ سورج کي ڪهڙي پروا،
پاڇ۔۔۔۔۔ولا ل۔۔۔۔ڙن۔۔دائ۔۔ي ره۔۔ن۔۔دا.
ساٿ۔۔۔ي کل۔۔ن۔دا ڪڏندا وڌندا،
ساڙولا س۔۔۔۔ڙن۔۔۔دا ئ۔۔۔ي ره۔۔ن۔۔دا
 

سارہ خان

محفلین
ڪاميابيءَ جي مٺي م۔اکي چ۔ک۔۔ڻ،
ڪجھ ڏکي آ، ڏنگ جھلڻا ٿا پون.
م۔ن۔۔۔۔زل۔۔ن پاس۔۔ي وڌڻ س۔۔ؤک۔و نه آ،
ه۔ر قدم ت۔ي ونگ ڇِ۔ن۔۔ڻ۔ا ٿا پ۔۔۔ون.

 

سارہ خان

محفلین
پ۔۔۔۔وک، م۔۔۔۔زدوري، ه۔۔ن۔۔ر، ڌن۔۔۔۔ڌو، پ۔۔۔۔ڙه۔۔۔و!
رات توڙي ڏينهن مڙسيءَ سان ڪمايو دوستو!
جھنگ ۾ پکڙي وڃو ۽ شهر کي چُهٽي وڃ۔و،
پنهنجي ڌرتيءَ تي قدم پنهنجا ڄمايو دوستو!

 

سارہ خان

محفلین
ڏيل ڏسڻ سان ڏڪڻي ورتئه، آمر اندر اڳتي آهي،
واچوڙي ۾ هوش ڦري ويئه، اڻ جھل اوٿر اڳتي آهي.

مينهن وسي ٿو قطرا قطرا، ڍنڍون ڍورا بخرا بخرا،
منڇر کي ٿو ماپين بيٺو، سنڌو، ساگر اڳتي آهي.

ٿوري اڀڪڀريءَ تي چڙهندي اڀساهي ٿي پئي آ توکي،
پڌري پٽ تي ٿيڙ ٿو کائين، اوجھڙ اوڪر اڳتي آهي.

دوزخ ڇا تخريب ته آهي جنت پئي تعمير ٿئي،
آدم خود يزدان ٿئي پيو اعلى اوسر اڳتي آهي.

هو مندر تي موهت ٿي پيو هي مسجد وٽ رڪجي بيٺو،
وڌندو هل استاد بخاري، دلبر جو در اڳتي آهي.

 

اکبر لاکھو

محفلین
وجهو ڊوڙ هيڏي، اچو سڀ وڌي!

رني ڪوٽ مان تاج تختي لڌي،

پڙهو ڌيان سان ان جا سونا اکر،

لکيل لفظ آهن ته ”سنڌي .. ٻڌي“

 

اکبر لاکھو

محفلین
تکو هوندو ته ڄڻ ڏاٽو تِکو هوندو،

مُڏو هوندو تڏهن بي مترڪو هوندو،

لکيو جيڪو بخاريءَ چوء سٽو هوندو،

فضا ۾ ڦڙڪندو ڳاڙهو جهَنڊو هوندو!
 

سکون

محفلین
ڪيئن به ڪري پر آوازن کي جاڳايو،
ماڻهن سان نه ته ڳلين سان ئي ڳالهايو.

خاموشيءَ جي مُهر لڳي ڇو محفل کي،
نغما، ناهن نوحا ئي پر ڳارايو.

صبر متان ٿي سڪتو پئي ۽ سڪتو موت،
ڪنهن به طريقي ساٿي تن کي تڙپايو!

تحريڪون نه ته تدبيرون، نه ته تجويزون،
ڪجهه ته بکارين تاريخين کي کارايو!

شعلا شعلا وَتي ٿو ورڇيندو،
اونداهه آ ”استاد بخاري“ آڻايو​
 

سکون

محفلین
اسان هون سپاهي، او ڀٽائي، تنهنجي سنڌ جا،


اسان هون سپاهي، او ڀٽائي، تنهنجي سنڌ جا،
درازيءَ جي ديس جا، سنائيءَ جي سنڌ جا.

عزم عنايت سچ سگھارو، برک بلاول، حيدر پيارو،
اِهي پيارا پيارا ماڻهو، پياري پياري سنڌ جا.

ڪوٺَ ڪنائي پورهيت جاڳيو، جرئت جاڳي، رتَ ستَ جاڳيو،
جاڳي پيا جيالا سارا، هاري ناري سنڌ جا.

ڌرتيءَ ڄايا پيا گڏجي سڏجي، سچ جي سڏ تي پرچي سرچي،
جوڙيون پيا نِڪورا خاڪا، آجي آجي سنڌ جا.

سورج وانگي چمڪي سنڌڙي، جُڳ جُڳ ۾ جيئي سنڌڙي،
هجن هر زبان تي نعرا، صبح، سانجھي سنڌ جا.

جنت ڪاڇو ۽ ٿر آهي، ڪوثر منڇر، ڪينجھر آهي،
وڻن ٿا نظارا ڏاڍا سُهڻي سُهڻي سنڌ جا.

سنڌڙي جندڙي پياري پياري، عشق منجھان استاد بخاري،
ويٺا گيت ٺاهيون ۽ ڳايون، مِٺي پنهنجي سنڌ جا​
 

سکون

محفلین
استاد بخاري

اک اک سان وک وک سان ڪئين سُورَ سَلي ٿي پئي،
جنهن جنهن دل ۾ جھاتي پايون جوت جلي ٿي پئي.

هڪ سرتيءَ تان ٻيو ڌرتيءَ تان سڀ ڪجھ صدقي آ،
ڳليءَ ڳليءَ هي ڳوٺاڻن ۾ ڳالهه هلي ٿي پئي.

ديس مٿان جنهن سيس سُهايو سا ته سهاڳڻ ٿي،
سون مٿان جنهن سيڻ مَٽايا، نيڻ مَلي ٿي پئي.

پِرهه ڦُٽيءَ سان تارو تارو ڦَٽَجي ڦَهه ٿي پيو،
رات رليءَ کي مات مِلي وئي، بات بَلي ٿي پئي.

سرمد وارو دور ڪٿي آ، سياڻو ٿي استاد،
پريت اڄوڪي، ڏاڍي اوکي، چال چلي ٿي پئي.​
 

سکون

محفلین

استاد بخاري

آئ۔۔ي آه۔۔ي، س۔ن۔ڌ جي سُگھڙن سُچيتن ۾،
اِجھو سرويچ هڪ۔۔ڙي م۔۔ان س۔۔وي۔۔ن سرويچ ٿي ويندا.
ڇَٽيو ج۔و ٻھَ۔۔ڳُ۔ڻي ٻ۔۔ج ٻُ۔۔وجھ ج۔۔و آهي ڌي۔ان۔ن ۾،
سو اهڙي ريت وڌندو جو ڪڻي مان ڪيچ ٿي ويندا



اسان جي زندگي، هڪ سونهن جو سنسار بي آهي،
اسان ج۔۔ي شاعري، ڪنهن پيار جو پرچار بي آهي.
اسان ج۔۔۔ي هر گھڙي تقدير جون تختيون لکي ويٺي،
اسان ج۔۔۔۔۔ي زندگ۔۔ي تح۔۔ري۔۔ر ج۔۔و مينار ب۔۔ي آه۔۔ي
 
س۔۔ن۔۔ڌ وارن لاٽ ڪ۔۔۔ا ٻ۔۔۔اري ڇڏي،
پنهنجي جيجل جي زبان جياري ڇڏي،
ڇا به ٿئ۔ي پ۔۔ر روش۔ن۔۔ي م۔۔۔رڻ۔۔ي ن۔۔ه آ،
پنهنجي پ۔ر ۾ ڪن گھرن ماري ڇڏي

well Sara, once again i am very much thankful to you for bringing such a nice and matured poetry at this forum, unfortunately i am unable to use the given keyboard, anyways keep bringing such a nice imortal Sindhi literature
 
حوصله افزائي ڪرڻ جو شڪريه ڊاڪٽر صاحب ...:)

well Sara Thank you too ..... its our misfotune that Sindhi literature is still awiating to appreciated.... just see below a Ghazal which is actually a simple translation of under discussion poet....

جب خدا ہی نہیں پھر فائدہ کیا ہونے سے
میرے ہونے کا تو مصرف تھا خدا ہونے سے

سانس ہی جب نہ بچے گا تو پھر اسے حسرت دل
کیا بچے گا جو بچا لیں گے فنا ہونے سے

جب خلا پر نہ ہوا موت سے بھی خوف سے بھی
میں خدا ہوگیا سینے میں خلا ہونے سے

کائنات اور ہے کچھ اور کہ یہ ہنگامہ
نہ تو کرنے سے ہو اور نہ ہوا ہونے سے
 

فرخ منظور

لائبریرین
یونس صاحب بخاری صاحب کا اچھا ترجمہ پوسٹ کیا - بہت شکریہ - معزرت چاہتا ہوں کہ سندھی میں‌داد نہیں‌دے سکا -
 
Top