(آڪاش انصاري

الستی

محفلین
خانن ۽ سردارن جي نانء
اچ ته شجرو ڳولھيون ۔ خانداني تون يا مان ۔

منهنجا وڏا،
هاري هئا،
ڪنڀار هئا،
لوهار هئا،
رازا هيا،
واڍا هيا،
جھانگي هيا،
جونجهار هئا،
ڪلهه جڏهن هن ديس تي مانگر مڙيا،
منهنجا وڏا گڏجي وڙهيا،
ڪن ترارين کي وڃي پاڻي ڏنا،
ڪن وڃي ڀالا گھڙيا.
ڪن ڪهاڙين کي ٺپيو،
ڪن رنيءَ جي ڪوٽ کي،
پنهنجي لهوءَ سان پئي لپيو،
ڪنهن روپلي جو، روپ ڌاري،
ڪنڌ ڪاتر ساڻ، قاتل جو ڪپيو،
ڪنهن وري هوشوءَ جيان.
داءُ هر دشمن سندو،
پنهنجي جوشن تي جھپيو.
تنهنجا وڏا..! ڀوتار هئا،
رئيس هئا، خان ۽ سردار هئا،
جن غاصبن جي گر لڳل،
گھوڙن سنديون ميڙيون لڏون،
خوش ٿي کلي، تن کي هنيا پئي کرکرا.
مارين جون، تن ڪيون پئي مالشون،
ڪنڌ قدمن تي رکي، ڪله ڪيون پئي ڪرنشون،
ڏينهن ۾ ڏه ڏه دفعا،لانگ بوٽن کي لڪي،
پنهنجي زبانن سان ڪيون پئي پالشون.
منهنجي وڏن کي ڏوهه ۾، ترم، تعزيرون مليون،
تنهنجي وڏن کي ڊوه ۾ ، جس ناما، جاگيرون مليون،
جنهن ڪري اڄ تون وڏيرو، خان ٿو سڏجين ميان!

اچ! هلي ٿا سنڌ کان شجرو پڇون!
خانداني تون، يا مان!؟

اڃ به پوڙهو پيءُ منهنجو،
هر ۾ هڪڙي هٿ سان،
ڌرتي جو،
سينو ٿوسهڪائي سگھي،
۽ منهنجو لوهار ڀاءُ،
لوهه سان،
ٿو لوهه جي لهجي ۾ ڳالهائي سگھي.
اڃ به مٺڙي ماءُ منهنجي،
هڪ رليءَ جي پڙ مٿي،
سارو ستارن سان جڙيل،
ٿي آسمان لاهي سگھي!

ڳوٺ ۾ اڄ پڻ هلن ٿيون ڳالهيون،
تنهنجي ابي، شاديءَ سوا،
ست ست سريتون پاليون،
تون خبر...ڪهڙيءَ منجهان!؟
اچ! هلي ٿا سنڌ کان شجرو پڇون!
خانداني تون، يا مان!؟
 
Top