تنھنجي من ۾ منھنجو ديرو، منھنجي ۾ تنھنجو آکيرو
تون منھنجي آن توڙي اجلي، مان تنھنجو ھان توڙي ميرو
رات گذاريون روئي روئي، ھتي نھ آھي پنھنجو ڪوئي
ڪڏھن پرين پرديسي منھنجا، ٿيندو آخر صبح سويرو
راڳ ۾ ڪنھن ھي آڳ ڀري آ، ساري جڳ جي جاڳ ڀري آ
ڄڀيون لڳيون ڄرڪڻ جو من ۾، جلڻ لڳو جو آھي جيرو...