محبت رکيو پنهنجو معيار ڪٿ ڪٿ،
نظر ايندا اڄڪلهه وفادار ڪٿ ڪٿ.
زمانو سڄو حُسن جي پويان آتو،
دلن جا ٿا ڏسجن خريدار ڪٿ ڪٿ.
عجيب و غريب آهي دستور دنيا،
گلن کان مٿي ٿا ٿين خار ڪٿ ڪٿ.
مچايو آهن ويٺا مچ عاشقي جو،
گو، ٻڌبا برهه وارا بيمار ڪٿ ڪٿ.
اکين هوندي نابين هر هنڌ آهن،
اکين هوندي هشيار و بيدار...