تعارف گڏ ھلڻ جون حسرتون رھجي ويون

غزل/ ظھيرحسين

گڏ ھلڻ جون حسرتون رھجي ويون
تونکي چمڻ جون حسرتون رھجي ويون

جڏھن کان خط جو جواب ڏيڻ چڏيو آ تو
خط لکڻ جون حسرتون رھجي ويون

مونکي چڏي ھليو وئين دريا جي ان پار
تونکي ڏسڻ جون حسرتون رھجي ويون

تو سوچيو ڪئين تو بغير جيئندس مان
بس جئيڻ جون حسرتون رھجي ويون

تون نہ چيو ھو ملنداسين پاڻ ٻئين
ظھير ملڻ جون حسرتون رھجي ويون
 
Top