ڪشميري ۽ فلسطيني ٻارڙا

ھي معصومن جا رت ڦڙا
ڪرندا غاصبن مٿان ٿي ڳڙا
امن جي وادي رت سان رڱيل آھي
ڪا جاء نہ لانگ بوٽن کان رھيل آھي
جنت نظير لھو سان تر ٿي وئي
ھن ڏاڍ تي ڌرتي بہ روئي پئي
ھي پاڪ ۽ پوتر فضا
دونھين سان ڀريل آ
ساھ کڻڻ ٿيو مشڪل
دم گھٽجي ٿو ھر پل
اي مسملمانو! بيدار ٿيو
منھنجي ديس کي آزاد ڪيو
وطن ۾ آزاد ڪبوتر جيان
پيار ۽ امن جا گيت ڳايان

15 مارچ 1997

منھنجو بلاگ
 
Top