ڪرونا وائرس قدرتي وبا يا ھڪ وڏي سازش

اڄ جي حق سچ نيوز پيپر م، چپيل منھنجو آرٽيڪل

4/5/2020

ڪرونا وائرس قدرتي وبا يا ھڪ وڏي سازش

سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

چين جي شھر ووھان کان شروع ٿيندڙ ڪرونا وائرس،ھڪ خطرناڪ وبا ٿوري عرصي م پوري دنيا کي پنھنجي پڪڙ م آڻي چڏيو. ء ھن وبا جي ڪارڻ مرڻ وارن انسانن جي انگن م ھر روز وڌارو ڏسڻ م پيو اچي، ء ھر روز ھن پرٿوي جي تمام ملڪن جي ننڊين کان وٺي وڏين اسپتالن م الھي ڪيترا نوا ڪيس رجسٽر(درج) پيا ٿين.

برحال ڪرونا وائرس جو سڄي دنيا م ڦھلجڻ. ء ھن پرٿوي جي انساني آدم شماري جي انگ کي گھٽائڻ. ء ملڪن جي بادشاھن طرفان ھڪ ٻئي تي الزامن جي ڏي وٺ ڪرڻ. جنھن جي ڪارڻ پڙھيل ء سلجھيل طبقي ئي نہ، پر ھڪ عام انسان جي ذھن م الھي ڪيترن سوالن ھن خطرناڪ وبا جي ڪري جنم ورتو آھي. ء ڪجھ وري انسانن جا ذھن ھن وبا کي ھڪ عالمي سازش پڻ قرار ڏين ٿا.

مان پنھنجي ھن ڪالم جي شروعات، ڪجھ سازيشن ء ڪن الزامن تان شروع ڪيان ٿو،

ڪجھ ڏينھن پھريان آمريڪي صدر ٽرمپ پنھنجي ٽوئٽر واري اڪائونٽ تي ھڪ بيان جاري ڪيو ھو، تہ ڪرونا وائرس اصل م ھڪ چيني وائرس آھي. ء امريڪي صدر ھن وقت بہ پنھنجي انھي بيان ثابت قدم ء قائم آھي. ڪجھ ذريعن موجب، چين جي انتظاميہ آمريڪا مٿان اھيو الزام مڙھيو آھي، تہ آمريڪي فوج ووھان آئي ء انھن جي وڃڻ کان بعد م ھن وبا جو ووھان شھر م پکيڙڻ شروع ٿيو. ء ٻئي طرف وري روس انتظاميہ اھيو بيان جاري ڪيو، تہ ھانگ ڪانگ جي مظاھرن کي پنھنجي وس م ڪرڻ لاء، چين ء سائوٿ ڪوريا ھن بائیو لوجيڪل ھٿيار کي استعمال ڪيو آھي. ء ڪجھ ذريعن موجب ايران جي سابقہ صدر محمود احمدي نجاد، نو مارچ تي اقوامہ متحدہ انتظاميہ طرف ھڪ خط لکيو، جنھن م ھن اھيو موقف ظاھر ڪيو، تہ ھن وائرس کي ليباٽري م ٺاھيو ويو آھي، ء دنيا جا ڪجھ وڏا ملڪ ننڊن ملڪن کي پنھنجي قبضي م ڪرڻ لاء، ھن وائرس کي پنھنجي ڪتب م آڻين پيا . ء ڪجھ ٻيا ملڪ چون ٿا، تہ سوائن فلو، سارس فلو، ڪرونا وائرس کي ان ڪري آندو ويو آھي، تاڪي انھن جي بچائو جا ويڪسين با قائدگي سان وڪامجي سگھجن. ء ڪجھ ذريعن موجب اسرائیل م ڪرونا وائرس جي ويڪسين آخري مرحلن م آھي.

ليڪن اصل م انھن سڀني ڳالھين جا ٽي اھم ء مکيہ پھلو آھن. جن جي ڪارڻ ھي سڄي ڪھاڻي شروع ٿئي ٿي،

ھڪ 2011 م رليز ٿيل ھڪ ھالي ووڊ جي فلم، جنھن جو نالو contagion جنھن جو ڊائڪٽر steven andrew sodebergn آھي. جنھن جي ڪھاڻي ڪجھ ھن طرح سان آھي. ان فلم پيلٽرو عورت جي ڪردار کي ايم اي ون جي نالي سان ھڪ وائرس. جیڪو ھانگ ڪانگ جي شيف نالي ھڪ ڪردار مان لڳي ٿو. شيف کي اھو وائرس ھڪ ذبع ٿيل ھڪ سور مان لڳي ٿو، سور کي وري اھو وائرس ھڪ چمگادڙ (چمڙي) مان لڳي ٿو. ان کان بعد م بيلٽرو گھر واپس اچي ٿي ء سخت بيمار ٿئي ٿي، ء ڪجھ ڪلاڪن کان بعد م مريو وڃي، ء انھي عورت جو ھڪ ٻار بہ ان وائرس جو متاثر ٿئي ٿو جيڪو پڻ گذاريو وڃي ٿو. ء ھن ڪرونا بابت بہ شروع واري ڏھاڪن اھيي خبر ھليو، تہ چين جي شھر ووھان کان شروع ٿيندڙ ڪرونا وائرس، بہ جانورن کان انسانن جي طرف منتقل ٿيون. ھن فلم کي موجودہ حالاتن سان ان ڪري ڀيٽيو وڃي ٿو.جڏھن ھن فلم جي اداڪارہ گيونيٿ ھڪ حرڪت ڪئي. 26 فيبروري تي آمريڪي اداڪارہ ٽرانز لانٽڪ جي جھاز، تي ماسڪ پائي ھڪ تصوير کي انسٽاگرام تي شيئر ڪيو. جنھن جي پوسٽ م ان لکيو. تہ پيرس جي رستي م محتاط، ھوشيار، خوفزدہ،پرسڪون، ھي وبا پيلٽرو جي پروگرام تحت اڳتي وڌندي.

ٻيو مکيہ پھلو. سڀني جي اڳيان تہ واضع ء روشن ھوندو، تہ 1993 م جاپان جي ھڪ اداري ڪيپڪام جي مالڪ پنھنجي ملازمن کي حڪم ڏنو، تہ ھڪ وڊيو گيم ٺاھي وڃي، جنھن جو نالو بائیو ھيزرڊ رکيو وڃي. ء ھن وڊيو گيم م ھڪ دوا ساز ادارو پڻ شامل ھوندو آھي. جنھن اداري جو بنياد 1968 م برطانيہ جي ھڪ شھر م ايڊورڊ ايشفورڊ ء آسويل سپينسر وڌو ھو. ھي ھڪ لميٽڊ ڪمپني ھوندي آھي، جيڪا ميڪ اپ ء بيوٽي پالر م ڪم ايندڙ شيون ٺاھيندي آھي. جنھن م صابڻ، ڪريم، ء وغيرہ وغيرہ. ليڪن ڳجھي (لڪيل) طريقي سان، ھن ڪمپني جو سڄو ڌندو، جينيڪ انجينئر سان ھلي ٿو، جنھن کي اسان آسان لفظن م بائیو آرگينگ ھٿيار پڻ چئي سگھون ٿا. يعني ھن اداري جو سڀ ڪم وائرس کي ھٿيار طور استعمال ڪرڻ ھوندو آھي. ھڪ ڏينھن اوچتو ھي ليباٽري ھڪ خطرناڪ جراثيم کي ٺائڻ م سوڀارو ٿي وڃي ٿي. ء اھو جراثيم زندہ انسانن سان گڏو گڏ انھن انسانن تي پڻ اثر ڪري ٿي. جن انسانن کي مرڻ کان بعد م ٻہ يا ٽي ڪلاڪ گذريا ھجن، ء انھي وائرس جو نالو ٽي وائرس ھوندو آھي. ھڪ ڏينھن اھيو وائرس ليباٽري جي ڪجھ ملازمن جي بي پرواھي جي ڪري، ليباٽري م ڦھلجي ويندو آھي، ء اھيو وائرس فقط ليباٽري تائين محدود نٿو رھي، بلڪي دنيا جي ڪجھ حصي تائين ڦھلجي وڃي ٿو، ء اھيو وائرس انسان کي زومبي جھڙي خطرناڪ بلا م تبديل ڪري چڏي ٿو، ان کان بعد آمريڪا انتظاميہ حرڪت م اچي ڪري، ان ليباٽري جا سڀ اثاثا منجمد ڪري چڏي ٿي. پوء وري سڄي شھر کي تباہ ڪيو وڃي ٿو، ليڪن اوستڪ ٽي وائرس اڌ دنيا م ڦھلجي چڪو ھوندو آھي. ان کان بعد اھيو ڏيکاريو ويندو آھي، تہ ان ليباٽري جو ھڪ سائنسدان ھڪ ويڪسين تيار ڪري ٿو، جنھن جي ذريعي ان وائرس جو اثر ختم ٿي وڃي ٿو. ليڪن ان وڊيو گيم جو نالو بائیو ھيزرڊ دنيا وارن جي اڳيان ظاھر نٿو ڪيو وڃي. وڊيو گيم م وري اھي زومبي بڻيل انسان، عام ماڻھن کي مارڻ شروع ڪن ٿا ء ماڻھون پنھنجو پاڻ کي انھن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. بھرحال انھي طرح سان اھيو معاملو اڳتي وڌي ٿو، ء توھان جي اڳيان اھيو واضح ڪندو ھلا، تہ اھيو وائرس ایترو خطرناڪ ھوندو آھي جيڪو قريب وڃڻ سان بہ لڳي سگھي ٿو، ء ان گيم م توھان جي ھڪ چانس کٽي وڃي ٿي، ان بابت کوڙ ساريون فلمون پڻ ٺھي چڪيون آھن.

برحال مان پنھنجي موضوع طرف اچان. جنھن ليباٽري انھي وائرس کي ايجاد ڪيو ان جو نالو آھي، امبريلا ڪارپوريشن. ء ان جو مخصوص ھڪ نشان پڻ آھي، اٺ لڪيرون پاڻ م ملي ڪري ھڪ گل ٺھن ٿيون. برحال جيڪا گيم اسان کيڏيندا ھئاسین. اھا ھاڻ اسان جي اصل زندگي شروع ٿي آھي. چين جي جنھن ليباٽري م ھن وائرس جو ٺھڻ جو شڪ آھي، ان ليباٽري جو نشان بہ امبريلا ڪارپوريشين جي نشان جھڙو آھي. ء ھن جڳھ تي بہ ڪجھ سوال آھن. آر ايل ايس ليباٽري جو نشان امبريلا ليبٽاري جھڙو ڇو آھي؟ ء ڇو ڪرونا وائرس بہ انسان جي جسم داخل ٿي مدافعتي نظام ٽي سيلز تي حملو ڪري ٿو؟ اگر اسان راڪون شھر جا لفظ ھڪ ٻئي پويان ڪنداسين، تہ ڪرونا ڇو ٿيون وڃن ٿا؟ ڇا ڪرونا وائرس ھڪ ڳجھو جنگي ھٿيار آھي؟

ٽيو جيڪو ھن ڪھاڻي جو اھم پھلو آھي. اھو آھي 2015 م بل گيٽس جي ھڪ تقرير، جنھن م بل گيٽس ھن دنيا کي وارنيگ ڏني ھئي، تہ انقريب ھڪ اھڙو وائرس اچڻ وارو آھي جيڪو جنگ کان بہ وڌيڪ تباھي ھن دنيا م برپا ڪندو. ڇا اھيا تقرير بہ ھڪ اتفاق آھي؟

برحال مان پنھنجي ھن ڪالم کي مختصر ڪرڻ لاء ھيٺ ڪجھ ڳالھيون ذڪر ڪندس. اسرائیل م اڄ تائين ڪيترا ماڻھون ھن وبا جي ڪارڻ مئا آھن، فقط ٻہ سو جي لڳ ڀڳ. ء اسرائيل م ھن وقت مارڪيٽو بہ کلي ويون آھن، اگر اسان ان تي گھري نظر ڪنداسين، تہ ڇا اسرائيل م ڪرونا وائرس نہ آھي؟ آخر ڇو آمريڪا سڄي ملڪ لاڪ ڊائون نٿو ھڻي؟ آمريڪا جو صدر فقط چين، ايران، ء صحت جي عالمي اداري who کي ڇو ھميشہ تنقيد جو نشانو بڻائيندو آھي؟ ھن وقت ھر انسان کي سوچڻ گھرجي، تہ ھي سڀ اتفاق ھڪ کان بعد ٻيا ڇو ظاھر ٿين پيا. فلم جو موجودہ حالاتن تي پورو لھڻ. وڊيو گيم سڀ ڪجھ صحيح ڏيکارڻ. بل گيٽس جي تقرير جو بہ صحيح ثابت ھجڻ. ء وري ھن دنيا م ڪرونا وائرس جو ڦھلجڻ اگر اھيي سڀ اتفاق آھن، تہ پوء حقيقت ڇا آھي؟ ان ڪري پڙھيل ء سلجھيل طبقي کي ھن حقيقت کي ڄاڻڻ جي ھن وقت ھڪ وڏي ضرورت آھي.
 
Top