ڇا هي مسلمان آهن ؟؟

اکبر لاکھو

محفلین
هنگو ۾ طالبان اغوا الزام هيٺ جوابدار کي سرعام گوليون هڻي ماري ڇڏيو
hyd28.jpg

پشاور(بيورو رپورٽ) مهمند ايجنسي جي علائقي هنگو ۾ طالبان ويڙهاڪن ڀنگ لاءِ اغوا جي الزام ۾ سوگهو ڪيل هڪ شخص کي سوين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، مقامي طالبان ويڙهاڪن هڪ شخص عبدالرشيد کي هڪ شخص کي اغوا ڪرڻ جي الزام هيٺ هڪ ڏينهن اڳ سوگهو ڪيو هو، طالبان ۽ دائود خيل قبيلي وچ ۾ ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل هڪ طالبان جي جنازي جي نماز وقت سوين ماڻهو گڏ ٿيل هئا، جنهن دوران سوگهو ڪيل شخص کي هٿ ۽ منهن تي پٽي ٻڌي انهيءَ ميڙ ۾ آندو ويو، قتل کانپوءِ سوين گڏ ٿيل ماڻهن الله اڪبر جا نعرا هنيا، ويڙهاڪن موجب علائقي ۾ هڪ گروپ آهي، جيڪو پشاور ۽ ٻين بندوبستي علائقن مان ماڻهن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪندو آهي، کين منع ڪئي وئي پر انهن پنهنجون ڪارروايون بند نه ڪيون، هوڏانهن طالبان ۽ دائود خيل قبيلي وچ ۾ ويڙهه دوران مارجي ويلن جو انگ 11 ٿي ويو آهي، علائقي جي قبائلي اڳواڻن طرفان ڌرين وچ ۾ ٺاهه لاءِ ڪوششون هلندڙ هيون.


روزاني ڪاوش جي خبر
 
Top