پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي صدر مخدوم امين فهيم جي شاعري

اکبر لاکھو

محفلین
بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي،
هي خطا بارها ڪري ڏسبي.

تنهنجي هر دم ثنا ڪندو ئي رهيس،
هاڻ پنهنجي ثنا ڪري ڏسبي.

پنهنجي ماهِ لقا کان دور ٿبو،
زيست درد آشنا ڪري ڏسبي.

سنگدل آب آب ٿئي هڪدم،
آه اهڙي به ڪا ڪري ڏسبي.

سيم تن سرو قد صنم ايندو،
جان جنهن تان فدا ڪري ڏسبي.

هر شجر ۾ صبا ۾ ۽ گل ۾،
جستجو جابجا ڪري ڏسبي.

هن جو لطف و ڪرم وري به ٿئي،
گويا ٻيهر خطا ڪري ڏسبي.

جي حياتي وفا ڪئي ته ”فهيم“
عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي.
سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان شايع ٿيل مخدوم امين فهيم جي ڪتاب ”پيغام“ تان ورتل
 

اکبر لاکھو

محفلین
هڪ سنگدل سان پيار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم،
دل مفت ۾ نثار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.



دل، رشڪِ لاله زار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم،
هڪ راز آشڪار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.



جو منهنجو ڪنهن طرح به نٿي ٿي سگهيو اي دوست،
ان سان وڃي جو پيار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.



هاڻي ته صرف مرڪي نهارڻ به هن ڇڏيو،
ڇو عرض بار بار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.



ڪئن اشڪِ غم کي روڪيان، مٽي ۾ ملڻ کان اڄ،
دامن به تار تار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.



قاصد وري به موڪلي ويٺس جنون ۾،
مجروح دل تي بار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.



اشڪِ فراق صبر جي دامن تي پيو ڪري،
ان کي به داغدار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.



جو نيٺ ڪو نه آيو انهي جو ئي همنشين،
هر وقت انتظار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.



دنيائ دل به هاڻ صفا ٿي ٻڏيو وڃي،
اکين کي اشڪبار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.



جنهن نيٺ راز فاش ڪيو پنهنجو اي ”فهيم“
ان تي ئي اعتبار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.
 

اکبر لاکھو

محفلین


آئون تنهنجي تار ۾ ڦاسي پيس،
عشق جي آزار ۾ ڦاسي پيس.

عشق جي اسرار ۾ ڦاسي پيس،
حسن جي واپار ۾ ڦاسي پيس،.

گل پٽيندي خار ۾ ڦاسي پيس،
”ڄڻڪ دامِ يار ۾ ڦاسي پيس.“

اشڪ اکين ۾ ۽ آهون دل اندر،
مان ته عشقِ يار ۾ ڦاسي پيس.

تنهنجي اکڙين ۾ ڇا ٿو ڏسان،
هن عجب اسرار ۾ ڦاسي پيس.

تنهنجي آئون ديدار لءِ آيس مگر،
برهه جي بازار ۾ ڦاسي پيس.

ڪنهن جي قيدي ٿي رهڻ جي لءِ ”امين“!
ڄاڻي واڻي ڄار ۾ ڦاسي پيس.
 

فاتح

لائبریرین
بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي
هي خطا بارها ڪري ڏسبي


انهن حالات ۾ ڪيترو نه سچو شعر آهي;)

هاءِ ڇا ڪيم:grin:
 

اکبر لاکھو

محفلین
وقت سدائين اهو ثابت ڪيو اهي ته مخدوم امين فهيم پنهنجي وفاداري نه مٽائي آهي
اهڙا ماڻهو سياست جي ڌپ ڪري ويل تلاءَ ۾ ڪنول وانگر هوندا آهن
 
Top