یوسف-2
محفلین
سيپارو- 4 ... لَنۡ تَنالُ۔۔وۡا جا مضمون
1- الله جي واٽ ۾ پياري شيءِ خرچ ڪريو
چڱائيءَ کي ايسين ڪڏھن نه پھچندؤ جيسين جن شين کي دوست رکندا آھيو تن مان (الله جي واٽ ۾ نه) خرچ ڪريو، ۽ جيڪا شيءِ (الله لڳ) خرچ ڪيو (سا ڀَلي ھئڻ گھرجي) ڇوته الله اُن کي ڄاڻندڙ آھي. (آل عمران .92)2- ابراهيمؑ جي طريقي جي پيروي ڪريو
هر (ڪنھن قسم جو) طعام بني اسرائيل لاءِ حلال ھو ان کان سواءِ جيڪي يعقوب پاڻ تي توريتلھڻ کان اڳحرام ڪيو ھو (اي پيغمبر!) چؤ ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته توريت آڻيو پوءِ اُھو پڙھو. پوءِ جيڪي ھن کان پوءِ الله تي ڪوڙ ٺاھيندا سي ئي ظالم آھن. (اي پيغمبر!) چؤ ته الله سچ چيو آھي، پوءِ ابراھيم حنيف (ھڪ طرفي) جي دين جي تابعداري ڪريو، ۽ (ابراھيم) مشرڪن مان نه ھو. (سورة آل عمران ...95)3- عبادت جي پهرين جاءِ، ڪعبي جو حج ڪريو
(عبادت جو) پھريون گھرُ جو ماڻھن لاءِ بڻايو ويو، سو اُھو ئي آھي جو مَڪي ۾ برڪت وارو ۽ جڳ لاءِ ھدايت آھي. جنھن ۾ پڌريون نشانيون آھن (ھڪڙي) مقام ابراھيم آھي (جو اُن ۾ ابراھيم جي پيرن جو نشان آھي)، ۽ جيڪو اُتي داخل ٿيو سو امن وارو آھي، ۽ الله لاءِ خاني ڪعبي جو حج اُنھن ماڻھن تي لازم آھي جنھن کي ڏانھس واٽ وڃڻ جي سگھه آھي، ۽ جنھن انڪار ڪيو (ته الله کي پرواهه نه آھي) ڇو ته الله جھانن کان بي پرواهه آھي. (سورة آل عمران ...97)4- اهل ڪتاب جو الله جي واٽ کان روڪڻ
(اي پيغمبر! کين) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ الله جي آيتن کي ڇونه ٿا مڃيو؟ ۽ (حقيقت ڪري) جيڪي ڪندا آھيو تنھن تي الله شاهد آھي. (اي پيغمبر!) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ! جيڪو ايمان آڻي، تنھن کي الله جي واٽ کان ڇو ٿا جھليو؟ اُن (واٽ) جي ڏنگائي ٿا گهرو؟ ھن ھوندي به جو اوھين ڄاڻندڙ آھيو، ۽ جيڪي (اوھين) ڪندا آھيو تنھن کان الله بي خبر نه آھي. اي ايمان وارؤ!جيڪڏھن ڪتاب وارن مان ڪنھن به ٽوليءَ جي فرمانبرداري ڪندؤ ته اوھان جي ايمان آڻڻ کان پوءِ اوھان کي ڦيرائي ڪافر ڪندا.۽ (اوھين) ھن ھوندي ڪيئن ڪافر ٿا ٿيو؟ جو الله جون آيتون اوھان تي پڙھجن ٿيون ۽ سندس پيغمبر اوھان ۾ آھي، ۽ جيڪو الله (جي دين) کي چنبڙي وٺندو تنھن کي بيشڪ سڌيءَ واٽ ڏانھن رستو ڏيکاريو ويندو. (سورة آل عمران ...101)5- الله جي رَسيءَ کي مضبوطيءَ سان جهلڻ
اي مؤمنؤ! الله کان (ائين) ڊڄو جيئن کانئس ڊڄڻ جو حق آھي ۽ اوھين مسلمان ھجڻ کان سواءِ نه مرجو. ۽ الله جي رسيءَ (يعني قرآن) کي سڀئي چنبڙي وٺو ۽ ڌارڌار نه ٿيو، ۽ پاڻ تي الله جي نعمت کي ياد ڪريو جو جڏھن پاڻ ۾ ويري ھيؤ پوءِ اوھان جي دلين ۾ ميلاپ وڌائين پوءِ سندس فضل سان ھڪ ٻئي جا ڦري ڀائر ٿيؤ، ۽ اوھين دوزخ جي کڏ جي ڀَر تي ھيؤ پوءِ اوھان کي کانئس بچايائين، اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ پنھنجيون نشانيون بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين ھدايت وارا ٿيو. (سورة آل عمران ...103)6- نيڪيءَ ڏانهن سڏڻ ۽ برائين کان روڪڻ
۽ اوھان ۾ هڪ اھڙي جماعت ھئڻ گھرجي جي چڱائيءَ ڏانھن سڏين ۽ چڱن ڪمن جو حڪم ڪن ۽ برن ڪمن کان جھلين، ۽ اھي ئي ڪامياب آھن. (آل عمران ...104)7- ويڇن ۾ نه ورهائجڻ
۽ اوھين اُنھن جھڙا نه ٿيو جي فرقو فرقو ٿي ويا ۽ وٽن معجزا آيا اُن کان پوءِ بهتڪرار ڪيائون، ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي. اُنھيءَ ڏينھن جو ڪي منھن گورا ٿيندا ۽ ڪي منھن ڪارا ٿيندا، پوءِ جن جا منھن ڪارا ٿيندا (چيو ويندن ته) اوھين پنھنجي ايمان (آڻڻ) کان پوءِ ڇو ڪافر ٿيوَ؟ پوءِ اُنھيءَ ڪري جو اوھين ڪافر ٿيا ھيؤ عذاب (جو مزو) چکو. ۽ جن جا منھن گورا ھوندا سي الله جي رحمت ھيٺ رھندا، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا ھوندا. (اي پيغمبر!) اِھي الله جون آيتون آھن جي (اسين) توتي سچيءَ طرح پڙھون ٿا، ۽ الله جھانن لاءِ ظُلم ڪرڻ نه گھرندو آھي. ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سو خاص) الله جو آھي- ۽ (سڀ) ڪم الله ڏانھن موٽايا ويندا. (سورة آل عمران ...109)