قرآن جو پیغام ۔ سيپارو- 4

یوسف-2

محفلین
سيپارو- 4 ... لَنۡ تَنالُ۔۔وۡا جا مضمون
1- الله جي واٽ ۾ پياري شيءِ خرچ ڪريو
چڱائيءَ کي ايسين ڪڏھن نه پھچندؤ جيسين جن شين کي دوست رکندا آھيو تن مان (الله جي واٽ ۾ نه) خرچ ڪريو، ۽ جيڪا شيءِ (الله لڳ) خرچ ڪيو (سا ڀَلي ھئڻ گھرجي) ڇوته الله اُن کي ڄاڻندڙ آھي. (آل عمران .92)
2- ابراهيمؑ جي طريقي جي پيروي ڪريو
هر (ڪنھن قسم جو) طعام بني اسرائيل لاءِ حلال ھو ان کان سواءِ جيڪي يعقوب پاڻ تي توريتلھڻ کان اڳحرام ڪيو ھو (اي پيغمبر!) چؤ ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته توريت آڻيو پوءِ اُھو پڙھو. پوءِ جيڪي ھن کان پوءِ الله تي ڪوڙ ٺاھيندا سي ئي ظالم آھن. (اي پيغمبر!) چؤ ته الله سچ چيو آھي، پوءِ ابراھيم حنيف (ھڪ طرفي) جي دين جي تابعداري ڪريو، ۽ (ابراھيم) مشرڪن مان نه ھو. (سورة آل عمران ...95)
3- عبادت جي پهرين جاءِ، ڪعبي جو حج ڪريو
(عبادت جو) پھريون گھرُ جو ماڻھن لاءِ بڻايو ويو، سو اُھو ئي آھي جو مَڪي ۾ برڪت وارو ۽ جڳ لاءِ ھدايت آھي. جنھن ۾ پڌريون نشانيون آھن (ھڪڙي) مقام ابراھيم آھي (جو اُن ۾ ابراھيم جي پيرن جو نشان آھي)، ۽ جيڪو اُتي داخل ٿيو سو امن وارو آھي، ۽ الله لاءِ خاني ڪعبي جو حج اُنھن ماڻھن تي لازم آھي جنھن کي ڏانھس واٽ وڃڻ جي سگھه آھي، ۽ جنھن انڪار ڪيو (ته الله کي پرواهه نه آھي) ڇو ته الله جھانن کان بي پرواهه آھي. (سورة آل عمران ...97)
4- اهل ڪتاب جو الله جي واٽ کان روڪڻ
(اي پيغمبر! کين) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ الله جي آيتن کي ڇونه ٿا مڃيو؟ ۽ (حقيقت ڪري) جيڪي ڪندا آھيو تنھن تي الله شاهد آھي. (اي پيغمبر!) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ! جيڪو ايمان آڻي، تنھن کي الله جي واٽ کان ڇو ٿا جھليو؟ اُن (واٽ) جي ڏنگائي ٿا گهرو؟ ھن ھوندي به جو اوھين ڄاڻندڙ آھيو، ۽ جيڪي (اوھين) ڪندا آھيو تنھن کان الله بي خبر نه آھي. اي ايمان وارؤ!جيڪڏھن ڪتاب وارن مان ڪنھن به ٽوليءَ جي فرمانبرداري ڪندؤ ته اوھان جي ايمان آڻڻ کان پوءِ اوھان کي ڦيرائي ڪافر ڪندا.۽ (اوھين) ھن ھوندي ڪيئن ڪافر ٿا ٿيو؟ جو الله جون آيتون اوھان تي پڙھجن ٿيون ۽ سندس پيغمبر اوھان ۾ آھي، ۽ جيڪو الله (جي دين) کي چنبڙي وٺندو تنھن کي بيشڪ سڌيءَ واٽ ڏانھن رستو ڏيکاريو ويندو. (سورة آل عمران ...101)
5- الله جي رَسيءَ کي مضبوطيءَ سان جهلڻ
اي مؤمنؤ! الله کان (ائين) ڊڄو جيئن کانئس ڊڄڻ جو حق آھي ۽ اوھين مسلمان ھجڻ کان سواءِ نه مرجو. ۽ الله جي رسيءَ (يعني قرآن) کي سڀئي چنبڙي وٺو ۽ ڌارڌار نه ٿيو، ۽ پاڻ تي الله جي نعمت کي ياد ڪريو جو جڏھن پاڻ ۾ ويري ھيؤ پوءِ اوھان جي دلين ۾ ميلاپ وڌائين پوءِ سندس فضل سان ھڪ ٻئي جا ڦري ڀائر ٿيؤ، ۽ اوھين دوزخ جي کڏ جي ڀَر تي ھيؤ پوءِ اوھان کي کانئس بچايائين، اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ پنھنجيون نشانيون بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين ھدايت وارا ٿيو. (سورة آل عمران ...103)
6- نيڪيءَ ڏانهن سڏڻ ۽ برائين کان روڪڻ
۽ اوھان ۾ هڪ اھڙي جماعت ھئڻ گھرجي جي چڱائيءَ ڏانھن سڏين ۽ چڱن ڪمن جو حڪم ڪن ۽ برن ڪمن کان جھلين، ۽ اھي ئي ڪامياب آھن. (آل عمران ...104)
7- ويڇن ۾ نه ورهائجڻ
۽ اوھين اُنھن جھڙا نه ٿيو جي فرقو فرقو ٿي ويا ۽ وٽن معجزا آيا اُن کان پوءِ بهتڪرار ڪيائون، ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي. اُنھيءَ ڏينھن جو ڪي منھن گورا ٿيندا ۽ ڪي منھن ڪارا ٿيندا، پوءِ جن جا منھن ڪارا ٿيندا (چيو ويندن ته) اوھين پنھنجي ايمان (آڻڻ) کان پوءِ ڇو ڪافر ٿيوَ؟ پوءِ اُنھيءَ ڪري جو اوھين ڪافر ٿيا ھيؤ عذاب (جو مزو) چکو. ۽ جن جا منھن گورا ھوندا سي الله جي رحمت ھيٺ رھندا، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا ھوندا. (اي پيغمبر!) اِھي الله جون آيتون آھن جي (اسين) توتي سچيءَ طرح پڙھون ٿا، ۽ الله جھانن لاءِ ظُلم ڪرڻ نه گھرندو آھي. ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سو خاص) الله جو آھي- ۽ (سڀ) ڪم الله ڏانھن موٽايا ويندا. (سورة آل عمران ...109)
 

یوسف-2

محفلین
8- گهڻا اهل ڪتاب نافرمان آهن
اوھين اھڙي ڀَلي اُمت ماڻھن لاءِ پيدا ٿيل آھيو جو چڱن ڪمن جو حڪم ڪندا آھيو ۽ برن ڪمن کان جھليندا آھيو ۽ الله کي مڃيندا آھيو- ۽ جيڪڏھن اهل ڪتابايمان آڻين ھا ته يقينًا تن لاءِ ڀَلو ھجي ھا! منجھانئن ڪي مؤمن آھن ۽ منجھانئن گھڻا بي دين آھن. (اھي زباني) ايذاءَ کان سواءِ اوھان کي ڪڏھن ڏکوئي نه سگھندا، ۽ جيڪڏھن اوھان سان وڙھندا ته اوھان کي پُٺي ڏيئي ڀڄندا، وري مدد نه ڏبن. الله جي ذمي ۽ ماڻھن جي پناھ کان سواءِ جتي لڌا ويندا اُتي مٿن خواري ھنئي ويئي آھي ۽ الله جي ڏمر ھيٺ وريا ۽ مٿن محتاجي ھنئي ويئي آھي- اِھا (سزا) ھن ڪري آھي جو الله جي آيتن کي نه ٿي مڃيائون ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿي ڪُٺائون- اُھي (عادتون) اِنھيءَ ڪري آھن جو بي فرماني ڪيائون ۽ حد کان لنگھندڙ ھئا. (سورة آل عمران ...112)

9- سڀ اهل ڪتاب برابر ناهن
اھي (سڀ) ھڪ جھڙا نه آھن- ڪتاب وارن مان ھڪڙي اھڙي سڌي ٽولي آھي جو الله جون آيتون رات جي وقتن ۾ پڙھندا آھن ۽ اُھي نماز (به) پڙھندا آھن. الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن ۽ چڱن ڪمن جو حڪم ڪندا آھن ۽ برن ڪمن کان جھليندا آھن ۽ نيڪين (يعني دين مڃڻ) ۾ اڳرائي ڪندا آھن- ۽ اھي ڀلارن مان آھن. ۽ جيڪا به چڱائي ڪندا آھن تنھن جي بي قدري هرگز نه ڪبي- ۽ الله پرھيزگارن کي ڄاڻندڙ آھي. جن ڪفر ڪيو تن کان نڪي سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد الله جو ڪجھ (عذاب) ٽاري سگھندا ۽ اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن. ھن دنيا جي حياتيءَ ۾ جيڪي (رياءُ لاءِ) خرچ ڪندا آھن تنھن جو مثال اُنھيءَ واءَ جي مثال وانگر آھي جنھن ۾ پارو ھجي جو اُن ٽوليءَ جي پوک کي لڳي جن پاڻ تي ظلم ڪيو پوءِ اُن (پوک) کي ناس ڪري- ۽ الله ساڻن ظلم نه ڪيو آھي پر اُھي پاڻ تي ظلم ڪن ٿا. (سورة آل عمران ...117)
10- مؤمن، غيرمؤمن کي رازدار نه بڻائي
اي ايمان وارؤ! پنھنجن (مسلمانن) کان سواءِ ٻين (قومن) کي ڳجھو دوست ڪري نه وٺو (جو) اوھان جي نقصان ڪرڻ ۾ ڪا گھٽتائي نه ڪندا آھن. اوھان جي تڪليف پسند ڪيائون، بيشڪ سندن واتن مان دشمني پڌري ٿي آھي ۽ جيڪو (ساڙ) سندن سينن لڪايو آھي سو تمام وڏو آھي- بيشڪ اسان اوھان لاءِ نشانيون بيان ڪيون آھن جيڪڏھن سمجھندا آھيو. (سورة آل عمران ...118)
11- مسلم جي مصيبت تي ڪافر خوش ٿيندا آهن
اوھين اُھي آھيو جو اُنھن کي دوست رکندا آھيو ۽ اُھي اوھان کي دوست نه رکندا آھن ۽ اوھين الله جي سڄي ڪتاب کي مڃيندا آھيو، ۽ جڏھن اوھان سان مِلن ٿا (تڏھن) چون ٿا ته مڃيوسين، ۽ جڏھن اڪيلا ٿين ٿا (تڏھن) اوھان تي ڪاوڙ کان آڱرين کي چٻين ٿا- (اي پيغمبر! کين) چؤ ته (اوھين) پنھنجيءَ ڪاوڙ سببان مرو- ڇوته الله سينن وارو (راز) ڄاڻندو آھي. (اي مؤمنؤ!) جيڪڏھن اوھان کي ڪا چڱائي پھچندي آھي ته کين ڏکوئيندي آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي ڪو ڏکپھچندو آھي ته اُن سببان خوش ٿيندا آھن-۽ جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو ۽ پرھيزگاري ڪريو ته سندن مڪر اوھان کي ڪو به نقصان نه رسائيندو، ڇوته جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله گھيرو ڪندڙ آھي. (سورة البقرة ...120)
12- اُحد جي جنگ ۾ بزدليءَ جو مظاهرو
(اي پيغمبر! ياد ڪر)جنھن مھل (تون) پنھنجي گھر مان سويرو نڪتين جو مؤمنن کي جنگ لاءِ مورچن تي وھاريئي ٿي- ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. (ياد ڪر!) جنھن مھل اوھان مان ٻن ٽولين بي ھمت ٿيڻ جو ارادو ڪيو ۽ الله سندن مددگار ھو، ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي ڀروسو ڪن. (سورة آل عمران ...122)
 

یوسف-2

محفلین
13- بدر جي جنگ ۾ ٽن هزار ملائڪن سان مدد
۽ بيشڪ الله اوھان کي اُنھيءَ حالت ۾ جو اوھين ڪمزور ھيؤ بدر ۾ سوڀ ڏني- پوءِ الله کان ڊڄو مانَ اوھين شڪر ڪريو. (اي پيغمبر! اُنھيءَ مھل کي ياد ڪر) جنھن مھل تو مؤمنن کي چيو ٿي ته اوھان کي اوھان جي پالڻھار جي ٽن ھزارن (آسمان کان) لاٿلملائڪنسان مدد ڪرڻ ڪافي نه آھي ڇا؟ ھائو جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو ۽ پرھيزگار بڻجو ۽ ھڪدم اھي (ڪافر) اوھان تي اچي ڪڙڪن ته اوھان جو پالڻھار پنجن ھزارن نشان ڪيلن ملائڪن سان اوھان کي مدد ڏيندو. ۽ الله اُن (مدد) کي رڳو اوھان جي خوشخبريءَ لاءِ ڪيو آھي ۽ ھن لاءِ ته اوھان جون دليون اُن سان (ڀَلي ته) اطمينان وٺن- ۽ الله غالب حڪمت واري جي پار کان سواءِ ڪا مدد (ملڻي) نه آھي. (۽) ھن لاءِ ته ھڪ پاسو (يعني ڀاڱو) ڪافرن جو ڇني ڇڏي يا کين ھيڻو ڪري ڇڏي ته بي نصيب ٿي ڦِرن. (سورة آل عمران ...127)

14- فيصلي جو اختيار پيغمبر کي نه، الله کي آهي
(اي پيغمبر!) اُن ڪم ۾ تنھنجو ڪو واسطو نه آھي (الله) يا مٿن ٻاجھ سان موٽندو يا کين عذاب ڪندو ڇو ته اُھي ظالم آھن. ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سو خاص) الله جو آھي- جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي بخشيندو آھي ۽ جنھن کي گھرندو تنھن کي عذاب ڪندو آھي- ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي. (سورة آل عمران ...129)
15- وياج کائڻ ڇڏي ڏيو
اي ايمان وارؤ! (اوھين) وياج ٻيڻو چؤڻو نه کائو، ۽ الله کان ڊڄو مانَ اوھين ڪامياب ٿيو. ۽ اُن باھ کان ڊڄو جا ڪافرن لاءِ تيار ڪئي ويئي آھي. ۽ الله ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريو ته مانَ اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي. (سورة آل عمران ...132)

16- ڪاوڙ پي وڃڻ ۽ قصور معاف ڪرڻ
۽ (اوھين) پنھنجي پالڻھار جي بخشش ۽ اُنھيءَ بھشت ڏانھن اڳرائي ڪريو جنھن جي ويڪر آسمانن ۽ زمين جيتري آھي اُنھن پرھيزگارن لاءِ تيار ڪيو ويو، جيڪي سُک ۽ ڏک ۾ (الله ڪارڻ) خرچ ڪندا آھن ۽ ڪاوڙ کي کائيندڙ ۽ ماڻھن (جا قصور) معاف ڪندڙ آھن، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي. (سورة آل عمران ...134)
17- گناهه تي اصرار نه ڪرڻ گهرجي
۽ اُھي جڏھن ڪو بي حيائيءَ جو ڪم ڪندا آھن يا پاڻ تي ظلم ڪندا آھن (تڏھن) الله کي ياد ڪندا آھن ۽ پنھنجن گناھن جي بخشش گھرندا آھن، ۽ الله کان سواءِ ڪير گناہه بخشيندو؟ ۽ جيڪي ڪيائون تنھن تي ڄاڻي ٻجھي ھميشگي نه ڪندا آھن. اُنھن جو اَجر سندن پالڻھار وٽان بخشش ۽ بھشت آھن جن جي ھيٺان نهرون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ڪمائيندڙن جو اَجر چَڱو آھي. بيشڪ اوھان کان اڳ ڪيترا واقعا گذريا آھن پوءِ (اوھين) ملڪ ۾ گھمو ڦرو پوءِ نھاريو ته نه مڃيندڙن جي پڇاڙي ڪيئن ھئي. ھيءُ ماڻھن لاءِ بيان آھي ۽ پرھيزگارن لاءِ ھدايت ۽ نصيحت آھي. (سورة آل عمران ...138)
18- لاهيون، چاڙهيون- مسلمانن لاءِ آزمائش
۽ نه سُست ٿيو ۽ نڪي غمگين ٿيو ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته اوهان (ئي) غالب (ٿيڻ وارا) آھيو. جيڪڏھن اوھان کي (اُحد ۾) ڪو گھاءُ پھتو آھي ته بيشڪ اُن جھڙو گھاءُ ڪافرن کي (بدر ۾) پھتو ھو- ۽ ھي اھڙا ڏينهن آھن جو (اسين) اُنھن کي ماڻھن جي وچ ۾ ڦيرائيندا آھيون (ته نصيحت وٺن)، ۽ ھن لاءِ ته الله مؤمنن کي نکيڙي ۽ اوھان مان ڪن کي شھيد ڪري- ۽ الله ظالمن کي دوست نه رکندو آھي. ۽ ھن لاءِ ته الله مؤمنن کي کرو ڪري ۽ ڪافرن کي ناس ڪري. اوھان بھشت ۾ گِھڙڻ جو گمان ڪيو آھي ڇا؟ ھن ھوندي جو الله اڃا اوھان مان مجاھدن کي نه نکيڙيو آھي ۽ نڪي صابرن کي نکيڙيو آھي. ۽ بيشڪ اوھين موت کي اُن جي ملڻ کان اڳ گھُرندا ھيؤ، پوءِ بيشڪ ان کي ڏٺوَ ۽ اوھين نھاريندا رھيؤ. (آل عمران ...143)
 

یوسف-2

محفلین
19- محمد ﷺ صرف هڪ رسول آهي
۽ محمد (ﷺ الله جو) پيغمبر ئي آھي، بيشڪ اُن کان اڳ ڪيترا پيغمبر گذري ويا- پوءِ جيڪڏھن (اُھو) مري وڃي يا قتل ٿئي ته (اوھين) پنھنجين کڙين (ڀَر پوئتي) ڦرندؤ ڇا؟ ۽ جيڪو پنھنجين کڙين (ڀَرپوئتي) تي ڦرندو سو الله کي ڪجھ به نقصان ڪڏھن نه پهچائيندو، ۽ الله شاڪرن (احسان مڃيندڙن) کي ستت ثواب ڏيندو. (آل عمران ...144)
20- موت جو هڪ ڏينهن مقرر آهي
۽ الله جي مقرر وقت لکيل حڪم کان سواءِ ڪنھن کي مرڻو نه آھي- ۽ جيڪو دنيا جو ثواب گھرندو تنھن کي اُن مان ڏينداسون، ۽ جيڪو آخرت جو ثواب گھرندو تنھن کي اُن مان ڏينداسون- ۽ شاڪرن کي (چڱو) ثواب ستت ڏينداسون. (سورة آل عمران ...145)
21- دنيا جو ثواب ۽ آخرت جو ثواب
۽ پيغمبرن مان گھڻا (ڪافرن سان) وڙھيا ساڻن گھڻا الله وارا ھئا، پوءِ جيڪي الله جي واٽ ۾ کين پھتو تنھن سببان نڪي سُست ٿيا ۽ نڪي ھيڻا ٿيا ۽ نڪي عاجزي ڪيائون- ۽ الله صابرن کي دوست رکندو آھي. (سورة آل عمران ...148)
22- ڪافرن جي اشارن تي هلڻ جو نتيجو
۽ سندن چوڻ (ھن) قول کان سواءِ نه ھو ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي اسان جاگناهه (بخش) ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان جي زيادتي بخش ۽ اسان جا پير ثابت رک ۽ اسان کي ڪافرن جي ٽوليءَ تي فتح ڏي! پوءِ الله کين دنيا جو ثواب ۽ آخرت جو ڀلو ثواب ڏنو- ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي. اي ايمان وارؤ! جيڪڏھن اوھين ڪافرن جو چيو مڃيندؤ ته اوھان کي اوھان جي کڙين (ڀَرپوئتي) تي ڦيرائيندا پوءِ اوھين ڦِري نقصان وارا ٿيندؤ. بلڪ الله اوھان جو سائين آھي، ۽ اُھو بهتر مدد ڏيندڙ آھي. ڪافرن جي دلين ۾ ھن سببان سگھو دھشت وجھنداسون جو الله سان اھڙيءَ شيءِ کي شريڪ ڪيائون جنھن لاءِ الله ڪا سَنَد نه لاٿي آھي، ۽ سندن جاءِ باهه آھي- ۽ (اُھو) ظالمن جو بڇڙو هنڌ آھي. (سورة آل عمران ...151)
23- ڪافرن کان شڪست آزمائش آهي
۽ بيشڪ الله اوھان سان پنھنجو وعدو سچو ڪيو آھي جڏھن ته اُنھن (ڪافرن) کي سندس حڪم سان پئي ڪٺوَ، حتاڪه بي ھمت ٿيؤ ۽ ڪم (پوري ڪرڻ) ۾ تڪرار ڪيوَ ۽ جيڪي پسند ڪندا ھيؤ سو اوھان کي ڏيکاريائين تنھن کان پوءِ به بي فرماني ڪيوَ، اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو دنيا کي گھرندو آھي ۽ اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو آخرت کي گھرندو آھي، وري اوھان کي اُنھن کان ھن لاءِ ڦيرايائين ته اوھان کي پرکي، ۽ بيشڪ اوھان کي معافي ڏنائين- ۽ الله مؤمنن تي فضل ڪرڻ وارو آھي. (سورة آل عمران ...152)
24- نقصان ۽ مصيبت تي افسوس نه ڪريو
جڏھن اوھين پري ٿي ڀَڳؤ ۽ ڪنھن ھڪ تي (ڪنڌ ڦيري) نه ٿي واجھايوَ ۽ پيغمبر اوھان کي اوھان جي پٺيان سڏيندو رھيو پوءِ (الله) اوھان کي ڏک تي ڏک جو بدلو ڏنو (اِھو) ھن لاءِ ته جيڪي اوھان کان ٿي ويو نڪي تنھن تي ۽ جيڪي اوھان کي پھتو نڪي تنھن تي غمگين ٿيو- ۽ جيڪي اوھان ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي. وري ڏک کان پوءِ اوھان تي آرام (جي) پنڪي لاٿائين جو اوھان مان ھڪ ٽوليءَ تي غلبو ڪندي رھي ۽ ٻي ٽولي ھئي جنھن کي سندن نفسن غمگين ڪيو ھو ناحق جاھليت جو گمان الله تي ڀانيائون ٿي- چيائون ٿي ته اسان لاءِ انھيءَ ڪم مان ڇا ڪجھ (ٿيڻو) آھي؟ (اي پيغمبر!) چؤ ته سڀ اختيار الله جو ئي آھي- جيڪي توتي پڌرو نه ڪندا آھن سو پنھنجين دلين ۾ لڪائيندا آھن- چوندا آھن ته جيڪڏھن اسان جي وس ۾ ڪجھ به ڪم ھجي ھا ته اسين ھت نه ڪسون ھا- (اي پيغمبر! کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھين پنھنجن گھرن ۾ ھجو ھا ته جن تي ڪسڻ لکيل ھو سي ضرور پنھنجي ڪوس جي جاين ڏانھن نڪرن ھا، ۽ (ھن لاءِ) ته جيڪي اوھان جي سينن ۾ آھي سو الله پرکي ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو کرو ڪري- ۽ الله سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي. اوھان مان جن اُنھيءَ ڏينھن منھن موڙيو جو ٻه ٽوليون (ھڪ ٻئي جي) سامھون ٿيون ته اُنھن کي شيطان سندن ڪجھ ڪِئي جي شامت جي سبب ٿيڙيو، ۽ بيشڪ الله اُنھن کي معافي ڏني، ڇوته الله بخشڻھار بُردبار آھي. (سورة آل عمران ...155)
 

یوسف-2

محفلین
25- مارڻ ۽ جيئارڻ وارو ته الله ئي آهي
اي ايمان وارؤ! اُنھن ڪافرن وانگر نه ٿيو جي پنھنجن ڀائرن لاءِ جڏھن اُھي ملڪ ۾ مسافري ڪن يا لڙائي ڪندڙ ھجن (تڏھن) چون ٿا ته جيڪڏھن اسان وٽ ھجن ھا ته نه مرن ھا ۽ نڪي ڪسن ھا! ته الله ان کي سندين دلين ۾ حسرت ڪري- ۽ الله ئي جياريندوآهي ۽ ماريندو آھي- ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي. ۽ جيڪڏھن اوھين الله جي واٽ ۾ قتل ٿي پيؤ يا مري پيؤ ته جيڪي گڏ ڪندا آھن تنھن کان الله جي بخشش ۽ ٻاجھ (بلڪل) ڀلي آھي. ۽ جيڪڏھن (اوھين) مري وڃو يا ڪُسي پئو ته ضرور الله ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ. (سورة آل عمران ...158)
26- الله تي ڀروسو ڪريو
پوءِ (اي پيغمبر!) الله جي ٻاجھ سببان اُنھن لاءِ نرم ٿيو آھين، ۽ جيڪڏھن ڪاوڙيل سخت دل ھجين ھا ته ضرور تنھنجي آسپاس کان ڀڄي اُٿن ھا، پوءِ کين معافي ڏي ۽ اُنھن لاءِ بخشش گھُر ۽ ساڻن ڪم ۾ صلاح ڪر، پوءِ جڏھن تون پڪو ارادو ڪرين تڏھن الله تي ڀروسو ڪر- ڇوته الله ڀروسي ڪرڻ وارن کي دوست رکندو آھي. جيڪڏھن الله اوھان کي مدد ڏيندو ته اوھان تي ڪو غالب (ٿيڻو) نه آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي مدد نه ڏيندو ته اُن کان پوءِ ڪير اوھان کي مدد ڏيندو؟ ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي ڀروسو ڪن. (سورة آل عمران ...160)
27- قيامت جي ڏينهن هر هڪ کي پورو بدلو ملندو
۽ ڪنھن به پيغمبر کي (غنيمت جي مال ۾) خيانت ڪرڻ نه جڳائي- ۽ جيڪو خيانت ڪندو سو جيڪا شيء خيانت ڪيائين تنھن سميت قيامت جي ڏينھن ايندو، پوءِ سڀڪنھن ماڻھوءَ جيڪي ڪمايو تنھن جو پورو بدلو کيس ڏنو ويندو ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو. جيڪو الله جي رضامنديءَ جي پٺيان لڳو سو اُن جھڙو آھي ڇا؟ جيڪو الله جي ڪاوڙ ھيٺ ڦري آيو ۽ سندس جاءِ دوزخ آھي- ۽ (اُھو) موٽڻ جو بڇڙو هنڌ آھي.
(سورة آل عمران ...162)
28- الله سڀني جي عملن تي نظر رکي ٿو
اُھي الله وٽ (وڏن) درجن وارا آھن- ۽ جيڪي ڪندا آھن سو الله ڏسندڙ آھي. بيشڪ الله مؤمنن تي وڏو احسان ڪيو آھي جڏھن ته انھن ۾ سندن قوم مان پيغمبر موڪليائين جو کين سندس آيتون پڙھي ٻڌائيندو آھي ۽ کين پاڪ ڪندو آھي ۽ کين ڪتاب ۽ دانائي سيکاريندو آھي، بيشڪ ھن کان اڳ پڌريءَ گمراهيءَ ۾ (پيل) ھئا. (آل عمران ...164)
29- مؤمن جي سڃاڻپ مصيبت ۾ ٿيندي آهي
۽ جڏھن اوھانکي (جنگ اُحد ۾) ڏک پھتو توڻيڪ (پنھنجن دشمنن کي) اُن جو ٻيڻو (ڏک بدر ۾) پھچايو ھيؤ ته به چيوَ ٿي ته ھي (مصيبت) ڪٿان (پھتي) آھي؟ (اي پيغمبر!) چؤ ته اُھا اوھان کي پاڻ وٽان (پھتي) آھي، ڇوته الله سڀڪنھن شيءِ تي وسوارو آھي. ۽ اُنھيءَ ڏينھن جو ٻه ٽوليون پاڻ ۾ سامھون ٿيون (تنھن ڏينھن) جيڪي اوھانکي پھتو سو الله جي حڪم سان ھو ۽ ھن لاءِ ته مؤمنن کي نکيڙي. ۽ منافقن کي به نکيڙي، ۽ کين چيو ويو ته اچو الله جي واٽ ۾ وڙھو يا (ڪافرن کان) دفاع ڪريو، چيائون ته جيڪڏھن اسان جنگڪرڻ ڄاڻون ھا ته ضرور اوھان سان ھجون ھا- اُھي اُن ڏينھن پاڻ ايمان کان ڪفر ڏي بلڪل ويجھو ھئا، پنھنجن واتن سان اُھي (ڳالھيون) چوندا آھن جيڪي سندين دلين ۾ نه آھن، ۽ جيڪي لڪائيندا آھن سو الله بلڪل ڄاڻندڙ آھي. (سورة آل عمران ...167)
30- موت کي ٽاري نٿو سگهجي
(ته) اِھي اُھي آھن جن پنھنجن ڀائرن کي چيو ۽ ويٺا رھيا ته جيڪڏھن (اُھي) اسان جو چيو مڃن ھا ته نه ڪسجن ھا، (اي پيغمبر!کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پاڻ کان موت کي ٽاريو. (سورة آل عمران ...168)
 

یوسف-2

محفلین
31- شهيد زندهه آهن، کين رزق ملي ٿو
۽ جيڪي الله جي واٽ ۾ ڪُٺا ويا تن کي مئل هرگز نه ڀانءِ! بلڪ (اُھي) جيئرا آھن (۽) پنھنجي پالڻھار وٽ روزي ڏنل آھي. جيڪي الله اُنھن کي پنھنجي فضل سان ڏنو آھي تنھن (حال) سان خوش ٿيندڙ آھن- ۽ جيڪي سندن پٺيان آھن تن مان جيڪي ساڻن نه گڏيا آھن اُنھن لاءِ ھن ڪري خوش ٿيندا آھن ته کين ڪو ڀؤ نه آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا. الله جي نعمت ۽ فضل سان خوش ٿيندا آھن ۽ الله مؤمنن جو اجر نه وڃائيندو آھي. (سورة آل عمران ...171)
32- مؤمن صرف الله کان ڊڄندو آهي
جن پاڻ کي زخم پھچڻ کان پوءِ به الله ۽ رسول جو حڪم قبول ڪيو، انھن مان جن چڱائي ڪئي ۽ ڊنا تن لاءِ وڏو اجر آھي. جن کي ماڻھن چيو ته (ڪافرن) ماڻھن اوھان لاءِ لشڪر گڏ ڪيو آھي تنھن ڪري کانئن ڊڄو پوءِ (اُن چوڻ) ھٿئون اُنھن جو ايمان وڌايو ۽ چيائون ته اسان کي الله ڪافي آھي ۽ (اُھو) چڱو وڪيل (ڀرجھلو) آھي. پوءِ (اُھي مسلمان) الله جي نعمت ۽ فضل سان موٽيا کين ڪا سختي نه پھتي ۽ الله جي راضپي جي پٺيان لڳا- ۽ الله وڏي فضل وارو آھي. (اُھو اوھان کي جنگ کان جھليندڙ) شيطان کان سواءِ ٻيو نه آھي جو پنھنجن دوستن کي ڊيڄاريندو آھي، جيڪڏھن (اوھين) مؤمن آھيو ته اُنھن (ڪافرن) کان نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو. (سورة آل عمران ...175)
33- ڪافرن کي ڍر ڏيڻ الله جي سنت آهي
۽ (اي پيغمبر!) جيڪي ڪفر (جي سوڀ) ۾ اڳرائي ڪندا آھن سي توکي غمگين نه ڪن، ڇو ته اُھي الله کي ڪجھ به نقصان نه لائيندا، الله گھرندو آھي ته اُنھن کي آخرت ۾ ڪجھ بھرو نه ڏئي، ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي. جن ايمان جي بدران ڪفر خريد ڪيو، سي الله کي ڪجھ به نقصان نه لائيندا، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. ۽ ڪافر (ھيءُ) نه ڀانئن ته کين اسان جي مُھلت ڏيڻ اُنھن لاءِ ڀلي آھي، اُنھن کي ھن کان سواءِ ڍر نه ڏني سون ته گناھ ۾ وڌن، ۽ انھن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي.(آل عمران .178)
34- الله مؤمنن جي حالت ضرور بدليندو
(اي منافقؤ!) الله کي نه جڳائيندو آھي ته جنھن تي اوھين آھيو تنھن تي مؤمنن کي (به) ڇڏي ڏي تان جو پليت کي پاڪ کان ڌار ڪري- ۽ الله کي نه جڳائيندو آھي جو اوھان کي ڳُجھ تي واقف ڪري پر الله پنھنجن پيغمبرن مان جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي چونڊيندو آھي، پوءِ الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃو، ۽ جيڪڏھن (اوھين) مڃيندؤ ۽ ڊڄندؤ ته اوھان لاءِ وڏو اجر آھي. (سورة آل عمران ...179)
35- ڪنجوس جو مال قيامت ڏينهن ڳچيءَ ۾ ڳٽ هوندو
۽ جيڪي الله پنھنجي فضل سان کين ڏنو آھي تنھن ۾ جيڪي بخل ڪن سي (ائين) بالڪل نه ڀانئين ته اُھو (بُخل) کين ڪو چڱو آھي- بلڪ اُھو اُنھن لاءِ بڇڙو آھي، جنھن شيءِ جو بخل ڪيائون سا قيامت جي ڏينھن ڳٽ ڪري وجھبن- ۽ آسمانن ۽ زمين جي ميراث الله جي آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.بيشڪ الله اُنھن جو چوڻ ٻڌو جن چيو ته الله سڃو آھي ۽ اَسين شاھوڪار آھيون، جيڪي چيائون سو لکنداسون ۽ اُنھن جو پيغمبرن کي ناحق ڪھڻ به. ۽ (آخرت ۾) چونداسون ته ساڙيندڙ عذاب (جو مزو) چکو. اھا (سزا) انھيءَ سببان آھي جو اوھان جي ھٿن اڳ موڪليو آھي ۽ (ھن سببان) ته الله ٻانھن تي ظلم ڪندڙ نه آھي. (آل عمران .182)
36- دنيا صرف هڪ ظاهري ڌوڪي واري شيءِ آهي
جيڪي چون ٿا ته الله اسان سان انجام ڪيو آھي ته ڪنھن پيغمبر تي ايستائين ايمان نه آڻيون جيستائين (ھو اھڙي) قرباني اسان وٽ (نه) آڻي جو اُن (قربانيءَ) کي باهه کائي- (اي پيغمبر! کين) چؤ ته بيشڪ مون کان اڳ ڪيترن پيغمبرن مُعجزا ۽ (ٻيو) جيڪي چيوَ سو اوھان وٽ آندو پوءِ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اُنھن (پيغمبرن) کي ڇالاءِ ڪٺوَ؟ پوءِ (اي پيغمبر!) جيڪڏھن توکي ڪوڙو ڀانيائون ته بيشڪ توکان اڳ ڪيترا پيغمبر ڪوڙا ڀانيا ويا ھئا (جن) ڪيتريون حجتون ۽ ڪيترا صحيفا ۽ نوراني ڪتاب (وٽن) آندا. سڀڪو نفس موت (جو مزو) چکندڙ آھي- ۽ بيشڪ اوهان کي قيامت جي ڏينھن پورو اجر ڏبو- پوءِ جنھن کي باهه کان پري ڪيو ويو ۽ بھشت ۾ گھيڙيو ويو سو بيشڪ مراد کي پھتو، ۽ دنيا جي حياتي ٺڳيءَ جي سامان کان سواءِ ڪجهه نه آھي. (آل عمران .185)
 

یوسف-2

محفلین
37- جان ۽ مال جون آزمائشون لازمي آهن
(اوھين) پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جانين ۾ ضرور پرکبؤ- ۽ جن کي اوھان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو آھي تن کان ۽ مشرڪن کان گھڻيون گاريون ضرور ٻڌندؤ، ۽ جيڪڏھن صبر ڪندؤ ۽ الله کان ڊڄندؤ ته اھا (عادت) ھمت جي ڪمن مان آھي. ۽ (ياد ڪر) جڏھن الله ڪتاب وارن کان ھن لاءِ (پڪو) انجام ورتو ته اُن (ڪتاب) کي ماڻھن لاءِ بيان ڪجو ۽ اُن کي نه لڪائجو، پوءِ اُن (انجام) کي پنھنجين پٺين پوئتان اُڇلايائون ۽ اُن جي عيوض ٿورو مُلھ ورتائون- پوءِ جيڪي وٺندا آھن سو بڇڙو آھي. (اي پيغمبر! تون) اُنھن کي چڱو نه ڀانءِ جيڪي پنھنجي ڪِئي تي خوش ٿيندا آھن ۽ جيڪي نه ڪيائون تنھن تي پنھنجي ساراھڻ کي پسندڪندا آھن پوءِ تون اُنھن کي عذاب کان ڇٽل نه ڀانءِ، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. ۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
(سورة آل عمران ...189)
38- عقلمند ماڻهن جو طريقو
آسمانن ۽ زمين جي بڻاوت (۾) ۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦير گھيرَ ۾ اُنھن سمجھ وارن لاءِ ضرور نشانيون آھن. جيڪي بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنھنجن پاسن ڀر الله کي ياد ڪندا آھن ۽ آسمانن ۽ زمين جي بڻاوت ۾ فڪر ڪندا آھن، (۽ چوندا آھن ته) اي اسانجا پالڻھار! ھنن کي بي رٿو نه بڻايو اَٿيئي، توکي پاڪ ڄاڻون ٿا سو اسان کي باهه جي عذاب کان بچاءِ. اي اسانجا پالڻھار! جنھن کي تو باهه ۾ وڌو تنھن کي بيشڪ خوار ڪيئي- ۽ ظالمن جو ڪو مددگار نه آھي.اي اسانجا پالڻھار! اسان سڏيندڙ جي سڏ کي ٻڌو جو ايمان ڏانھن سڏيندو آھي ته پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيو پوءِ مڃيوسون، اي اسانجا پالڻھار! اسان کي اسانجا گناهه بخش ۽ اسان کان اسان جون مدايون ميٽ ۽ اسان کي ڀلارن سان گڏ موت (نصيب) ڪر. اي اسانجا پالڻھار! اسان کي پنھنجن پيغمبرن (جي زبان) سان جيڪي انجام ڏنو اٿيئي سو پاڙ ۽ قيامت جي ڏينھن اسان کي خوار نه ڪج- بيشڪ تون وعدي خلافي نه ڪندو آھين. (آل عمران ...194)
39- الله ڪنهن جا به عمل ضايع ناهي ڪندو
پوءِ سندن پالڻھار اُنھن جي دعا قبول ڪئي ته آءٌ اوھان مان عمل ڪندڙ مرد يا عورت جو عمل نه وڃائيندس، اوھان هڪٻئي مان (پيدا ٿيل) آھيو (يعني سڀ ھڪ جنس آھيو) پوءِ جن وطن ڇڏيو ۽ پنھنجن گھرن مان ڪڍيا ويا ۽ منھنجي واٽ ۾ ڏکويا ويا ۽ وڙھيا ۽ ڪٺا ويا تن کان سندن مدايون ضرور ميٽيندس ۽ اُنھن کي (بھشت جي اھڙن) باغن ۾ ضرور داخل ڪندس جن جي ھيٺان نهرون وھنديون آھن، (اِھو) بدلو الله وٽان آھي، ۽ الله وٽ چڱو بدلو آھي. (آل عمران ...195)
40- ڪافرن جي زندگيءَ جو مزو چند ڏينهن جو آهي
(اي پيغمبر!) ملڪن ۾ ڪافرن جي ڦرڻ گهرڻ توکي نه ٺڳي. اِھو ٿورڙو فائدو آھي، وري سندن جاءِ دوزخ آھي- ۽ (اُھو) بڇڙو ھنڌ آھي. (سورة آل عمران ...197)
41- مؤمنن لاءِ ابدي نعمتون آهن
پر جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊنا تن لاءِ باغ آھن جن جي ھيٺان نهرون وھنديون آھن اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن- اِھا مھماني الله وٽان آھي، ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ڀلارن لاءِ چڱو آھي. ۽ ڪتاب وارن مان ڪي اُھي آھن جيڪي الله کي ۽ جيڪي توڏانھن (قرآن) لاٿو ويو تنھن کي ۽ جيڪي (توريت) اُنھن ڏانھن لاٿو ويو تنھن کي الله جي عاجزي ڪندڙ ٿي مڃيندا آھن الله جي آيتن کي ٿوري مُلھ سان نه وڪڻندا آھن- اِھي (اُھي) آھن جن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اجر آھي، بيشڪ الله سگھو حساب وٺندڙ آھي. اي ايمان وارؤ!صبر ڪريو ۽ (جھاد لاءِ) مضبوط ٿيو ۽ جڙيارھو، ۽ الله کان ڊڄو ته مانَ اوھين ڪامياب. (آل عمران ...200)
42- مائٽي نه ٽوڙيو، الله ڏسي ٿو
سورة النِّساءِ: الله ٻاجهاري مهربان جي نالي سان (شروع). اي انسانؤ! اوھين پنھنجي انهيءَ پالڻھار کان ڊڄو جنھن اوھان کي ھڪ ڄڻي (آدم) مان پيدا ڪيو ۽ منجھانئس سندس زال پيدا ڪيائين ۽ اُنھن مان گھڻا مرد ۽ عورتون پکيڙيائين، ۽ اُنھيءَ الله کان ڊڄو جنھن (جي نالي) سان (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کان گھرندا آھيو ۽ مائٽيءَ (ڇنڻ) کان (به ڊڄو)- ڇوته الله اوھان تي نگھبان آھي. (سورة النساء ...1)
43- يتيمن جو مال کائڻ وڏو گناهه آهي
۽ يتيمن کي سندن مال ڏيو ۽ سٺي شيءِ کي بڇڙيءَ شيءِ سان نه مٽايو، ۽ اُنھن (يتيمن) جو مال پنھنجن مالن سان (گڏي) نه کائو، ڇوته اُھو وڏو ڏوهه آھي. (سورة النساء ...2)
 

یوسف-2

محفلین
44- چئن شادين جي اجازت
۽ جيڪڏھن ڊڄو ته يتيم ڇوڪرين (جي نڪاح ڪرڻ) ۾ عدل نه ڪندؤ ته (ٻ۔ين) زالن مان جيڪي اوھان کي وڻن سي ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار پرڻجو، پوءِ جيڪڏھن ڊڄو ٿا ته اوھان کان انصاف ٿي نه سگھندو ته ھڪ (پرڻجو) يا اوھان جا ھٿ جن (ٻانهن) جا مالڪ ٿيا آهن (سي رکو) اھو ھن کي ويجھو آھي ته ڏاڍائي نه ڪريو.(النساء.3)
45- عورتن جي مهر جي ادائگي ۽ معافي
۽ زالن کي سندن ڪابين خوشيءَ سان ڏيو- پوءِ جيڪڏھن اوھان کي پاڻ خوشيءَ سان اُنھيءَ مان ڪجھ ڇڏين ته اُھو سُھائيندڙ وڻندڙ ڪري کائو. ۽ بي سمجھن کي پنھنجا اُھي مال نه ڏيو جن کي الله اوھان لاءِ گذران جو سبب بڻايو آھي ۽ منجھانئس کين کارايو ۽ کين پھرايو ۽ کين چڱي ڳالھ چئو.
(سورة النساء ...5)
46- يتيمن ۽ انهن جي مال جي سار سنڀال
۽ ايستائين يتيمن کي پرکيو جيستائين پرڻي (جي عمر) کي پھچن، پوءِ جيڪڏھن اُنھن ۾ ڪا سياڻپ لھو ته سندن مال کين ورائي ڏيو، ۽ اُھي (مال) اجايو ۽ (سندن) وڏي ٿيڻ جي ڀؤ کان تڪڙ ڪري نه کائو، ۽ جيڪو (سنڀاليندڙ) آسودو ھجي تنھن کي گھرجي ته (يتيم جي مال کائڻ کان) پاسي رھي، ۽ جيڪو مسڪين ھجي سو مناسب (خدمت) آھر کائيندو رھي- پوءِ جڏھن سندس مال کين ورائي ڏيو تڏھن مٿن شاھد ڪريو، ۽ الله حساب ڪندڙ بس آھي. (النساء ...6)
47- ڇڏيل مال مان مردن ۽ عورتن جو حصو
جيڪو (مال) ماءُ پيءُ ۽ مٽن ڇڏيو تنھن مان مردن لاءِ حصو آھي، ۽ جيڪو (مال) ماءُ پيءُ ۽ مٽن ڇڏيو تنھن مان زائفن لاءِ (به) حصو آھي اھو (ڇڏيل مال) ٿورو ھجي يا گھڻو، حصا (الله جا) مقرر ڪيل آھن. ۽ جڏھن ورھاڱي مھل مائٽيءَ وارا ۽ يتيم ۽ مسڪين حاضر ٿين تڏھن اُن (مال) مان اُنھن ماڻھن کي (ڪجھ) ڏيو ۽ اُنھن کي مٺي ڳالھ چئو. (سورة النساء ...8)
48- يتيمن جو خيال پنهنجي اولاد وانگر ڪرڻ
۽ اُنھن کي (الله کان) ڊڄڻ گھرجي جيڪي جيڪڏھن پنھنجي پٺيان ھيڻو اولاد ڇڏين ته مٿن ڊڄن (ته ڪھڙو حال ٿيندن)، پوءِ گھرجي ته الله کان ڊڄن ۽ گھرجي ته سڌي ڳالھه چون. جيڪي يتيمن جو مال ڏاڍ سان کائيندا آھن سي پنھنجن پيٽن ۾ رڳو باھ کائيندا آھن، ۽ دوزخ ۾ سگھو گھڙندا.
(سورة النساء ...10)

49- عورتن جو ميراث ۾ اڌ حصو
الله اوھان جي اولاد بابت اوھان کي وصيت ٿو ڪري، ته پُٽ لاءِ (حصو) ٻن ڌيئرن جي ڀاڱي جيترو آھي، ۽ جيڪڏھن (فقط) ڌيئرون ٻن کان وڌيڪ ھجن ته (مُئل) جيڪي ڇڏيو تنھن جون ٻه ٽھايون اُنھن لاءِ آھن، ۽ جيڪڏھن (فقط) ھڪ آھي ته اُن لاءِ اڌ آھي- ۽ مئل جيڪي ڇڏيو تنھن مان اُن جي ماءُ پيءُ ھر ھڪ لاءِ ڇھون ڀاڱو آھي (سو تڏھن) جڏھن اُن (مئل) کي اولاد ھجي، ۽ جيڪڏھن اُن کي اولاد نه ھُجي ۽ اُن جا وارث ماءُ پيءُ ھجن ته ماڻس لاءِ ٽيون ڀاڱو ( ۽ باقي پڻس لاءِ) آھي، ۽ جيڪڏھن اُن (مئل) کي ڀائر ھجن ته ماڻس لاءِ ڇھون حصو آھي (اِھو ورھاڱو) وصيت (جي ادائگي کان پوءِ) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪيائين يا قرض جي ادائگي کان پوءِ (ڪرڻو) آھي- اوھان جا پيئر ۽ اوھان جا پُٽ، (اوھين) نه ڄاڻندا آھيو ته اُنھن مان ڪھڙو اوھان لاءِ فائدي جي ڪري وڌيڪ ويجھو آھي؟ (اِھو ورھاڱو) الله جي (پار کان) فرض ڪيل آھي- ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. (النساء ...11)
۽ جيڪي (مال) اوھان جي زالن ڇڏيو تنھن جو اڌ اوھان لاءِ آھي جيڪڏھن انھن کي ڪو ٻار ڪونه ھجي، پر جيڪڏھن اُنھن کي ڪو ٻار ھجي ته جيڪي ڇڏيائون تنھن مان چوٿون ڀاڱو وصيت (جي ادائگي کان پوءِ) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪيائون يا قرض جي ادائگي کان پوءِ اوھان لاءِ آھي- ۽ جيڪي (مال) اوھان ڇڏيو تنھن مان جيڪڏھن اوھان کي ڪو ٻار ڪونھي ته اُنھن (زالن) لاءِ چوٿون ڀاڱو آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي ٻار آھي ته جيڪي (مال) اوھان ڇڏيو تنھن مان وصيت (جي ادائگي) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪئي اٿوَ يا قرض جي ادائگي کان پوءِ اُنھن (زالن) لاءِ اٺون ڀاڱو آھي- ۽ جيڪڏھن ڪو (مئل) مرد يا عورت ورثو ڇڏي (۽ اُھو) ڪلاله ھجي (يعني جنھن کي ماءُ پيءُ ۽ ڪو ٻار نه ھجي) ۽ اُن کي (مائيتو) ھڪ ڀاءُ يا ھڪ ڀيڻ ھجي ته اُنھن منجھان ھر ھڪ لاءِ ڇھون حصو آھي، ۽ جيڪڏھن انھن کان وڌيڪ ھجن ته اُھي (سڀ) جا وصيت نقصان واري نه ڪئي ويئي ھجي تنھن يا قرض جي ادائگي کان پوءِ ٽھائيءَ ۾ ڀائيوار آھن- (اِھو) الله جو حڪم آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ بُردبار آھي.
(سورة النساء ...12)
اِھي الله جون حدون آھن، ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنھن کي (الله اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان نهرون وھنديون آھن اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي. (سورة النساء ...1۳)
۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي بي فرماني ڪندو ۽ سندس حدن کان ٻاھر نڪرندو تنھن کي باهه ۾ داخل ڪندو اُن ۾ سدائين رھڻ وارو آھي، ۽ اُن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي. (سورة النساء ...14)
50- تصديق کان پوءِ بدڪار عورتن جي سزا
۽ اُوھان جي زائفن مان جيڪي بي حيائيءَ جو ڪم ڪن تن تي پاڻ مان چار (مرد) شاھد ڪريو، پوءِ جيڪڏھن (شاھد) شاھدي ڏين ته اُنھن کي ايستائين گھرن ۾ جھليو جيستائين کين موت ماري يا الله اُنھن لاءِ ڪو رستو ڪڍي. ۽ اوھان مان جيڪي ٻه مرد اهو ڪم ڪن تن کي مار ڏيو، پوءِ جيڪڏھن توبہ ڪن ۽ پاڻ سڌارين ته اُنھن (کي مار ڏيڻ) کان مڙو- ڇوته الله توبہ قبول ڪندڙ مھربان آھي. (سورة النساء ...16)
51- مرڻ وقت توبهه قبول ناهي
الله کي رڳو اُنھن جي توبہ ڪرڻ جڳائيندي آھي جيڪي بي سمجھائيءَ سان گناهه ڪندا آھن وري جھٽ پٽ توبہ ڪندا آھن اُنھن تي الله (ٻاجھ سان) موٽندو آھي- ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. ۽ اُنھن جي توبہ قبول ٿيڻي نه آھي جيڪي بڇڙايون ڪندا (رھندا) آھن ( ۽ نه ڊڄندا آھن) تان جو جنھن مھل اُنھن مان ڪنھن کي موت پھچي تنھن مھل (ڊڄي) چوي ته ھاڻي آءٌ توبہ ڪريان ٿو ۽ نڪي اُنھن جي (توبہ قبول آھي) جيڪي ڪافر ٿي مرندا آھن- اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون. (النساء ...18)
52- زالن سان ڀلائيءَ سان رهو
اي ايمان وارؤ! اوھان کي عورتن جو (سندن) بي مرضيءَ وارث ٿيڻ روا نه آھي- ۽ نڪي سندن پڌري گناهه ڪرڻ کان سواءِ کين ھن لاءِ جھليو ته جيڪي کين ڏنو ھجيوَ تنھن مان ڪجھ موٽائي وٺو، ۽ ساڻن چڱي ھليءَ چليءَ وانگر گذاريو، پوءِ جيڪڏھن اُھي اوھان کي نه وڻن ته (صبر ڪريو ڇوته) جا شيءِ اوھان کي نه وڻندي ھجي تنھن ۾ ممڪن آھي ته الله گھڻي چڱائي ڪري. ۽ جيڪڏھن (ھڪ) زال جي بجاءِ ٻي زال پرڻڻ جو ارادو ڪريو ۽ اُنھن مان ھڪڙيءَ کي گھڻو مال (ڪابين ۾) ڏنو ھجيوَ ته منجھانئس ڪجھ موٽائي نه وٺو- (اوھين) بھتان ۽ پڌرو گناهه ڪندي اُھو (مال) کسيندا آھيو ڇا؟اهو (مال) ڪهڙيءَ طرح کسيندا آهيو؟ حالانڪه اوھان ھڪ ٻئي کان نفعو وٺي چڪؤ ۽ (زالن به) اوھان کان (مھر ڏيڻ جو) پڪو انجام ورتو آھي.(سورة النساء ...21)
53- ڪهڙين عورتن سان نڪاح ڪرڻ حرام آهي
۽ جيڪي زالون اوھان جي پيئرن پرڻيون سي اوھين نه پرڻجو پر جيڪي اڳي گذريو (سو گذريو) ڇوته اُھا بي حيائي ۽ گناهه آھي، ۽ اُھا بُڇڙي واٽ آهي.(اي مسلمانؤ!) اوھان تي اوھان جون مائر ۽ اوھان جون ڌيئر ۽ اوھان جون ڀينر ۽ اوھان جون پڦيون ۽ اوھان جون ماسيون ۽ ڀائٽيون ۽ ڀاڻيجيون ۽ اُھي اوھان جون مائر جن اوھان کي ٿڃ پياري ۽ اوھان جون رضاعي (ٿڃ گڏ پيتل) ڀينر ۽ اوھان جي زالن جون مائر (يعني سَسون) ۽ اُھي اوھان جون اڳ ڄايون جيڪي اوھان جي ھنجن ۾ پليون (۽) اوھان جي اُنھن زالن مان ھجن جن کي اوھين ويجھا ويا آھيو پر جيڪڏھن اوھين اُنھن (سندن مائرن) کي ويجھا نه ويا آھيو ته اوھان تي گناهه نه آھي ۽ اوھان جي اُنھن پُٽن جون زالون جيڪي (پٽ) اوھان جي پٺين مان (پيدا ٿيل) آھن ۽ ٻن ڀينرن جو گڏ پرڻجڻ حرام ڪيو ويو آھي پر جيڪي اڳ گذريو (سو گذريو) ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي. (سورة النساء ...23)
..........٭ ..........
 
Top