قرآن جو پیغام ۔ سيپارو- 3

یوسف-2

محفلین
سيپارو- 3 ... ت۔لک ال۔رُّسُل جا مضمون
1- رسولن تي اختلاف ۽ الله جي مرضي
اھي پيغمبر آھن اُنھن مان ھڪڙن کي ٻ۔ين کان ڀلو ڪيوسون، منجھانئن ڪن سان الله ڳالھايو ۽ ڪن کي درجن ۾ وڏو ڪيائين، ۽ عيسى پٽ مريم جي کي چٽا مُعجزا ڏناسون ۽ کيس پاڪ روح سان مدد ڏني سون، ۽ جيڪڏھن الله گُھري ھا ته جيڪي (ماڻھو) اُنھن (پيغمبرن) کان پوءِ هُئا سي پاڻ وٽ چِٽن معجزن اچڻ کان بعد (پاڻ ۾) نه وڙھن ھا پر اختلاف ۾ پيا پوءِ منجھانئن ڪن ايمان آندو ۽ منجھانئن ڪن ڪفر ڪيو، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته (پاڻ ۾) نه وڙھن ھا، پر الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي. (سورة البقرة ...253)
2- ڪفر ڪندڙ ئي ظالم آهن
اي مؤمنؤ! جيڪي اوھان کي رزق ڏنوسون تنھن مان ان ڏينھن جي اچڻ کان اڳ خرچ ڪريو جنھن ۾ نه ڪو واپار ۽ نه ڪا ياراڻي آھي ۽ نه ڪا پارت ھلندي، ۽ ڪافر ئي ظالم آھن. (سورة البقرة ...254)
3- الله پوري ڪائنات کي سنڀاليو آهي
الله (اُھو آھي جو) ان کان سواءِ ڪو عبادت جي لائق نه آھي، (اُھو سدائين) جيئرو، (جھانن کي) بيھڪ ڏيندڙ آھي، کيس نڪي پنڪي ۽ نڪي ننڊ وٺندي آھي- جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) سندس (ملڪيت) آھي. ڪير آھي جو سندس موڪل ڌاران وٽس پارت ڪري سگھي؟ جيڪي اُنھن (مخلوقن) جي اڳيان آھي ۽ جيڪي سندن پوئتان آھي سو (سڀ) ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي گھري تنھن کان سواءِ سندس علم مان ڪنھن ذري کي (اُھي) گھيرو ڪري نه سگھندا آھن، سندس (بادشاھيءَ جي) ڪرسيءَ آسمانن ۽ زمين کي لپيٽيو آھي، ۽ اُنھن جي سنڀال کيس نه ٿڪائيندي آھي، ۽ اُھو (سڀ کان) مٿاھون وڏي وڏائيءَ وارو آھي. (سورة البقرة ...255)
4- ايمان يا ڪفر اختيار ڪرڻ ۾ آزادي
دين مڃائڻ ۾ ڪا زبردستي نه آھي، (ڇوته) بيشڪ گمراھيءَ کان ھدايت (جدا ٿي) پڌري ٿي آھي، تنھنڪري جيڪو طاغوت (يعني خُدا کان سواءِ ٻ۔ين معبودن) کي نه مڃي ۽ الله کي مڃي تنھن بيشڪ اھڙي محڪم ڪڙي کي ورتو، جنھن کي ڇڄڻ نه آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. الله مؤمنن جو سنڀاليندڙ آھي کين اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍندو آھي، ۽ جيڪي ڪافر آھن تن جا مددگار (خُدا کان سواءِ جن جي عبادت ڪن ٿا سي) بت آھن کين سوجھري مان اونداھين ڏانھن ڪڍندا آھن، اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن. (سورة البقرة ...257)
5- ابراهيمؑ جو رب ڪير آهي
(اي پيغمبر) تو اُن ڏانھن نه ڏٺو ڇا؟ جنھن پنھنجي پالڻھار بابت ابراھيم سان (انھيءَ مغروريءَ سبب) تڪرار ڪيو جو الله کيس بادشاھي ڏني ھئي- جڏھن ابراھيم چيو ته منھنجو پالڻھار اُھو آھي جو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، (ڪافر) چيو ته آءٌ (به) جياريان ٿو ۽ ماريان ٿو- ابراھيم چيو ته الله سج کي اوڀر کان اوڀاريندو آھي تنھنڪري (تون) اُن کي اولھ کان اوڀار پوءِ ڪافر ھَڪو ٻَڪو ٿي ويو، ۽ الله ظالم ٽوليءَ کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي. (البقرة .258)
6- سؤ سالن کان پوءِ ٻيهر زندهه ٿيو
يا انھيءَ طرح اُنھي (پيغمبر) کي (ڏٺئي ڇا؟) جو ھڪ ڳوٺ وٽان ھن حالت ۾ لنگھيو جو اُھو پنھنجي ڇتين سوڌو ڊٺل ھو، (ڏسي ڪري) چيائين ته ھن کي الله ڪھڙي طرح سندس ڦٽڻ کان پوءِ وسائيندو، پوءِ الله کيس سؤ ورھيه ماريو وري کيس (جياري) اٿاريائين، الله چيو ڪيترو رھئين؟ چيائين ته ھڪ ڏينھن يا ڪجھ پھر رهيو آهيان-(الله) چيو ته بلڪ سؤ ورھيه رهيو آهين پوءِ پنھنجي طعام ۽ پنهنجي پاڻيءَ ڏانھن نھار جو اُھو نه سينواريو آھي، ۽ پنھنجي (مئل) گڏھ ڏانھن نھار (ته جياري توکي ڏيکاريون) ۽ (اھو ھن لاءِ ڪيوسين) ته توکي ماڻھن لاءِ نشاني ڪريون ۽ (ھاڻي گڏھ جي) ھڏن ڏانھن ڏس ته کين ڪيئن چوريون ٿا وري اُنھن (ھڏن) کي گوشت پھرايون ٿا. پوءِ جنھن مھل ان تي (اھو حال) پڌرو ٿيو (تڏھن) چيائين ته ڄاڻان ٿو ته الله سڀ ڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي. (البقرة ...259)
7- ابراهيمؑ : ذبح ٿيل پکين جو زندهه ٿيڻ
۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم چيو ته اي منھنجا پالڻھار! مون کي ڏيکار ته ڪھڙي طرح مئلن کي جياريندو آھين، (الله) چيو ته نه ٿو مڃين ڇا؟ (ابراھيم) چيو ته ھائو (مڃيان ٿو) پر ھن لاءِ ته منھنجيءَ دل کي تسلّي ٿئي. (الله) چيو ته چار پکي وٺ پوءِ کين پاڻ وٽ ٽڪرا ٽڪرا ڪر پوءِ منجھانئن ڪو ڀاڱو ھر ھڪ جبل تي رک وري کين سڏ ته توڏانھن ڊوڙندا ايندا- ۽ ڄاڻ ته الله غالب حڪمت وارو آھي. (سورة البقرة ...260)
8- هڪ جي بدران ست سؤ ملندو
جيڪي (ماڻھو) پنھنجا مال الله جي واٽ ۾ خرچيندا آھن تن جو مثال انھيءَ داڻي جي مثال وانگر آھي جو ست سنگ ڄمائي ھر ھڪ سنگ ۾ سؤ داڻو ھجي، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي (تنھن کي) ٻيڻو ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگي وارو، ڄاڻندڙ آھي. (سورة البقرة ...261)
9- خيرات وارو صدقو ڏيڻ جو صحيح طريقو
جيڪي (ماڻھو) پنھنجو مال الله جي واٽ ۾ خرچيندا آھن وري پنھنجي ڏيڻ پٺيان نڪي ٿورو رکندا آھن ۽ نڪي ايذائيندا آھن تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن ثواب آھي، ۽ نڪي کين ڪو ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين ٿيندا. مِٺو ڳالھائڻ ۽ معاف ڪرڻ اُنھيءَ خيرات کان ڀَلو آھي جنھن جي پٺيان ايذاءُ ھجي- ۽ الله بي پرواهه بُردبار آھي. (البقرة ...263)
 

یوسف-2

محفلین
10- احسان جتائي صدقو ڏيڻ
اي مؤمنؤ! پنھنجين خيراتن کي احسان رکڻ ۽ ايذائڻ سان اُنھيءَ ماڻھوءَ وانگر نه وڃايو جيڪو پنھنجو مال ماڻھن جي ڏيکاري لاءِ خرچي ۽ الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي نه مڃي- پوءِ سندس مثال (اُنھيءَ) لسي پٿر وانگر آھي جنھن تي ٿوري مٽي (پيل) ھجي ۽ مٿس وڏڦڙو مينھن وسي پوءِ ڇنڊي ڇڏيس- (ته رياءَ وارن) جيڪي ڪمايو تنھن مان ڪنھن ذري تي (اُھي) وس وارا نه ٿيندا، ۽ الله ڪافر ٽوليءَ کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي. (سورة البقرة ...264)

11- الله جي رضا لاءِ خرچ ڪرڻ
۽ جيڪي پنھنجن مالن کي الله جي رضامندي حاصل ڪرڻ ۽ پنھنجين دلين ۾ پڪي يقين پيدا ڪرڻ لاءِ خرچيندا آھن تن جو مثال ھڪ باغ وانگر آھي جو دڙي تي ھجي اُن تي وڏڦڙو مينھن وسي ۽ پنھنجو ڦر ٻيڻو ڪري پر جيڪڏھن مٿس وڏڦڙو مينھن نه وسي ته ماڪ بس ھجيس- ۽ جيڪي اوهين ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي. (سورة البقرة ...265)
12- عمل چٽ ٿيڻ جو مثال
اوھان مان ڪو ھڪ (دل سان) گھرندو آھي ڇا؟ ته اُن کي کجين ۽ ڊاکن جو ھڪ باغ ھجي جنھن جي ھيٺان واھيون وھنديون ھجن اُن لاءِ منجھس سڀ ڪنھن (جنس جا) ميوا ھجن ۽ کيس پوڙھائي اچي وٺي ۽ ان کي ڪمزور اولاد ھجي، پوءِ اُن (باغ) کي (اھڙو) واچوڙو لڳي جنھن ۾ باھه ھجي تنھنڪري (سندس باغ) سڙي وڃي- اھڙي طرح الله اوھان لاءِ (چٽيون) نشانيون بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين سوچيو. (سورة البقرة ...266)
13- شيطان مفلسيءَ کان ڊيڄاري ٿو
اي مؤمنؤ! جيڪي ڪمايو تنھن مان (۽ پڻ) جيڪي اوھان لاءِ زمين مان پيدا ڪيوسين تنھن مان ڪي سٺيون شيون (خدا ڪارڻ) خرچ ڪيو، ۽ ان مان خراب شيءِ خرچ ڪرڻ جي نيت ھن ھوندي نه ڪريو جو (پاڻ) اُن ۾ پنھنجين اکين ٻوٽڻ کان سواءِ کيس وٺڻ وارا نه آهيو- ۽ ڄاڻو ته الله بي پرواههساراھيل آھي. (اي مسلمانؤ!) شيطان اوھان کي سڃائيءَ جو ڀؤ ڏيندو آھي ۽ اوھان کي بي حيائيءَ (جي ڪمن) جو حڪم ڪندو آھي، ۽ الله اوھان کي پنھنجي پاران بخشش ۽ ڀلائي جو وعدو ڏيندو آھي- ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي. جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي دانائي ڏيندو آھي، ۽ جنھن کي دانائي ڏني ويئي تنھن کي بيشڪ گھڻي چڱائي ڏني ويئي- ۽ عقل وارن کان سواءِ ٻيو ڪو نصيحت نه پرائيندو آھي. (سورة البقرة ...269)
14-ضرورتمندن جي لڪي مدد ڪرڻ افضل آهي
۽ (اي مسلمانؤ!) جيڪي اوھان خيرات ڪريو يا باس باسيو تنھن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ ظالمن جو ڪو مددگار نه آھي. جيڪڏھن خيراتون ظاهر ڪري ڏيندؤ ته اُھي (ڪھڙيون نه) چڱيون آھن! ۽ جيڪڏھن اُنھن کي لڪائيندؤ ۽ اُھي محتاجن کي ڏيندؤ ته اُھو اوھان لاءِ (ويتر) ڀلو آھي، ۽ الله اوھان جا ڪي گناهه اوھان کان ميٽيندو- ۽ جيڪي اوھان ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي. (سورة البقرة ...271)
15- هدايت ته الله ئي ڏيندو آهي
(اي پيغمبر!) توتي اُنھن (ڪافرن) کي ھدايت (يعني دل ۾ اثر پيدا) ڪرڻ لازم نه آھي پر الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي ھدايت ڪندو آھي- ۽ جيڪي ڪجھ مال خرچيندا آھيو سو اوھان (جي ڀلي) لاءِ آھي، ۽ الله جي رضامندي طلبڻ کان سواءِ (اوھين) خرچ نه ڪريو- ۽ جيڪي ڪجھ مال خرچيو (اُن جو ثواب) اوھان کي پورو ڏبو ۽ اوھان تي ظلم نه ڪبو. (سورة البقرة ...272)
 

یوسف-2

محفلین
16- ديني ڪم وارا مدد جا وڌيڪ مستحق آهن
اھڙن فقيرن کي (خيرات ڏيڻ لازم آھي) جيڪي الله جي واٽ ۾ روڪيل آھن (واپار لاءِ) مُلڪ ۾ سفر ڪري نه سگھندا آھن، ناواقف (سندن) بي طمعيءَ سببان کين مالدارڀائيندا آھن، سندين پيشانين مان کين سڃاڻندو آھين، چنبڙي ماڻھن کان نه پنندا آھن- ۽ جيڪي ڪجھ مال خرچيندا آھيو سو الله ڄاڻندڙ آھي. (سورة البقرة ...273)
17- وياج حرام آهي ۽ وياج کائيندڙ جهنمي
جيڪي پنھنجا مال رات جو ۽ ڏينھن جو ڳجھو ۽ پڌرو خرچيندا آھن تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اجر آھي، ۽ نڪي کين ڪو ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين ٿيندا. جيڪي وياج کائيندا آھن سي (قبرن مان) رڳو اُنھيءَ (ماڻھوءَ) جي اُٿڻ وانگر اُٿندا جنھن کي جِنّ اثر سببان چريو ڪيو ھجي- اھو ھن ڪري آھي جو اُھي (وياج خور) چون ٿا ته واپار وياج جھڙو ئي آھي- حالانڪه الله واپار کي حلال ڪيو آھي ۽ وياج کي حرام ڪيو آھي، پوءِ جنھن کي پنھنجي پالڻھار وٽان نصيحت آئي ۽ (وياج) ڇڏيائين تنھن لاءِ جيڪي اڳي ڪيائين سو (ھينئر معاف) آھي، ۽ (آخرت ۾) سندس مامرو الله ڏانھن (سونپيل) آھي، ۽ جن وري (وياج کاڌو) سي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن. الله وياج (جو کٽيو) ناس ڪري ڇڏيندو آھي ۽ خيراتن کي وڌائيندو آھي، ۽ الله ڪنھن به بي شڪر گنھگار کي دوست نه رکندو آهي. جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ نماز پڙھيائون ۽ زڪوٰة ڏنائون تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اَجر آھي- ۽ نڪي کين ڪو ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين ٿيندا.اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ جيڪڏھن اوھين (الله ۽ رسول کي) مڃيندڙ آھيو ته جيڪي وياج مان رھيل آھي سو ڇڏيو.پوءِ جيڪڏھن (ائين) نه ڪندؤ ته الله ۽ سندس رسول جي پاران اوھان کي جنگ جواعلان ھجي، ۽ جيڪڏھن توبہڪيوَ ته اوھان لاءِ اوھان جي مالن جي موڙي آھي، نڪي وڌيڪ وٺو ۽ نڪي اوھان کي گھٽ ڏبو. (سورة البقرة ...279)

18- مجبور قرضدار کي مهلت ڏيو
۽ جيڪڏھن (قرضي) سڃو ھجي ته سگھ تائين مھلت ڏيڻ لازم آھي- ۽ جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو ته اوھان جو (قرض) بخشڻ اوھان لاءِ بهتر آھي.۽اُنھيءَ ڏينھن کان ڊڄو جنھن ۾ الله ڏانھن موٽايا ويندؤ، پوءِ سڀڪنھن ماڻھوءَ کي جيڪي ڪمايائين تنھن جو پورو بدلو ڏبو ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو. (سورة البقرة ...281)
19- قرض کي شاهدن جي آڏو لکڻ
اي مؤمنؤ! جڏھن ڪنھن مقرر مدت تائين قرض جو معاملو ڪريو تڏھن اُن کي لکو- ۽ اوھان جي وچ ۾ لکندڙ کي انصاف سان لکڻ گھرجي ۽ جيئن کيس الله سيکاريو آهي تيئن لکندڙ لکڻ کان انڪار نه ڪري پوءِ لکڻ گھرجيس، ۽ جنھن تي قرض آھي سو (مطلب) بيان ڪري ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄڻ گھرجيس ۽ منجھانئس ڪجھ نه گھٽائي- پوءِ جنھن تي قرض آھي سو جيڪڏھن اَٻوجھ يا ھيڻو ھجي يا بيان نه ڪري سگھي ته سندس سنڀاليندڙ کي انصاف سان بيان ڪرڻ گھرجي- (البقرة ...282)
20- ٻن عورتن جي شاهدي هڪ مرد جي برابر
۽ پنھنجن (مسلمانن) مردن مان ٻه گواھ شاھد ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ٻه مرد نه ھجن ته ھڪ مرد ۽ ٻه زائفون (اُنھن) شاھدن مان جيڪي اوھان کي وڻن (شاھد ڪريو ھن لاءِ) ته جي اُنھن (ٻنھي) مان ھڪڙي وساريندي ته اُنھن مان ٻي کيس ياد ڏياريندي- ۽ جڏھن شاھد (شاھديءَ ڏانھن) سڏيا وڃن ته انڪار نه ڪن- ۽ اُن جي مدت تائين ٿوري يا گھڻي (قرض) جي لکي ڏيڻ کان نه ٿڪجو- اھو (لکڻ) الله وٽ انصاف کي تمام ويجھو ۽ شاھديءَ لاءِ بلڪل سڌو آھي ۽ اوھان جي شڪ ۾ نه پوڻ کي (به) ڏاڍو ويجھو آھي، (سورة البقرة ...282)
21- اڻ لِکي واپاري ۾ پڻ شاهد رهي
پر جيڪڏھن اوھان جو واپار روبرو ھجي جو اوھين ھٿون ھٿ پاڻ ۾ پيا ڪريو ته اُن جي نه لکڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ نه آھي، ۽ جڏھن ڏيو وٺو ته شاھد ڪريو، ۽ لکندڙ ۽ شاھد کي نه ڏکوئجي- ۽ جيڪڏھن (اھڙو ڪم) ڪندؤ ته اُھو اوھان کي گُناهه آھي- ۽ الله کان ڊڄو، ۽ الله اوھان کي سيکاري ٿو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي. (سورة البقرة ...282)
 

یوسف-2

محفلین
22- پنهنجي شيءِ گروي رکي معاملو طئي ڪريو
۽ جيڪڏھن اوھين مسافريءَ ۾ ھُجو ۽ لکندڙ نه لھو ته (ڪا شيءِ) گروي قبضي ڪرڻ لازم آھي، پوءِ جيڪڏھن اوھان مان ھڪڙا ٻ۔ين تي اعتبار رکن ته جنھن تي اعتبار رکيو ويو تنھن کي پنھنجي امانت (يعني قرض) ادا ڪرڻ گھرجي ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄڻ گھرجي، ۽ شاھدي نه لڪايو- ۽ جيڪو اُن کي لڪائيندو ته بيشڪ سندس دل ڏوھارڻ آھي- ۽ جيڪي اوھان ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندڙ آھي. (سورة البقرة ...283)
23- الله کان ڪجهه لڪائڻ ممڪن ناهي
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جي ئي (ملڪيت) آھي، ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو جيڪڏھن پڌرو ڪريو توڻي اُھو لڪايو (ته به) الله اوھان سان اُن جو حساب ڪندو پوءِ جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي بخشيندو، ۽ جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي عذاب ڪندو- ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
(سورة البقرة ...284)

24- حُڪم ٻُڌائين ۽ اطاعت قبول ڪئي
پيغمبر (محمد ﷺ) ڏانھن جيڪي سندس پالڻھار کان لاٿو ويو سو اُن مڃيو آھي ۽ مؤمنن (به)، سڀڪنھن الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس رسولن کي مڃيو آھي (چون ٿا ته) سندس پيغمبرن مان ڪنھن ھڪ (جي مڃڻ) ۾ فرق نه ڪندا آھيون، ۽ چيائون ته ٻڌوسون ۽ (سندس حڪم) مڃيوسون. اي اسان جا پالڻھار! تنھنجي بخشش گھرون ٿا ۽ تو ڏانھن موٽڻو آھي. (سورة البقرة ...285)
25- الله وس کان وڌيڪ بار نٿو وجهي
الله ڪنھن کي سندس وس ڌاران تڪليف نه ڏيندو آھي، جيڪي (چڱو) ڪمايائين سو سندس (فائدي) لاءِ آھي ۽ جيڪي (بڇڙو) ڪمايائين سو مٿس آھي،(البقرة ...286)

26- الله کان دعا ڪيئن گهري وڃي
اي اسان جا پالڻھار! جيڪڏھن وساريون يا چُڪ ڪريون ته اسان کي نه پڪڙ، ۽ اي اسان جا پالڻھار! اسان تي اھڙو بار نه رک جھڙو اسان کان اڳين تي رکيو ھيئي، ۽ اي اسان جا پالڻھار! (جنھن بار) جي کڻڻ جي اسان کي سگھ ڪانھي سو اسان تي نه رک، ۽ اسان کي معاف ڪر! ۽ اسان کي بخش، ۽ اسان تي مھر ڪر! تون اسان جو سائين آھين تنھنڪري اسان کي ڪافر ٽوليءَ تي سوڀ ڏي! (سورة البقرة ...286)
27- قرآن کان اڳ تورات ۽ انجيل
سورة آل عمران: الله ٻاجهاري مهربان جي نالي سان (شروع). الٓ۔۔مٓ. الله (اُھو آھي جو) اُن کان سواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي (جو سدائين) جيئرو (جڳ جي) بيھڪ ڏيڻ وارو آھي. توتي (اُھو) ڪتاب سچ سان لاٿائين (جو) جيڪي (ڪتاب) کانئس اڳي آھن تن جو سچو ڪندڙ آھي ۽ توريت ۽ انجيل کي لاٿائين. اڳي ئي ماڻھن جي ھدايت لاءِ ۽ (سچ ۽ ڪوڙ کي) سنڌو وجھندڙ لاٿائين- بيشڪ جن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو تن لاءِ سخت عذاب آھي، ۽ الله غالب بدلي وٺڻ وارو آھي. (سورة آل عمران ...4)
28- ڪابه شيءِ الله کان لڪل ناهي
بيشڪ الله تي ڪائي شيء نڪي زمين ۾ ۽ نڪي آسمان ۾ ڳجھي رھندي آھي. اُھو (الله) اھو آھي جيڪو (مائرن) جي ڳهڻن ۾ جيئن گھرندو آھي (تيئن) اوھان جي شڪل ٺاھيندو آھي- اُن کان سواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي (اُھوئي) غالب حڪمت وارو آھي. (سورة آل عمران ...6)
 

یوسف-2

محفلین
29- متشابهه آيتون الله ئي ڄاڻي ٿو
اُھو (الله) آھي جنھن توتي ڪتاب لاٿو جنھن مان ڪي آيتون محڪم (يعني چٽي معنيٰ واريون) آهن اُھي ڪتاب جو اصل آھن ۽ ٻيون متشابہ آھن (يعني گهڻين معنائن واريون) آهن، پوءِ جن جي دلين ۾ ڏنگائي آھي سي مَنجھانئس جيڪي مُتشابہ آھن تن جي پُٺيان فتني پکيڙڻ ۽ سندن (مطلبي) مراد ڳولڻ لاءِ لڳندا آھن، ۽ الله کان سواءِ اُن جي مراد ڪوئي نه ڄاڻندو آھي- ۽ (جيڪي) علم ۾ پختا (آھن سي) چوندا آھن ته اُنھن کي مڃيوسون اِھي مڙئي اسان جي پالڻھار وٽان آھن، ۽ عقل وارن کان سواءِ (ٻيو) نصيحت نه وٺندو آھي. اي اسان جا پالڻھار! جڏھن تو اسان کي ھدايت ڪئي تنھن کان پوءِ اسان جي دلين کي ڏنگائي نه ڏي ۽ پاڻ وٽان اسان کي ٻاجھ عطا ڪر، ڇوته تون ئي بخشڻھار آھين. اي اسان جا پالڻھار! تون اُن ڏينھن ۾ ماڻھن کي گڏ ڪندڙ آھين جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي، بيشڪ الله (پنھنجي) انجام کي نه ڦيرائيندو آھي. (سورة آل عمران ...9)
30- ڪافرن کي مال ۽ اولاد ڪجهه به ڪم نه ڏيندو
بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کان ڪڏھن به سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد الله (جي عذاب) مان ڪجھ نه ٽاريندو، ۽ اِھي دوزخ جو ٻل آھن. (اُنھن جو حال) فرعونين جي ۽ اُنھن جي حال جھڙو آھي جي کانئن اڳ ھئا، (اُنھن) اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو، پوءِ الله سندن گناھن سببان کين پڪڙيو-۽ الله سخت سزا ڏيندڙ آھي. (سورة آل عمران ...11)
31- نبيﷺ جو انڪار ڪندڙ جهنمي آهن
(اي پيغمبر!) ڪافرن کي چؤ ته سگھو ھيٺانهان ٿيندؤ ۽ دوزخ ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ، ۽ (اُھو) بڇڙو ھنڌ آھي. اُنھن ٻن ٽولين جي (پاڻ ۾) ويڙھ ڪرڻ ۾ اوھان لاءِ بيشڪ نشاني آھي- ھڪڙي ٽولي الله جي واٽ ۾ وڙھي ۽ ٻي ڪافرن (جي) ھئي (مسلمانن) کين پاڻ کان ٻيڻو اکين جي ڏيٺ سان ڏٺو ٿي- ۽ الله جنھن کي وڻيس (تنھن کي) پنھنجي مدد سان سگھ ڏيندو آھي- ڇوته اُن ۾ (سمجھ جي) اکين وارن لاءِ ضرور عبرت آھي. (سورة آل عمران ...13)
32- مال ۽ اولاد ٿورن ڏينهن جو سامان آهن
ماڻھن لاءِ زالن ۽ پُٽن ۽ سونَ ۽ چانديءَ جي (وڏن وڏن) سٿيلن ڍيرن ۽ نشان ڪيلن گھوڙن ۽ ڍورن ۽ پوک جي خواهشن جي محبت سينگاري ويئي آھي- اھو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آھي، ۽ الله وٽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي. (آل عمران ...14)
33- بهتر ٺڪاڻو ته الله وٽ ئي آهي
(اي پيغمبر! کين) چؤ ته آءٌ ان کان ڀَليءَ (شيءِ) جي خبر ڏيان؟ جن (شرڪ کان) پاڻ بچايو تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ بھشت آھن جن جي ھيٺان نهرون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن ۽ پاڪ زالون ۽ (پڻ) الله جي پاران راضپو آھي، ۽ الله ٻانھن کي ڏسندڙ آھي. (سورة آل عمران ...15)
34- الله ٻانهن تي گهاٽي نظر رکي ٿو
جيڪي چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان توکي مڃيو آھي تنھنڪري اسان جا ڏوھ اسان کي بخش ۽ باهه جي عذاب کان اسان کي بچاءِ. اُھي صابر ۽ سچا ۽ تابعداري ڪندڙ ۽ سخي ۽ اسُر مهل جو بخشش گھرندڙ آھن. (سورة آل عمران ...17)
35- الله وٽ دين صرف اسلام آهي
الله (ھيءَ) گواھي ڏني آھي ته الله کان سواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي، ۽ مَلائِڪ ۽ علم وارا (به) انصاف تي قائم رهنديِھا شاھدي ڏيندا آھن) اُن کان سواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي اُھو غالب حڪمت وارو آھي. بيشڪ وڻندڙ دين الله وَٽ اسلام آھي، ۽ جن کي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنو ويو تن (اڳ) تڪرار نه ڪيو پر وٽن علم آيو تنھن کان پوءِ پاڻ ۾ ضد سببان (تڪرار ڪيائون)، ۽ جيڪو الله جي حڪمن کي نه مڃيندو ته بيشڪ الله (به) سگھو حساب وٺندڙ آھي. پوءِ جيڪڏھن توسان جھيڙين ته چؤ مون ۽ جنھن منھنجي تابعداري ڪئي تنھنپنھنجو مُنھن (يعني سر) الله لاءِ نوايو آھي- ۽ (اي پيغمبر!) جن کي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنو ويو تن کي ۽ اڻ پڙھيلن کي چؤ ته اسلام آندو اٿو؟ (يا نه) پوءِ جيڪڏھن اسلام آڻين ته بيشڪ سڌيءَ واٽ وارا ٿيا، ۽ جيڪڏھن ڦري وڃن ته توتي رڳو پيغام پھچائڻ آھي- ۽الله ٻانھن کي ڏسندڙ آھي. (سورة آل عمران ...20)
36- ناحق قتل جي ڏکائيندڙ سزا آهي
بيشڪ جيڪي الله جي آيتن کي نٿا مڃين ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿا ڪُھن ۽ ماڻھن مان جيڪي (کين) اِنصاف جو حُڪم ڪن ٿا تن کي ٿا ڪُھن پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي سُڌ ڏي. اِھي (اُھي) آھن، جن جي ڪمائي دُنيا ۽ آخرت ۾ ناس ٿي ويئي، ۽ اُنھن جو ڪو مددگار ڪونھي. (سورة آل عمران ...22)
 

یوسف-2

محفلین
37- ديني معاملن ۾ غلط فهميون
(اي پيغمبر) جن کي ڪتاب مان ڪو ڀاڱو ڏنو ويو تن کي نه ڏٺو اَٿئي ڇا؟ (جو) الله جي ڪتاب ڏانھن (ھن لاءِ) سڏيا وڃن ٿا ته سندن وچ ۾ فيصلو ڪري پوءِ منجھانئن ھڪ ٽولي ڦري ويندي آھي ۽ اُھي منھن موڙيندڙ (به) آھن. اِھو ھن ڪري آھي جو اُھي چون ٿا ته باھ ڪن ڳاڻوَن ڏينھن کان سواءِ اسان کي ڪڏھن نه ڇھندي، ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا رھيا تنھن کين سندن دين ۾ ٺڳيو آھي. پوءِ ڪھڙو (حال ٿيندن) جڏھن کين اُھو ڏينھن جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي تنھن ۾ گڏ ڪنداسين، ۽ سڀڪنھن ماڻھوءَ جيڪي ڪمايو تنھن جو کيس پورو بدلو ڏبو ۽ اُنھن سان ظلم نه ڪبو. (اي پيغمبر!) چؤ ته اي الله! ملڪ جا مالڪ! جنھن کي گھرين تنھن کي بادشاھي ڏئين ۽ جنھن کان وڻيئي تنھن کان بادشاھي کسين، ۽ جنھن کي گھرين تنھن کي مانوارو ڪرين ۽ جنھن کي وڻيئي تنھن کي بي مانو ڪرين، تنھنجي ھٿ ۾ چڱائي آھي، ڇوته تون سڀڪنھن شيءِ تي وسوارو آھين. رات کي (گھٽائي) ڏينھن ۾ آڻين ٿو ۽ ڏينھن کي (گھٽائي) رات ۾ آڻين ٿو، ۽ مئي مان جيئري کي ڪڍين ٿو ۽ جيئري مان مئي کي ڪڍين ٿو، ۽ جنھن کي گھرين تنھن کي اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھين. (سورة آل عمران ...27)
38- ڪافرن کي پنهنجو مددگار هرگز نه بڻايو
(گھرجي ته) مؤمن مؤمنن کان سواءِ ڪافرن کي دوست نه بڻائين، ۽ جيڪو ائين ڪندو تنھن جو الله (جي دين) سان (ڪو) واسطو نه آھي ھن کان سواءِ ته اُنھن (ڪافرن) کان، پاڻ بچائڻ لاءِ بچاءُ ڪريو، ۽ الله پاڻ کان اوھان کي ڊيڄاريندو آھي، ۽ الله ڏانھن موٽڻو آھي. (سورة آل عمران ...28)
39- هر نفس پنهنجي ڪئي جو ميوو لهندو
(اي پيغمبر! کين) چؤ ته جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو جي لڪائيندؤ يا اُھو پڌرو ڪندؤ ته اُن کي الله ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سوبه) ڄاڻندو آھي، ۽ الله سڀ ڪنھن شيءِ تي وسوارو آھي. اُنھيءَ ڏينھن سڀڪو (ماڻھو) جيڪو چڱو ڪم ڪيائين ۽ جيڪو بڇڙو ڪم ڪيائين تنھن کي آڏو لھندو، (بڇڙي ڪم کي ڏسي) گھرندو ته جيڪر سندس ۽ اُن جي وچ ۾ گھڻي ڊيگھ ھجي ھا- ۽ الله پاڻ کان اوھان کي ڊيڄاريندو آھي، ۽ الله ٻانھن تي گھڻو مھربان آھي. (آل عمران ... 30)
40- الله سان محبت جي نشاني، نبيﷺ جي پيروي
(اي پيغمبر!) چؤ ته جي اوھين الله کي دوست رکندا آھيو ته منھنجي تابعداري ڪريو ته الله اوھان کي دوست رکندو ۽ اوھان جا گناھ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي. (اي پيغمبر!) چؤ ته الله ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ڦري ويا ته بيشڪ الله (به) ڪافرن کي دوست نه رکندو آھي. (آل عمران ...32)

41- حضرت مريمؑ جي پيدائش
بيشڪ الله آدم ۽ نوح ۽ ابراھيم جي اولاد ۽ عمران جي اولاد کي جھان (وارن) تي سڳورو ڪيو آھي. جو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جو نسل آھن، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. جڏھن عمران جي زال چيو ته اي منھنجا پالڻھار! جيڪي منھنجي پيٽ ۾ آھي سو تولاءِ آزاد ڪيل نذر ڪيم تنھنڪري مون کان قبول ڪر- ڇوته تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھين. پوءِ جنھن مھل اُن کي ڄڻيائين تڏھن چيائين ته اي منھنجا پالڻھار! مون ڌيءُ ڄڻي، ۽ جيڪي اُن ڄڻيو،تنھن کي الله بهتر ڄاڻندڙ آھي، ۽ پُٽ ڌيءَجھڙو نه آھي، ۽ مون سندس نالو مريم رکيو ۽ آءٌ اُن کي ۽ سندس نسل کي تڙيل شيطان (جي شر) کان تنھنجيءَ پناھ ۾ سونپيان ٿي. پوءِ اُن کي سندس پالڻھار چڱي قبولڻ سان قبوليو ۽ اُن کي چڱي پالڻ طرح پاليائين ۽ سندس سنڀاليندڙ زڪريا کي ڪيائين- جڏھن به زڪريا مٿس حُجري ۾ لنگھندو ھو ته وٽس طعام (رکيل) لھندو ھو(ھڪ وقت) چيائين ته اي مريم ھيءُ ڪٿان تولاءِ (آيو) آھي؟ چيائين ته اھو الله وٽان (آيو) آھي، ڇوته الله جنھن کي وڻيس (تنھن کي) اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھي. (آل عمران ...37)
42- حضرت زڪرياؑ کي الله جي خوشخبري
اُتي زڪريا پنھنجي پالڻھار کي سڏيو، چيائين اي منھنجا پالڻھار پاڻ وٽان مون کي چڱو اولاد بخش، ڇو ته تون دعا جو ٻڌندڙ آھين. پوءِ ملائڪن سڏيس ۽ اُن حجري ۾ بيٺي نماز پڙھي ٿي (ملائڪن چيس ته) الله توکي يحيى (جي ڄمڻ) جي خوشخبري ڏئي ٿو جو الله جي حڪم (سان پيدا ٿيل عيسى) جو سچو ڪندڙ ۽ سردار ۽ سَتو جَتو ۽ صالحن مان پيغمبر آھي. چيائين ته اي منھنجا پالڻھار! مون کي پٽ ڪيئن ٿيندو جو بيشڪ مون کي پوڙھائي اچي رسي آھي ۽ منھنجي زال سَنڍ آھي، (ملائڪ) چيو ته الله جيڪي گھرندو آھي سو اھڙيءَ طرح ڪندو آھي. چيائين ته اي منھنجا پالڻھار! مون لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر، (الله) فرمايو ته تنھنجي نشاني (ھيءَ) آھي ته ٽي ڏينھن اشاري کان سواءِ ماڻھن سان ڳالھائي نه سگھندين، ۽ پنھنجي پالڻھار کي گھڻو ياد ڪر ۽ صبح جو ۽ سانجھيءَ جو ساراھِ. (آل عمران ...41)
 

یوسف-2

محفلین
43- حضرت مريمؑ کي خوشخبري
۽ (ياد ڪر) جڏھن ملائڪن چيو ته اي مريم! الله توکي سڳورو ڪيو ۽ توکي پاڪ ڪيائين ۽ توکي جھانن جي زائفن تي سڳورو ڪيائين. اي مريم! پنھنجي پالڻھار جي فرمانبرداري ڪر ۽ سجدو ڪر ۽ رڪوع ڪندڙن سان گڏجي رڪوع ڪر. اِھا ڳجھين خبرن مان آھي اُن کي توڏانھن وحي ڪيوسون- ۽ (تون) تڏھن وٽن نه ھئين جڏھن پنھنجا قلم (پکن لاءِ نهر ۾) وڌائون ٿي ته اُنھن مان ڪير مريم کي سنڀاليندو، ۽ تڏھن به وٽن نه ھئين جڏھن تڪرار ڪندا رھيا. جڏھن ملائڪن مريم کي چيو ته اي مريم! الله پاڻ وٽان توکي ھڪ (خاص) حڪم (سان پيدا ڪيل پٽ) جي خوشخبري ڏئي ٿو، سندس نالو مسيح عيسى پٽ مريم جو دنيا ۽ آخرت ۾ مرتبي وارو ۽ ويجھن ٻانهن مان ٿيندو. ۽ ماڻھن سان ڳالھائيندوپينگھي ۾ (ننڍي هوندي) ۽ جوانيءَ ۾ (به) ۽ صالحن مان هوندو. چيائين ته اي منھنجا پالڻھار! مون کي ڪيئن ٻار ٿيندو؟ جو مون کي (ڪنھن) ماڻھوءَ هٿ ئي نه لاتو آھي، (ملائڪ) چيو ته الله جيڪي گھرندو آھي سو اھڙي طرح پيدا ڪندو آھي- جڏھن ڪو ڪم ڪندو آھي ته اُن لاءِ رڳو چوندو آھي:ٿيءُ ته ٿي پوندو آھي. ۽ کيس ڪتاب ۽ دانائي ۽ توريت ۽ انجيل سيکاريندو. ۽ (اُن کي) بني اسرائيل ڏانھن پيغمبر ڪري موڪليندو، (عيسى چيو ته) مون اوھان جي پالڻھار وٽان نشاني آندي آھي ته آءٌ اوھان لاءِ مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل جھڙو (بوتو) بڻائيندس پوءِ منجھس ڦوڪيندس ته الله جي حڪم سان پکي ٿيندو، ۽ (مادر زاد) انڌي ۽ ڪوڙھي کي ڇُٽائيندس ۽ الله جي حڪم سان مئي کي جياريندس، ۽ جيڪي کائيندا آھيو ۽ جيڪي پنھنجن گھرن ۾ سانڀيندا آھيو سو اوھان کي ڏسيندس، جيڪڏھن اوھين مڃيندڙ آھيو ته اوھان لاءِ اُن ۾ هڪ نشاني آھي. (سورة آل عمران ...49)
44- عيسىؑ جو مُردي کي زندهه ڪرڻ
۽ جيڪو مون کان اڳ توريت (جو ڪتاب) آيل آھي تنھن جو سچو ڪندڙ آھيان ۽ جيڪي (شيون) اوھان تي حرام ڪيل آھن تن مان ڪي اوھان لاءِ حلال ڪندس ۽ اوھان جي پالڻھار وٽان اوھان لاءِ نشاني آندي اٿم، پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجي تابعداري ڪريو. بيشڪ الله منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، اھا سنئين واٽ آھي.
پوءِ جنھن مھل عيسى کانئن ڪفر (جا ڪم) اکين سان ڏٺا (تنھن مھل) چيائين ته الله (جي دين) ڏانھن منھنجا مددگار ڪير آھن؟ حوارين چيو ته اسين الله (جي دين) جا مددگار آھيون، الله کي مڃيوسون، ۽ شاھدي ڏج ته اسين پڪ مسلمان آھيون. (چيائون ته) اي اسانجا پالڻھار! جيڪي تو لاٿو سو مڃيوسون ۽ (هن) پيغمبر جي تابعداري ڪئي سون تنھنڪري اسانکي شاھدن ۾ لک. (سورة آل عمران ...53)
45- الله جو عيسىؑ کي واپس کڻڻ جو اعلان
۽ (يھودين) رٿ رٿي ۽ الله به (ڳجھي) رٿ رٿي، ۽ الله بهتر (ڳجھي) رٿ رٿيندڙ آھي. (ياد ڪر) جڏھن الله چيو ته اي عيسى آءٌ توکي ماريندڙ ۽ توکي پاڻ ڏانھن مٿي کڻندڙ آھيان ۽ جن ڪفر ڪيو تن (جي بھتانن) کان توکي پاڪ ڪندڙ آھيان ۽ جن تنھنجي تابعداري ڪئي تن کي قيامت تائين ڪافرن تي مٿاھون (غالب) ڪندڙ آھيان، وري مون ڏانھن اوھان جو موٽڻ آھي پوءِ اوھان جي وچ ۾ جنھن ڳالھ بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو (تنھن بابت) نبيرو ڪندس. پوءِ (اُنھن مان) جن ڪفر ڪيو تن کي دنيا ۽ آخرت ۾ بلڪل سخت سزا ڏيندس، ۽ اُنھن جو ڪو مددگار نه آھي. ۽ (اُنھن مان) جن ايمان آندو۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (الله) سندن اجورا پورا ڏيندو، ۽ الله ظالمن کي دوست نه رکندو آھي. (سورة آل عمران ...57)

46- عيسىؑ جو مثال آدمؑ وانگر آهي
اھو (قصو) جو توتي پڙھون ٿا سو نشانين ۽ حڪمت واري ڪتاب مان آھي. الله وٽ عيسى (جي پيدا ڪرڻ) جو مثال آدم جي مثال جھڙوئي آھي، اُن (آدم) کي مٽيءَ مان بڻايائين وري اُن لاءِ چيائينٿيءُ“ ته ٿي پيو. (اِھا ڳالھ) تنھنجي پالڻھار وٽان سچي آھي تنھنڪري شڪ ڪندڙن مان نه ھُج. (سورة آل عمران ...60)
47- جيڪو ڪوڙو هجي، ان تي الله جي لعنت
پوءِ اُن کان بعد جو تو وٽ علم آيو جيڪوتوسان ان بابت جھڳڙو ڪري ته چؤ ته اچو ته (اسين) پنھنجن پُٽن ۽ اوھان جي پُٽن ۽ پنھنجين زالن ۽ اوھان جي زالن ۽ پاڻ کي ۽ اوھان کي سڏيون، پوءِ (گڏجي پاراتي جي)زاريءَ سان دُعا گھرون پوءِ الله جي لعنت ڪوڙن تي ڪريون. اھو قصو ضرور سچو آھي، ۽ الله کان سواءِ ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي، ۽ الله ئي يقينًا غالب حڪمت وارو آھي. پوءِ جيڪڏھن ڦِرن ته بيشڪ الله به فسادين کي ڄاڻندڙ آھي. (آل عمران ...63)
 

یوسف-2

محفلین
48- الله کان سواءِ ڪنهن جي پوڄا نه ڪريو
(اي پيغمبر!) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ! ھڪ ڳالھ ڏانھن اچو جا اسان ۽ اوھان جي وچ ۾ ھڪ جھڙي آھي (اُها هيءَ آهي) ته الله کان سواءِ ڪنھن جي عبادت نه ڪريون ۽ نڪي ساڻس ڪنھن شيءِ کي شريڪ ڪريون ۽ نڪي اسان مان ڪو ڪنھن کي (به) الله کان سواءِ پالڻھار ڪري مڃي- پوءِ جيڪڏھن ڦِرن ته چؤ ته شاھد ھجو ته اسين پڪ مسلمان آھيون. (سورة آل عمران ...64)
49- ابراهيمؑ يهودي،عيسائي نه، مُسلِم هو
اي ڪتاب وارؤ! ابراھيم بابت ڇالاءِ جھڳڙو ڪريو ٿا؟ ۽ حالانڪه توريت ۽ انجيل نه لاٿا ويا پر کانئس پوءِ. پوءِ اوھين نه سمجھندا آھيو ڇا؟ (اي يھوديؤ!) اوھين اُھي آھيو جو جنھن جو اوھان کي علم آھي تنھن بابت جھڳڙو ڪندا آھيو پر جنهن جو اوھان کي ڪو علم آھي ئي نه، تنھن بابت ڇو جھڳڙو ڪندا آھيو؟ ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو. ابراھيم نڪييھودي ھو ۽ نڪي نصراني پر حنيف (ھڪ طرفو) مسلمان ھو، ۽ مشرڪن مان نه ھو. ابراھيم کي اُھي ماڻھو ويجھا آھن جن سندس تابعداري ڪئي ۽ (پڻ) ھيءُ پيغمبر ۽ جن (مٿس) ايمان آندو- ۽ الله مؤمنن جو سنڀاليندڙ آھي. (سورة آل عمران ...68)


50- اُهي مؤمنن جي گمراهي چاهين ٿا
ڪتاب وارن مان ڪا ٽولي گھرندي آھي ته جيڪر اوھان کي ڀُلائين، ۽ اُھي پاڻ کان سواءِ (ٻئي) ڪنھن کي نه ڀلائيندا آھن ۽ نه سمجهندا آھن. اي ڪتاب وارؤ! الله جي آيتن کي ڇالاءِ نه ٿا مڃيو؟ ۽ (حقيقت ڪري)اوھين شاھدي ڏيو ٿا. اي ڪتاب وارؤ! ڇالاءِ سچ کي ڪوڙ سان ملائيندا آھيو ۽ سچ کي لڪائيندا آھيو؟ ھن ھوندي (به) جو اوھين ڄاڻندا آھيو. ۽ اهل ڪتابمان ڪا ٽولي (پاڻ ۾) چوي ٿي ته جيڪي مؤمنن تي لاٿو ويو آھي تنھن کي (مؤمنن وٽ) ڏينھن جي اڳياڙيءَ ۾ مڃيو ۽ اُن جي پوياڙيءَ ۾ انڪار ڪريو ته مانَ اُھي (شڪ ۾ پئجي دين کان)ڦري وڃن. ۽ جيڪو اوھان جي دين جي تابعداري ڪري تنھن کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي نه مڃيو، (اي پيغمبر کين)چؤ ته ھدايت الله واري ھدايت آھي ۽ (چون ٿا ته متان مڃيو) ته جھڙو (دين) اوھان کي ڏنو ويو آھي تھڙو ڪنهن (ٻئي) کي ڏنو ويندو يا اوھان جي پالڻھار وٽ اوھان تي حجت قائم ڪندا- (اي پيغمبر! کين) چؤ ته ڀلائي الله جي ھٿ ۾ آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي اُھا ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي. جنھن کي وڻيس تنھنکي پنھنجيءَ ٻاجھه سان خاص ڪندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي. (سورة آل عمران ...74)
51-اهل ڪتاب ۾ سُٺا ۽ بُرا ماڻهو
۽ اهل ڪتابمان ڪي اھڙا آھن جو جيڪڏھن وٽن تمام گھڻو مال امانت رکين ته اُھو (سمورو) توکي ورائي ڏيندا، ۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جو جيڪڏھن وٽن ھڪ دينار (اشرفي) امانت رکين ته مٿن سدائين بيھي (مطالبي ڪرڻ) کان سواءِ توکي ورائي نه ڏيندا- اھو (نه ڏيڻ) ھن سببان آھي جو چون ٿا ته اڻ پڙھيلن (جي مال کسڻ) ۾ اسان تي ڪا پڪڙ پڇاڙ نه آھي، ۽ الله تي اھي ڄاڻ ھوندي به ڪوڙ چوندا آھن. (سورة آل عمران ...75)
52- انجام کي پاڙيندڙ الله کي پسند آهن
ھائو! جنھن پنھنجو انجام پاڙيو ۽ ڊنو ته بيشڪ الله ڊڄندڙن کي دوست رکندو آھي. جيڪي الله سان ڪيل انجامن ۽ پنھنجن قسمن جي عيوض ٿورو مُلھ وٺندا آھن اِھي (اُھي) آھن جن کي آخرت ۾ ڪو بھرو نه آھي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن الله ساڻن ڳالھائيندو ۽ نڪي اُنھن ڏانھن نھاريندو ۽ نڪي کين (گناھن کان) پاڪ ڪندو، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. (آل عمران ...77)
 

یوسف-2

محفلین
53- الله ڏانهن ڪوڙي ڳالهه منسوب ڪرڻ
۽ منجھائن ھڪ ٽولي آھي جا ڪتاب (پڙھڻ) ۾ پنھنجين زبانن کي ھن لاءِ وچڙائيندي آھي ته ان کي اوھين ڪتاب مان ڀانيو ۽ (حقيقت ڪري) اُھو ڪتاب مان نه آھي، ۽ (پڻ) چوندا آھن ته اُھو الله وٽان آھي ۽ (حقيقت ڪري) اُھو الله وٽان نه آھي، ۽ اُھي ڄاڻ ھوندي الله تي ڪوڙ چوندا آھن. (سورة آل عمران ...78)
54- نبي ماڻهن کي الله ڏانهن سڏي ٿو
ڪنھن به ماڻھوءَ کي نه جڳائيندو آھي جو الله کيس ڪتاب ۽ دانائي ۽ پيغمبري ڏئي اُھو وري ماڻھن کي چوي ته الله کان سواءِ منھنجا ٻانھا ٿيو (اُهو ائين ڪڏهن نه چوندو) پر (چوندو ته) رب جا (سچا ٻانھا) ٿيو انھيءَ ڪري جو ڪتاب سيکاريو ٿا ۽ پڻ انھيءَ ڪري جو پڙھو ٿا. ۽ ملائڪن ۽ پيغمبرن کي رب ڪري مڃڻ جو اوھان کي حڪم نه ڪندو- جڏھن اوھين مسلمان (يعني حڪم مڃڻ لاءِ تيار) ٿيا ھجو ته پوءِ اوھان کي ڇو ڪفر جو حڪم ڪندو. (آل عمران ...80)
55- ٻين رسولن کي مڃڻ جو وعدو
۽ (ياد ڪر) جڏھن الله (سڀني) پيغمبرن کان انجام ورتو ته جيڪي ڪتاب ۽ حڪمت اوھان کي ڏيان تنھن کان پوءِ (ٻيو) ھڪ پيغمبر جيڪو (علم) اوھان وٽ آھي تنھنجو سچو ڪندڙ اوھان وٽ اچي ته کيس ضرور مڃجو ۽ کيس ضرور مدد ڏجو- (الله) چيو ته اوھين اقرار ڪري چڪؤ؟ ۽ اُن تي منھنجي (حڪم جو) بار کنيوَ؟ چيائون ته اقرار ڪيوسون، (الله) چيو ته اوھين (هڪ ٻئي تي) شاھد ھجو، ۽ آءٌ (به) اوھان سان گڏ شاھد آھيان. پوءِ جيڪي ھن کان بعد ڦرندا سي ئي بي دين آھن.الله جي دين کان سواءِ ڇو ٻيو (دين) طلبيندا آھن ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھن تن راضي توڙي رنج ٿي کيس (ئي) مڃيو آھي ۽ ڏانھس (ئي) موٽايا ويندا. (اي پيغمبر!) چؤ ته اسان الله کي ۽ جيڪي اسان تي لاٿو ويو آھي تنھن کي ۽ جيڪي ابراھيم ۽ اسماعيل ۽ اسحٰق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد تي لاٿو ويو ۽ جيڪي موسٰي ۽ عيسٰي ۽ (ٻين) پيغمبرن کي سندن پالڻھار کان ڏنو ويو تنھن (سڀ) کي مڃيون ٿا، اُنھن (پيغمبرن) مان ڪنھن ھڪ جي (مڃڻ) ۾ فرق نه ٿا ڀانيون- ۽ اسان اُن (الله) کي مڃيندڙ آھيون. ۽ جيڪو اسلام ڌاران ٻيو دين طلبيندو تنھن کان اُھو ڪڏھن نه قبول ڪبو، ۽ اُھو آخرت ۾ گهاٽي وارن مان آھي.(سورة آل عمران ...85)
56- ڪافرن کي هدايت نٿي ملي
الله اُن قوم کي ڪيئن ھدايت ڪندو جي پنھنجي ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ٿيا ۽ (پھريائين) اقرار ڪيائون ته پيغمبر سچو آھي ۽ وٽن معجزا (به) آيا ۽ الله ظالم ٽوليءَ کي ھدايت نه ڪندو آھي. اِھي اُھي آھن جن تي سزا (ھيءَ) آھي ته مٿن الله ۽ ملائڪن ۽ مڙني ماڻھن جي لَعنت آھي. اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، کانئن عذاب ھلڪو نه ڪبو ۽ نه اُنھن کي مھلت ڏبي. پر جن اُن کان پوءِ توبہ ڪئي ۽ (پاڻ) سڌاريائون، ته بيشڪ الله (به) بخشڻھار مھربان آھي. جن پنھنجي ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر ڪيو وري ڪفر ۾ وڌيا تن جي توبہ ڪڏھن قبول نه ڪبي، ۽ اُھي ئي گمراهه آھن. پڪ جن ڪفر ڪيو ۽ اُھي ڪافر ٿي مئا تن مان ڪو ھڪڙو اگرچه سڄيءَ زمين جيترو سونُ (پنھنجن گناھن جي) عيوض ڏئي ته به اُھو اُن کان قبول نه ڪبو، اِھي (اُھي) آھن جن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي ۽ اُنھن جو ڪو مددگار ڪونھي. (سورة آل عمران ...91)

..........٭ ..........
 
Top