شاه جو رسالو..سُر کاهوڙي

mujeeb mansoor

محفلین
سنڌ جي گهوٽ...الله جي هڪ عظيم ولي ،صوفي،بزرگ،انوکوشاعر،حب نبي صلعم ۾ مست
حضرت سائين شاه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله جنهن جي شاعري ۾ الله جي محبت انسانيت سان همدردي جو عنصرگهڻوئي شامل هوندوآهي
اچوته سُر کاهوڙي مان ڪجه پڙهون

.
.
داستان پھريون
1
کاھوڙِيُنِ خَفِّيءَ سين، سوجھي لَڌو سُبُحانُ؛
عاشِقَ اَھڙي اَکَرين، لَنگِھيا لا مَڪانُ؛
ھُوءِ ۾ گَڏِجِي ھُوءِ ٿِيا، بابُو جي بِريانُ؛
سَڀوئِي سُبُحانُ، آيو نَظَرُ اُنَنِ جي.
2
مُون سي ڏِٺا، ماءِ! جنِين ڏِٺو پِرينءَ کي؛
رَھِي اَچِجي راتڙِِي، تن جُنگَنِ سَندِيءَ جاءِ؛
تنِين جِي ساڃاءِ، تُرھو ٿِئي تارِ ۾.
3
ويئُون پَٻِ پَ۔ئِي، کيرُون کاھوڙِيُن جُون؛
آئُون تن ڏوٿِيُنِ جو، پُڇان پيرُ، پَھِي!
رُڃُنِ راتِ رَھِي، ڏُونگَر جَنِين ڏورِيا.
4
تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِيا، سَنجھي سَعيو نه ڪَرِين؟
سَوارا سَنڊَ کَ۔ڻِي، کاھوڙِي وِيا؛
آڻِيندين ڪِيا، ڏُٿُ ڏوراڻي ڏيھَ جو؟
5
ڏوٿِي سا ڏورِين، جا جُوءِ سُئِي، نه ٻُڌِي؛
پاسا مَٿي پاھَڻين، کاھوڙِي کوڙِينِ؛
وِڄا اُتِ ووڙِينِ، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.
6
ڀَڪُلِيا ڀُوڻَنِ، ڌَڙَ کي گَڏِيو ڌُوڙِ ۾؛
ڳالِھيُون، ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌرِ پَ۔ئِي نه ڪَنِ؛
ڪا مُلِ آھي تَن، مُون پِريان جي ڳالَھڙِي.
7
تان وَنئُن وي۔ھِي آءُ، اڱَڻ کاھوڙِيُنِ جي؛
جوشَ ڏِنائُون جِيءَ کي، لِڪائي لوڪاءُ؛
ڏوٿِيُنِ ڪنھن ڏُکاءُ، سُمھِي سُک نه ماڻِيو.
8
ڏُٿُ نه کُٽو ڏوٿِيين، جيڪِي ڏُٿُ ڪَرِينِ؛
اُھۡڃاڻِ۔يُون عالَمَ جُون، اوريائِين آڻِينِ؛
تِھان پوءِ ڏسِينِ، پِرِيان سَندِي ڳالھڙِي.
9
جي ڪو ڏُٿُ ڪَري، ته ڏُونگَ۔رَ ڏورَڻُ ڏاکِڙو؛
ڇَپَرُ ڪِينَ ڏِئي، سُوکِ۔ڙِيُون سُتَنِ کي!
10
مُون کاھوڙِي لَکِيا، گَھرين نه گھارِينِ؛
واحِدَ لَڳِ وِلۡ۔هُنِ ۾، رويو جَرُ ھارِينِ؛
گُوندَرِ گُذارِينِ، جهُ ڏوٿِي ڏُٿَ گَدُ ٿِيا.
11
کاهوڙِيُنِ کَ۔۔ڻِي، ساجُھرُ ٻَڌا سَندِرا؛
ڏورِيندي ۾ ڏُونگرين، ڪَيائُون پاڻُ پَ۔ڻِي؛
ڏَکَنِ ڏِيلُ هَڻِي، ڇيہُ لَڌائُون ڇَپَرين.
12
کَڻَنِ نه ڪَيڪانَ، پَنڌَ پَراهين هَلِيا؛
ڏوٿَيِرا ڪَنهن ڏُٿَ کي، جُنبِيا ڏَنهُن جابانَ؛
کاهوڙِيُنِ اُهڃاڻَ، اَنگ نه سَڄِي اَڳِڙِي.
13
سُڪا مُنهَن سَندِنِ، پيرين پُراڻا کيٿِڙا؛
سا جُوءِ ڏوري آئِيا، سُونهان جِتِ مُنجَھن؛
ڳُجھا ڳُجھيُون ڪَنِ، تِهان پَراهين پَنڌَ جُون.
14
سُڪا سَنڊَ ڪَڇُنِ ۾، کَرِڪَڻا پيرين؛
ٽِمَندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙِي گَڏِيا؟

داستان ٻيو

1
پِيوجن پَرو، گَنجي ڏُونگَ۔رَ گامَ جو؛
ڇَڏي کيٽُ کَرو، لوچي لاهوتِي ٿِيا.
2
پيئِي جن پَرکَ، گَنجي ڏُونگَ۔رَ گامَ جي؛
واري سَڀُ وَرقَ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.
3
پيئِي جنِين باسَ، گَنجي ڏُونگَ۔رَ گامَ جِي؛
ڇَڏي سَڀِ لِباسَ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.
4
ڪَهڙو اَٿيئِي ڪامُ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ ۾؟
پَسِي تنهن پاهڻَ کي، اَچي نه آرامُ؛
مَتان ڏُونگ۔رَ ڏورِئين، اُجِھين ڪُہُ عَوامُ؟
هَرا ڪَري حَرام، کامُ ته کاهوڙِي ٿِ۔ئين.
5
ڏيهُه ڏيهائِي ناهِ، جِتي پ۔يرُ نه پَکِيان؛
تِتي کاهوڙِيان، وَرَ ڏيئِي وَڻَ چُونڊِيا.
6
جِتِ نه پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهِڙِي؛
ٻِيو ٻارِيندو ڪيرُ، کاهوڙِڪِيءَ کيرَ ري؟

داستان ٽيون
1
اَچِي پِيا آٽ ۾، واٽَ وِڃائِي جَنِ؛
اُوءِ بصِيرَ بَرَّنِ ۾، اَنڌا ٿِيو اُڀَنِ؛
ڪَنَن آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَن جِئَن گُھمَنِ؛
فِراقِيءَ فرمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙَنِ؛
لَنگھا ٿِيا لاهُوتَ کي، سُتا پِيا سِڪَنِ؛
کَ۔پَتِ کاهوڙِيَنِ، آهَ اُٿِئي پئي نه لَهي.
2
ڏِسِي ڏوري ڏُونگَ۔رَين، واٽَ وِڃائِي جَنِ؛
ڪُرَندان ڪِي پَرُوڙِيو، رَندُ سي نه رِڙهَنِ؛
ٻيئِي دارَ دَيُون ڪَيو، پِيرَتِ تان نه پُڇَنِ؛
ڌُوڙِپِرِيان لَءِ ڌارِ ڪَيو، ويچارا وِجَھنِ؛
خَبَرَ کاهوڙِيَنِ، آهي لِکَ لاهُوت جي.
3
ڪُپيرِيءَ ۾ پيرُ، ڪَنهِين پاتو پيرِيين؛
جِيان مُنجھڻَ ماڙُهِئين، سَڄَڻَ تِيان ئِي سيرُ؛
اُنَ ڀُون سَندو ڀ۔يرُ، ڪوڙِنِ مَنجھان ڪو لَهي.
4
سُونهَپَ ۾ سَپَ گھڻا، مُنجَھڻُ ماکِي هوءِ؛
پَرو تَنهِين پوءِ، جو اُجِھي پوءِ اُنِ تان.
5
ڏوري ڏوري ڏيہَ، ماءِ! کاهوڙِي آئِيا؛
مَيَنِ پيرين کيہَ، ڪُہُ ڄاڻان ڪَنهن پارَ جِي.
6
جَھنگَلِ هَلِيا، سي نه ڀُ۔۔لِيا، راهَ هَلِيا ڦُرِجَنِ؛
اَوَجَھڙِ سي نه پَوَنِ، ٻيئِي جنِين ڇَڏِيُون.
7
جَھنگَلُ آهيڙِيُنِ کي، ڀَ۔نَڻُ ڪَيو رُوندو؛
نه ڪُتا، نه ڪوڙِڪُون، چَڙهِيو اُڀو چُوندو؛
هَڏهِين نه هُوندو، اِنهان پوءِ عالَمَ ۾.
8
وَرُ سا سُڃِي ويڙه، جنهن ۾ سَڄَڻُ هيڪڙو؛
سو ماڳُ ئِي ڦيرِ، جِتي ڪوڙِ ڪُماڙُهئين.
9
ڪارِي راتِ، اَڇو ڏِينهُن، اِيُّ صِفَتان نُور؛
جِتي پِرِينءَ حضُورُ، تِتي رَنگُ نه رُوپُ ڪر.
10
ڏُونگَرين ڏسِجَنِ، اَڄُ پِڻُ رُيُون اُنِ جُون؛
ڏوٿِ۔يَڙا ڏُٿَ کي، آراڙان اَچَنِ؛
خِيما کاهوڙِيَنِ، اَڄُ نه اُنهِين ڀيڻِي۔ين.
11
کاهوڙِي کَرا، سُوڌِي خَبَرَ پَکِيا؛
سوجھي جن ڪَيا مَٿي اَڱڻِ آهِرا.
 
Top