شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري

اکبر لاکھو

محفلین
انڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙيا کانئِين؟
اسان ڏُکي ڏِيل ۾، تون پيارِئين پيڄَ؟
سُورِي جنِين سيڄَ، مرڻ تي مُشاهِدو.
 

اکبر لاکھو

محفلین
سُوري آهِ سينگار، اَڳَهِين عاشقن جو؛
مُڙڻ موٽڻ ميهڻو، ٿيا نِظاري نِروارُ؛
ڪُسڻَ جو قَرارُ، اصل عاشقن کي.​
 

اکبر لاکھو

محفلین
ٿيندو تَنَ طبيبُ، دارُون منهنجي دَردَ جو؛
ٻُڪِي ڏيندُم ٻاجَھه جِي، اَچِي شالَ عجيبُ؛
پِرِين اچي پاڻَ ڪِيو، سندو غورُ غريبَ؛
ڏُکندو سڀوئي ڏُور ڪيو، مَنجھون تَنَ طبيبَ؛
اَديُون! عَبۡدُاللَّطِيفُ چَئي، هاتِڪُ آهِ حبيبُ.
 

اکبر لاکھو

محفلین
پاٻوهي هيڪارَ، مون کان پُڇيو سَڄَڻين؛
اَلَسۡتُ بِرَبِّڪُمۡ، چَيائون جنهن وارَ؛
سَندي سورَ ڪِنارَ، تَنَ تَڏهانڪُون نه لهي.
 

اکبر لاکھو

محفلین
رَڳُون ٿيون ربابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَنهِين؛
لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نه ٿِيو، جانِبُ ري جَبابُ؛
سوئِي سَنڌِيندُم سُپِرِين، ڪَيسِ جنهن ڪَبابُ؛
سو ئِي عينُ عَذابُ، سو ئِي راحَتَ رُوحَ جي.
 

سارہ خان

محفلین
هو چونئي، تون مَ چئه واتان ورائي
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي
پاند ۾ پائي، وئو ڪيني وارو ڪينڪي.
 
Top