حيدرآباد۾ چوڙين جي صنعت: هڪ الميو: هڪ داستان

اکبر لاکھو

محفلین
حيدرآباد۾ چوڙين جي صنعت: هڪ الميو: هڪ داستان

جعفر ميمڻ​


حيدرآباد شهر ۾ چوڙيون ٺاهڻ واري صنعت جو بنياد جيتوڻيڪ اڄ کان 58 سال اڳ 1995ع ڌاري پيو پر انهيءَ باوجود اها صنعت ۽ ان سان لاڳاپيل ڪارڪن، وقت جي تيز رفتار ڦيٿي سان گڏ ترقي ڪرڻ بجاءِ مسلسل تنزليءَ جو شڪار آهن. ورهاڱي کانپوءِ حيدرآباد دکن جي علائقي فيروزآباد کان لڏي آيل حاجي فريد صديقيءَ 1950 ع ڌاري ڪچي قلعي ويجهو واقع ريلوي ڦاٽڪ کان ٿورو ئي اڳيان ڪانچ مل (انڊس گلاس فيڪٽري) جو بنياد وڌو. شروعاتي طور انهيءَ فيڪٽري ۾ چوڙين سان گڏ گلاس، جڳ ۽ اهڙو ٻيو سامان پڻ ٺاهڻ شروع ڪيو هو پچوڙين جي هڪ ڪارخاني ۾ غزاله فصيح ۽ نرگس خانم هڪ پورهيت عورت کان حال احوال وٺي رهيون آهنر پوءِ اڳتي هلي اهو ڪارخانو رڳو چوڙيون ٺاهڻ لڳو تڏهوڪن ڏينهن ۾ ڇاڪاڻ ته پاڪستان اندر چوڙيون ٺاهڻ جو ٻيو ڪوبه ڪارخانو لڳل نه هو تنهنڪري آهستي آهستي حيدرآباد شهر پوري پاڪستان ۾ چوڙيون ٺاهڻ واري شهر طور مشهور ٿي ويو. عورتن جي نهايت ئي پسنديده زيور ”چوڙي “ جي وڌندڙ طلب جي پيش نظر هڪٻئي پويان ڪيترائي ڪارخانا پڻ قائم ٿيندا ويا ۽ ائين 45 سالن جي عرصي کان پوءِ 1995ع تائين انهن جو تعداد 40هن تائين پهچي ويو هن صنعت سان لاڳاپيل هنرمندن جو چوڻ آهي ته 1995ع کان پوءِ چوڙيون ٺاهيندڙ ڪارخانا مسلسل زوال پذيري جو شڪار رهيا آهن اهوئي سبب آهي

جو 18 ڪارخانن جي بند ٿيڻ کان پوءِ هاڻ انهن جو تعداد 22 بچيو آهي. هن حوالي سان ڪارخانن جي مالڪن جو خيال آهي ته مختلف صورتن ۾ لڳايل ٽيڪسن جو بوجهه، سوشل سيڪيورٽيءَ وارن جا ناز ۽ نخرا، اي او بي آءِ(اولڊ ايج بينيفٽ) وارن جا ٺاهيل جڙتو ضابطا، ليبر کاتي پاران مڙهيل ڪارا قانون ۽ نام نهاد ٽريڊ يونين جو قيام ئي هن صنعت جي زوال پذيريءَ جا بنيادي محرڪ آهن.

چوڙي مشرقي عورت جو نهايت ئي پسنديده زيور تصور ڪيو ويندو آهي ۽ مالدار توڙي امير گهراڻن جون عورتون جتي سون ۽ چانديءَ جون چوڙيون پائي پنهنجي شان ۽ شوڪت ۾ اضافو ڪنديون آهن اُتي غريب گهراڻن جون عورتون پڻ شيشي جون چوڙيون پائي شادين مرادين ۽ ٻين خوشين جي موقعن مان لطف اندوز ٿينديون آهن. شيشي مان ٺهندڙ چوڙين جا ڪيترائي قسم هوندا آهن. هڪڙيون بنهه سجناح ڪالوني جو رهواسڻ ماءُ ۽ ڌيءُ چوڙين کي ٽانڪو هڻي رهيون آهن اديون، ٻيون رڱائي ٿيل ۽ ٽيون اُهي هونديون آهن جن مٿان ڪشيدا ڪاري يا تزئين ڪاري ٿيل هوندي آهي. چوڙيون ٺاهڻ جا ڪارخانا 2 قسمن جا هوندا آهن.

1. اهي ڪارخانا جيڪي سرڪاري طور رجسٽر ٿيل هوندا آهن. 2. گهرن ۾قائم ننڍا ننڍا ڪارخانا جن کي رجسٽر ڪرڻ مناسب نٿو سمجهيو وڃي. حيدرآباد شهر جي مختلف علائقن ۾ واقع رجسٽرڊ ڪارخانن ۽ گهرن ۾ قائم ٿيل اڻ رجسٽرڊ ڪارخانن مان ٺهي تيار ٿي مارڪيٽ تائين پهچندڙ، شايد “چوڙي “ ئي اهڙو “وکر “ آهي جنهن جي تياريءَ جي انيڪ مرحلن سان خود عورت ۽ سندس ٻار منسلڪ آهن. “SAVE THE CHILDREN UK-STUDY” پاران ڄاڻايل انگن اکرن مطابق هن صنعت سان لڳ ڀڳ 30 هزار ماڻهو لاڳاپيل آهن جن جو 27 سيڪڙو يعني 8100 عورت ڪارڪنن تي مشتمل آهي. لڳ ڀڳ ايتروئي تناسب مردن جو بيهي ٿو ۽ باقي سندن ٻار (ڇوڪريون توڙي ڇوڪرا) پڻ ساڳي ئي ڪرت سان لڳل آهن. انهن جي سماجي ۽ معاشي حالت ڪهڙي آهي؟ هيٺ اسين انهيءَ جو مختصر ۽ جامع جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

ليبر کجناح ڪالوني جي رهواسڻ نينگري چوڙي تي تزئين ڪاري جو ڪم وڏي هنرمندي سان ڪري رهي آهياتي وٽ رجسٽر ٿيل چوڙيءَ جي هر ڪارخاني ۾لڳ ڀڳ 8 کان 10 عورتون پورهيو ڪري رهيون آهن.انهن جي عمر 30 کان 70 سالن تائين هوندي آهي. ڪارخاني ۾ سندس ڪم هيءَ هوندو آهي ته هو کليل هٿن سان، ٽٽل ڀڳل شيشن، چڪنا چور ٿيل شيشي جي بوتلن وغيره تي مشتمل “خام مال “مان رنگ جي حساب سان شيشون ڌار ڌار ڪنديون آهن. اڇو اڇي سان ملايو ويندو آهي ۽ ڪاروڪاري سان گڏي ڌار رکيو ويندو آهي. اهو ڪم کين کليل آسمان هيٺ ويهي، نٽهڻ اُس ۾ ئي ڪرڻو پوندو آهي. اهو ڪم انتهائي ڏکيو ۽ ايذائيندڙ جوکم جوڳو هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته کليل هٿن سان چور چور شيشي کي ڌار ڪرڻ دوران سندن هٿ ۽ پير زخمي ٿيڻ معمول بڻيل آهي. ڪجهه عورتن جو چوڻ هو ته هٿن پيرن ۾ ٽنبجندڙ شيشن کي ڪنڊن وانگر ڪڍي اڇلايو ويندو آهي!! رڳو اهوئي نه پر چُور چُور ٿيل شيشي کي ڇاڻي ۾ ڇاڻڻ وقت شيشي جا هلڪا هلڪاڪارخاني ۾ ستر ورهين جي هڪ عورت کليل هٿن سان شيشن کي رنگ جي حساب سان ڌار ڪري رهي آهي ذرڙا سندن ساهه سان گڏ ڦڦڙڻ تائين پڻ هليا ويندا آهن.اهڙي ماحول ۾ اُس هيٺ اوڪڙون ويهي ڪم ڪرڻ سبب هنن عورتن منجهه ٽي بي (ساهه) VERTIGO (مٿي کي ڦيري، اکين اڳيان اونداهي اچي وڃڻ سڌو ٿي هلي نه سگهڻ)GIGINESS (جسم جو رڦڻ، ڪنبڻ يا ڏڪڻ) جهڙيون بيماريون عام آهن. مٿن ظلم ۽ ستم وري اهو ته 8 کان 10 ڪلاڪن جي انهيءَ ڊيوٽيءَ جو اُجورو کين ڏهاڙي ۰۷ کان 80 رپين جي حساب سان ڏنو وڃي ٿو حالانڪه ليبر کاتي پاران فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ ڪنهن به پورهيت لاءِ گهٽ کان گهٽ اُجرت 177 روپيا مقرر ٿيل آهي (نوٽ: هاڻوڪي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني انهيءَ اُجرت کي وڌائي 2 سئو رپيا مقرر ڪرڻ جو اعلان ته ڪيو آهي پر اڃا تائين انهيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ٿي سگهيو) فيڪٽرين ۾ پورهيو ڪندڙ انهن عورتن کي نه ته ڪا سوشل سيڪيورٽي حاصل آهي، نه ئي کين پڪيءَ نوڪريءَ تي رکيو ويو آهي، نه ئي وري سندن زخمي ٿيڻ جي صورت ۾ ڪارخانن اندر ڪنهن فرسٽ ايڊ جو انتظام ٿيل آهي. ان حوالي سان اهي عورتون بيوس ۽ لاچار آهن ڇاڪاڻ ته ڪوبه سرڪاري عملدار سندن واهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

ڪارخاني تي چوڙي ٺهڻ کانپوءِ باقي سڀ مرحلا گهرن ۾ قائم اڻ رجسٽرڊ ڪارخانن تي انجام ڏنا ويندا آهن. اهي ڪارخانا حيدرآباد شهر جي مختلف علائقن (۱) لياقت ڪالوني (۲) لطيف آباد نمبر 12 (۳) جناح ڪالوني (۴) اقبال ڪالوني (۵) مجاهد ڪالوني (۶) ڪوهسار اسڪيم(۷) اسلام آباد ڪالوني (۸) حالي روڊ (۹) پڪو قلعو (10) ريلوي ڪوارٽر (11) لال قلعو (12) مڪراڻي پاڙي (13) گجراتي پاڙو (14) لياقت اشرف ڪالوني (15) حنا پلازا (16) ٻڪرامنڊي(17)پريٽ آباد (18) دال پاڙو (19) مير نبي بخش خان ٽائون (20) گجراتي محلو (21) کڙڪي وارو بابو (22) الياس آباد (23) گئون شالا (24) نوراني بستي (25) اقبال آباد چوڙي پاڙو(26) ڪالي روڊ (27) لال ڪوارٽر (28) هزارا ڪالوني (29) الوحيد ڪالوني (30) سردار ڪالوني (13) لالو ماڇي (32) گدي پاڙو (33) اماني شاهه ڪالوني (34) ڦليلي (35) ملت آباد (36) ٽنڊو ولي محمد (37) مڪي شاهه (38) ڪانچ مل پاڙو (39) برڪت ڀائي ٽائون ۾واقع آهن. تنگ يا سوڙهين گهٽين تي مشتمل اهي علائقا هر قسم جي مسئلن جو شڪار آهن. شهري علائقا هجڻ ڪري جيتوڻيڪ اتي ڪجهه سهوليتون به ميسر آهن پر انهيءَ باوجود شايد ئي ڪو اهڙو علائقو هجي جتي جا رهواسي زندگيءَ سان لاڳاپيل مڙني مسئلن کان آجا هجن.

فيڪٽريءَ کان پوءِ چوڙي تي ٿيندڙ سمورا ڪم ٺيڪيداريءَ وسيلي ڪرايا ويندا آهن. هونئن ته اهي به ڪئين مرحلا هوندا آهن. پر بنيادي نوعيت جا اهي پنج مرحلا ٿيندا آهن. پر هتي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ٺيڪيدار ڪرايو ڀاڙو ڪري چوڙيون اچي پهرين مرحلي تي ڇڏي وڃي ٿو. هن کان اڳ چئن مرحلن تائين چوڙيون پهچائڻ تي ايندڙ ڀاڙو خرچ پورهيتن کي پنهنجي هڙان وڙان ڪرڻو پوندو آهي. انهن پنجن مرحلن کي هيءَ نالا ڏنا ويندا آهن.

(1)سڌائي (2) جُڙائي (3) ڪٽائي + رڳڙائي (4) رڱائي (5) پڪائي

1. سڌائي:

فيڪٽريءَ مان ٺهي آيل چوڙي جو جوڙ ڇاڪاڻ ته سڌو نه هوندو آهي تنهنڪري ڊگهي چيلهه نما لوهي پليٽ جي پاسي ۾ لوهي گئس پائپ هڻي انهيءَ ۾ اهڙيءَ ريت سوراخ ڪيا ويندا آهن جن کي ٻارڻ کان پوءِ ائين لڳندو آهي ڄڻ ميڻ بتيون ٻري رهيون هجن. چوڙيءَ کي وڏي هنرمنديءَ سان باهه جي شعلي مٿان رکيو ويندو آهي ۽ ڪجهه ئيڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ڪارخاني کان پهتل چوڙين جي سڌائي وارو ڪم ڪري رهيا آهن. دير اندر انهن جو جوڙ سڌو ٿي ويندو آهي. هن چلهي تي هڪ ئي وقت ڪيتريون ئي عورتون توڙي ٻار يا مرد ويهي سگهندا آهن. جنهن ڪمري ۾سڌائي وارو ڪم ٿيندو آهي انهيءَ ۾ هوا جا سمورا رستا بند ڪيا ويندا آهن. ڇاڪاڻ ته هوا لڳڻ ڪري جوڙ سڌونه ٿي سگهندو آهي. کين سڌائيءَ وارو اهو ڪم في توڙي (ڇڳي يا ڳڇي) جي حساب سان ڏنو ويندو آهي. في توڙي ۾ 26 درجن چوڙيون هونديون آهن ۽ هر في توڙي جواجورو کين صرف ۽ صرف اڍائي روپيا ڏنو ويندو آهي. هر چلهي تي چار توڙا في ڪلاڪ جو حساب لڳي ٿو .انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته سڌائي جو ڪم ڪندڙ عورت في ڪلاڪ رڳو 10 رپيا ئي ڪمائي سگهي ٿي. ڏهاڙي 8 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ سان کيس 80 روپيا اجرت ملي سگهي ٿي. جڏهن ته گئس ايندڙ خرچ به کيس ئي ڀرڻو پوندو آهي. ڪيل مشاهدي مان معلوم ٿيو ته ساڳي ئي وقت ۾ ننڍي وهيءَ وارو ڇوڪر يا ڇوڪري اهو ڪم ڪري 40 کان 50 روپين تائين ڏهاڙي ڪمائي رهيو آهي.

2. جُڙائي:

سڌائي کان پوءِ اهي چوڙيون جُڙائي جي مرحلي ۾ موڪليون وينديون آهن. هن مرحلي دوران چوڙيءَ جي سڌي ٿيل جُڙائي کي باهه جي شعلي تي رکي ٽانڪو لڳايو ويندو آهي.هيءُ ڪم سڌائيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مشڪل ۽ ڏکيو انهيءَ ڪري ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ ته هن ڪم دوران باهه جو شعلو رڳو هڪ فوٽ جي فاصلي تي هجي ٿو. اوڪڙون ويهي آڱرين جي مدد سان لڳندڙ انهيءَ ٽانڪي وارو ڪم 80 سيڪڙو ننڍي وهيءَ واريون ڇوڪريون ئي ڪن ٿيون. انهيءَ پويان اها ڪهاڻي ڪارفرما آهي ته ننڍيءَ وهيءَ وارين ڇوڪرين جي هٿن جون آڱريون ڇاڪاڻ ته ڏڪنديون ناهن تنهنڪري سڌائي واري ڪم کان پوءِ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا چوڙين کي ٽانڪو هڻي رهيا آهن.ٽانڪو بهتر لڳندو آهي. هيءُ مرحلو به اهڙو آهي جنهن دوران ڪمري کي AIR TIGHT رکڻو پوندو آهي. هن ڪم لاءِ جيڪڏهن بجلي نه هوندي تڏهن به اهو ڪم نه ٿي سگهندو پر جيڪڏهن گئس نه هوندي تڏهن به اهو ڪم انجام ناهي ڏئي سگهبو. پورهيت ڇوڪري يا عورت کي ساڍا چار روپيا في توڙي جي حساب سان اجرت ڏني ويندي آهي. انهيءَ کي سادن لفظن سان هيئن بيان ڪري سگهجي ٿو ته 320 چوڙين کي ٽانڪو لڳائڻ جي مزدوري صرف ۽ صرف ساڍا 4 روپيا ڏني وڃي ٿي. بجلي توڙي گئس بل جي ادائيگي به کيس ئي ڪرڻي پوي ٿي. في ڪلاڪ اندر هتي به رڳو چار توڙن کي ئي ٽانڪو لڳي ٿو . جنهنجو مطلب اهو آهي ته هر في ڪلاڪ دوران اها عورت 18 روپيا ۽ 8 ڪلاڪن تائين ڪم ڪرڻ کانپوءِ اهي رڳو 144 روپيا ئي ڪمائي سگهي ٿي. بجلي ۽ گئس جو خرچ انهيءَ مان ڪڍڻو پوي ٿو جنهنجو پورائو ٿيڻ محال آهي. جيڪا عورت 5 کان 8 سالن تائين اهو ڪم انجام ڏيندي رهي ٿي انهيءَ جي نظر ڪمزور ٿي وڃي ٿي ۽ ائين ان کي لازمي طور نظر جي عينڪ لڳائڻي پوي ٿي، هيپاٽائيٽس بي، ڇپڪوري ۽ اوسي (وڌيڪ اُڃَ لڳڻ) جهڙيون بيماريون منجهن عام آهن. انهن سڀني کان وڌيڪ سندن نقصان اهو ٿئي ٿو ته منجهن ٻار پئدا ڪرڻ واري صلاحيت گهٽجي وڃي ٿي. ڪنهن به عورت جو ٿيندڙ اهو نقصان اهڙو آهي جيڪو ناقابل تلافي آهي.

3. ڪٽائي + رڳڙائي

ڪٽائي ۽ رڳڙائي وارا ڪم اهڙا آهن جيڪي هڪڙي ئي وقت سراڻ تي انجام ڏنا وڃن ٿا. هنن ٻنهي ڪمن ۾ ڇوڪرا، ڇوڪريون، مرد توڙي مايون سڀ شامل هوندا آهن. ڪٽائي وارو ڪم مرد ۽ ڇوڪرا ڪندا آهن جڏهن ته رڳڙائي وارو ڪم وري ڇوڪريون آءِ پي سي جي ڪوآرڊينيٽر ريحانه افتخار چوڙين جي رڳڙائي وارو ڪم ڏسي رهي آهي۽ عورتون انجام ڏينديون آهن. سراڻ تي ٿيندڙ ٻنهي ڪمن دوران شيشو ڇاڪاڻ ته پائوڊر واري شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي. تنهنڪري اهو هوا ۾ شامل ٿي ساهه رستي انهن پورهيتن جي جسم ۾ داخل ٿي وڃي ٿو جنهن سان منجهن ٽي بيءَ جي بيماري ٿيڻ جا سئو سيڪڙو امڪان هوندا آهن. هن ڪم دوران پڻ اوڪڙون ويهڻ جي ڪري کين ڳڍيون پوڻ، ڪرنگهي واري هڏي ۾ مستقل سور رهڻ، مٿي جي ڦيري، اکين اڳيان اونداهي، جسم جو رڦڻ يا ڪنبڻ وغيره جهڙيون بيماريون عام آهن.

5. رڱائي:

ڪٽائي ۽ رڳڙائي کانپوءِ جڏهن چوڙي پنهجي سنوت ۾ اچي وڃي ٿي تڏهن ان تي رڱائي جو ڪم شروع ٿئي ٿو. هن مرحلي تي به هوا جو گذرڻ بند هجڻ بنيادي ضرورت آهي. رڱائي دوران ڇاڪاڻ ته مختلف قسمن جا ڪيميڪل استعمال ٿين ٿا. ۽ تازي هوا جو ڪوئي به جهوٽو ڪيميڪل جي ڪيميائي عمل کي تبديل ڪري سگهي ٿو. تنهنڪري انهيءَ جي گذر وارا سمورا رستا بند ڪيا ويندا آهن. اهوئي سبب آهي جو جنهن گهر ۾ اهو ڪم ڪيو وڃي ٿو اتي لياقت ڪالوني جي رهواسڻ هڪ نينگري چوڙين جي رڱائي ڪري رهي آهي.گهڙڻ کانپوءِ هڪ عجيب قسم جي بوءِ جو محسوس ٿيڻ لازمي آهي. ڄاڻو حلقن کان حاصل ٿيل معلومات موجب ان ڪم دوران LUSTER نالي ڪيميڪل استعمال ڪيو وڃي ٿو جيڪو ٽي بيءَ جهڙي موذي مرض جو محرڪ هجي ٿو. هن ڪم لاءِ عورتن کي في توڙي جي حساب سان 8 کان 16 روپيا ڏنا ويندا آهن. هتي اها ڳالهه خاص طور ڌيان ۾ رکڻ جوڳي آهي ته ڪيميڪل، رنگ، برمن توڙي لائٽ وغيره جو سڄو خرچ پورهيت عورت توڙي مردن کي ئي ڪرڻو پوندو آهي ۽ انهيءَ ڪم ۾ ڪو وڌاءُ ناهي ته سندن آمدنيءَ جو 50 سيڪڙو کان به وڌيڪ خرچ انهن شيد تي اچي ويندو آهي. رڳو ايترو ئي هجي تڏهن به ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي، هتي وري ظلم ۽ زيادتيءَ جي انتها اها آهي ته انهيءَ دوران جيڪڏهن چوڙين جو ڪو درجن ٽٽي پوي ٿو ته انهيءَ تي آيل لاڳت انهن پورهيت عورتن جي اجوري منجهان ڪاٽي وڃي ٿي، جيڪي ڏينهن رات هڪ ڪري، پنهنجو نور نچوئي پنهنجي مستقبل لاءِ جيئڻ جا جتن ڪن ٿيون. حالانڪه گڏين قومن جهڙي اداري جي UNIVERSSAL LABOUR LAW ۾ ڪٿي به اهو لکيل ناهي ته پئداواري وکر جي خراب/ضايع ٿيڻ جي صورت ۾ انهيءَ تي لڳل سيڙپ پورهيت ادا ڪندو!!!؟

5. پڪائي

رڱائي کان پوءِ پڪائي اهڙو ڪم آهي جيڪو رڳو ۽ رڳو مرد ئي ڪندا آهن، پڪائي بلڪل اهڙيءَ ريت ئي ٿيندي آهي جهڙيءَ ريت بسڪٽن کي بٺيءَ ۾ پچايو ويندو آهي. اهو ڪم ڪندڙ ٻارڙن توڙي مردن کي 120 روپيا في ڏينهن جي حساب سان اُجرت ڏني ويندي آهي. باهه جي شدت سبب اهڙن پورهيتن جا رڳو هٿ سڙڻ ئي معمول ناهي پر منجهن هيپاٽائيٽس بي به هڪ عام رواجي بيماري بڻجي وئي آهي.

مٿي بيان ڪيل 5 مرحلن کي بنيادي نوعيت حاصل آهي. جڏهن ته انهن کان پوءِ به کوڙ مرحلا آهن جيڪي چوڙيءَ کي، انهيءَ جو معيار وڌائڻ لاءِ ڪتب آندا ويندا آهن. اهي سڀ جا سڀ مرحلا بلڪل ائين آهن جيئن ڪو گهر تعمير ڪري ڇڏجي. پر انهيءَ جي تزئين و آرائش کي ڇڏي ڏجي ته جيئن ضرورت موجب ماڻهن جي پسند يا ناپسند جي حساب سان اهو ڪم انجام ڏئي سگهجي.

نتيجو: چوڙي صنعت سان لاڳاپيل بنيادي نوعيت جي سمورن مرحلن جي ڳوڙهي اڀياس کانپوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته حيدرآباد ۾ قائم هيءَ صنعت سرڪاري توڙي سماجي سطح تي وڌيڪ ڌيان گهري ٿي. پورهيت عورتن کي حاصل ٿيندڙ اُجرت کان ويندي سندن ايندڙ نسلن ۽ ملڪ جي مستقبل جي معمارن تائين جن به مسئلن جي اُپٽار ڪئي وئي آهي انهن جو فوري تدارڪ ٿيڻ کپي. هن سان رڳو ان صنعت سان لاڳاپيل عورتن يا خاندانن جي ئي معاشي حالت بهتر نه ٿيندي پر انهيءَ جا ملڪي معيشت تي به ڪي بهتر۽ ڏور رس اثر مرتب ٿي سگهن ٿا. ڪيل مشاهدي دوران جنهن ڳالهه سڀ کان وڌيڪ پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو اُها هيءَ آهي ته اين آر سي پي + آءِ ايل او ۽ ضلعي حڪومت حيدرآباد جي گڏيل سهڪار تحت انهيءَ صنعت سان لاڳاپيل ٻارڙن جي جبري پورهئي کي گهٽائڻ لاءِ جيتري جستجو ۽ جاکوڙ ڪئي وئي آهي اُها انتهائي واکاڻ جوڳي آهي. شايد ڪنهن به اين جي اوز طرفان سنڌ ۾ اهو پهريون ڪم ٿيو آهي جو 108 نان فارمل ۽ 60 عدد لٽريسي سينٽر قائم ڪري جتي ڪيترن ئي ٻارڙن کي چوڙيءَ جي صنعت مان ڪڍي وڌيڪ آمدنيءَ وارن شعبن ۾ داخل ڪرايو آهي.اُتي لڳ ڀڳ اڍائي هزار ٻارڙن کي مختلف سرڪاري اسڪولن ۾ پڻ داخل ڪرايو ويو آهي. هن قسم جي اصلاحي پروگرامن کان اڳتي وڌي، اهو سوال پڻ غور هيٺ آڻڻ جي ضرورت آهي ته گذريل 58 سالن کان ساڳي ئي صنعت سان لاڳاپيل خاندانن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ڪهڙا ڪهڙا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ؟

( نوٽ: چوڙي صنعت بابت ڪيل مشاهداتي دوري ۾ انٽر پريس ڪميونيڪشن ڪراچيءَ جي ڪوآرڊينيٽر ريحانا افتخار، نواءِ وقت جي فيچر ايڊيٽر غزالا فصيح، فري لانس جرنلسٽ نرگس خانم ۽ روزاني سنڌ جو ايڊيٽر جعفر ميمڻ شامل هئا)

روزاني سنڌ جي ٿورن سان
 
Top