آمريڪا جي پرڏيهي کاتي پاران انساني حقن جي پڌري ٿيل رپورٽ اسپين جي شهيد شاعر لورڪا جي جڳ مشهور ناٽڪ ”يرما“ جي پس منظر ۾ محسوس ڪرڻ گهرجي. اهو ناٽڪ جنهن ۾ پهاڙ تي جڙيل هڪ پير جي مزار تي هڪ مُٺي ماءُ ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي ۽ هن جي دل جو درد بيان ٿي رهيو آهي، انهن فقيرن جي صدا ۾ جيڪي ڳائي رهيا آهن ته...