منهنجي پسند

ابوشامل

محفلین
حيرت آهي
جي تون چوين
ته منهنجي شعر ۾ رواني زيادهه آهي
ان ڪري
ان ۾ فڪري گھرائي گھٽ آهي.
پيارا،
کوهه گھرو نه به هوندو آهي
تڏهن به گھرو لڳندو آهي.
پر ڇُلنديءَ، ڇلانگ ڏينديءَ نديءَ جي رواني ڏسي،
اهو وسري ويندو آهي
ته ان ۾ ڪائي گھرائي به آهي.
(شيخ اياز)
(هن شعرن ۾ ڪا غلطي هجي ته ضرور ٻڌائيندا)
 

سارہ خان

محفلین
دُک جو هيل نه ڪاٿو آ!
ڪا رات وڃائي راهن ۾،
ڪو ڏينهن کُٽائي رستن تي،
بي فيض اُڃايل موٽياسين،
سڀ خواب لُٽائي رستن تي !
دورين جا جنازا هڪ پاسي،
۽ ياد جا ڪاوا ٻي پاسي،
احساس اندر ۾ اُجڙي ويا،
خود دل نه رهي پنهنجي پاسي!
هر آس ٽُٽي بي منزل ٿي،
هوء من جي مِٽي ٿي نه سگهي،
ويوپيار سمورو صحرا ٿي،
هوء من جي گهِٽي ٿي نه سگهي!
جيئن اُجرو چمڪو ڦُلڙي جو،
تيئن ياد رهي آ دل ۾ ڪا،
بس رات وسي ٿي نيڻن ۾ ،
هر موسم پنهجي پن ڇڻ آ،
بي واس اُجهاميل شامون هِن،
هر سپنو سُڃ ۾ ڦاٿو آ،
ڇا ڏسجي دل جي موسم ڪا،
هن دُک جو هيل نه ڪاٿو آ

(شاعر ايوب کوسو )
 
انتظار

تنھنجو آھي انتظار

ڇورھين ٿو ڌار

گل ٽڙيا پوپٽ مڙيا

رائيءَ جھليو ڦولار

ڪوئل ٻولي ٿي

موٽي آيو بھار

وڻ ڦٽن مکڙيون مرڪن

ساوڪ ٿي چوڌار

توبن اي سھڻا

بي ورنق سنسار

ان سمي ۾ ماڻڪ

موٽي اچ ھڪ بار



(21 ڊسمبر 1996)
 

ابوشامل

محفلین
دُک جو هيل نه ڪاٿو آ!
ڪا رات وڃائي راهن ۾،
ڪو ڏينهن کُٽائي رستن تي،
بي فيض اُڃايل موٽياسين،
سڀ خواب لُٽائي رستن تي !
دورين جا جنازا هڪ پاسي،
۽ ياد جا ڪاوا ٻي پاسي،
احساس اندر ۾ اُجڙي ويا،
خود دل نه رهي پنهنجي پاسي!
هر آس ٽُٽي بي منزل ٿي،
هوء من جي مِٽي ٿي نه سگهي،
ويوپيار سمورو صحرا ٿي،
هوء من جي گهِٽي ٿي نه سگهي!
جيئن اُجرو چمڪو ڦُلڙي جو،
تيئن ياد رهي آ دل ۾ ڪا،
بس رات وسي ٿي نيڻن ۾ ،
هر موسم پنهجي پن ڇڻ آ،
بي واس اُجهاميل شامون هِن،
هر سپنو سُڃ ۾ ڦاٿو آ،
ڇا ڏسجي دل جي موسم ڪا،
هن دُک جو هيل نه ڪاٿو آ

(شاعر ايوب کوسو )
ادي ساره ! زبردست ڪلام پيش ڪيو آهي. اميد آهي ته اهو سلسلو هلندو رهندو.
 

سارہ خان

محفلین
ادي ساره ! زبردست ڪلام پيش ڪيو آهي. اميد آهي ته اهو سلسلو هلندو رهندو.
مهرباني .. ڪوشش ڪندس جاري رکڻ جي .. :cat:

هڪ شيخ اياز جو ڪتاب ڪڏهن گهر ۾ ڏٺو هيو .. اهو تلاش ڪيان پيئي .. منهنجي امي حيراني سان پڇڻ لڳي ته هي سنڌي شاعري جو شوق ڀلا ڪيئن ٿيو ..:grin:
 

ابوشامل

محفلین
:( پوءِ پر اسان جي گهر ۽ علائقي ۾ ته سڳهو، سڳهي، سگهجي ٿو چوندا آهن هن جو مطلب آهي ته اسان جو لهجو غلط آهي. :( ادا سولنگي صاحب وڏي مهرباني
 

ابوشامل

محفلین
مهرباني .. ڪوشش ڪندس جاري رکڻ جي .. :cat:

هڪ شيخ اياز جو ڪتاب ڪڏهن گهر ۾ ڏٺو هيو .. اهو تلاش ڪيان پيئي .. منهنجي امي حيراني سان پڇڻ لڳي ته هي سنڌي شاعري جو شوق ڀلا ڪيئن ٿيو ..:grin:
:) پوءِ توهان ٻڌايو ته هي نيو شوق ڪٿان نازل ٿيو آهي؟
 

سارہ خان

محفلین
جيڪب آباد وارن جو لهجو اهڙو ناهي هوندو .. ٿي سگهي ٿو لهجو صحيح هجي لکڻ ۾ غلطي ڪندا هجو ..
 

ابوشامل

محفلین
ادي! جيڪب آباد وارن جو لهجو ته بالڪل هي ماشاء الله هوندو آهي :) هن تي ٻروجي ۽ سرائيڪي تمام گهڻو اثر ٿي رکي. پر اسان جو جيڪب آباد + ڪراچي مڪسڊ لهجو آهي ۽ هي لفظ ڳالهائڻ ۾ به ايئن هي آهي جيئن مان توهان کي ٻڌايان ٿو. خير ! سڄڻو! منهنجي سنڌي جي اصلاح ڪندا رهجو ڇا جي ڪري ته پهرين ڀيري مان گهر ۽ مائٽن جي علاوه ڪنهن سان سنڌي ۾ ڳالهايان ٿو اميد آهي ته هتي سنڌي ڪافي بهتر ٿيندي.
 

ابوشامل

محفلین
جيڪب آباد ۾به سگهو ڳالهايو ويندو آهي ۽ لکيو به سگهو ويندو آهي هي ٻي ڳالهه آهي ته اوهان شايد سنڌي ادب کان وانجهيل آهيو.
بالڪل ادا سنڌي ادب کي ته هٿ ئي نه لاٿو آهي ڪڏهن هن ڪري سنڌي ۾ "بي ادب" چئي سگهو ٿا :)
 
Top