هي لاش ڪنهن جو آهي؟

سکون

محفلین
هي لاش ڪنهن جو آهي؟


اسپتال جي سرد خاني ۾ هي چچريل، چيڀاٽيل ۽ رتوڇاڻ لاش پيو آهي. جنهن جي چهري تي لانگ بوٽن جي ڪوڪن جا نشان آهن؛ جنهن جي ڇاتيءَ تي ڇُرن جا گھاءُ آهن؛ جنهن جو عضوو عضوو چٿيل، چيڀاٽيل ۽ وڍيل آهن. ان لاش جي انهي حالت ۽ ڪيفيت کان پوءِ به سنگينون ٽنبيل رائفلون اُڀيون آهن ۽ اسپتال جي دروازي تي پوري ڪمپنيءَ جو پَهرو آهي.

ها، پر پوءِ به ان لاش جي چهري تي نفرت، عظمت، تقدس ۽ معصوميت جون ريکائون اُڀري، اونداهيءَ ۾ روشني جا ڪرڻا پکيڙي رهيون آهن. اهو لاش اڪيلو آهي، مٿس ڪو به معصوم، ’بابا‘ چئي ڳوڙها ڳاڙڻ وارو ناهي؛ ڪو به جوڀن ڳوڙهن سان ان لاش جي حرارت کي ٿڌاڻ پهچائڻ واروناهي. سرد خاني ۾ پيل ان لاش جي گرمي ۽ تپاڻ، ڪولڊ اسٽوريج جي ديوارن کي رجائي رهي آهي. نيٺ اهو لاش ڪنهن جو آهي، جيڪو هيڏي وڏي شهر ۾ اڪيلو بيوسيءَ واريءَ حالت ۾ ڪنهن جو انتظار ڪري رهيو آهي؛ ڪا صدا ڪري رهيو آهي؟ جنهن جي چپن ۾ موت کان پوءِ به هڪ اهڙي للڪار آهي، جنهن جو تسلسل ڪنهن فرد جي موت سان ٽُٽندو نه آهي ۽ نه ئي ٽُٽڻو آهي. جنهن جي رت هاڻين اکين ۾ اهڙي جوت جلي رهي آهي، جنهن جي جيت به امر ٿيندي آهي ۽ جنهن جو موت به مات نه کائيندو آهي. جنهن جي بيجان جسم ۾ اها حشمت ۽ هيبت آهي، جو ڏانهنس اُڀيون ٿيل سنگينون ڪنهن ايندڙ سمي جي خوف کان ڏڪي رهيون آهن: جيڪو سمو، انهن سنگينن جي مالڪن ڏانهن سنڌوءَ جي وهڪري وانگر وڃي رهيو آهي؛ ڪڻڪ جي سلي وانگر وڌي رهيو آهي؛ هماليا جي ڪِرندڙ ڇِپ وانگر تيزيءَ سان ڊوڙندو پيو اچي. جيڪو طوفان بڻجي، وِڄَ جي روپ ۾ گجگوڙ ڪندو اچي رهيو آهي. سج جي سونهري رت تي سوار ٿي، سانن جا ڪنڌ مروٽيندو، بادشاهن کي گھٽين ۾ گھليندو، اميرن جا اوجھه ڪڍندو ۽ مذهبي مهندارن جا سينا لتاڙيندو، وحشت، جنون، قهر ۽ ڪڙڪاٽ ڪندو اچي رهيو آهي. هن جي ٻانهن ۾ ديوتائن جا ٻَل آهن؛ اکين ۾ باهن جا شعلا آهن، زبان ۾ تلوار جي تيزي آهي. اهڙي وقت جي ويجھڙائيءَ کان سنگينون ڏڪي رهيون آهن؛ اعزازي ٻلا ڪري رهيا آهن؛ ورديون ڪپهه جي پُرزن وانگر اُڏامي رهيون آهن- ۽ گھگھه اونداهيءَ ۾ اهو وقت، باترتيب ۽ منظم عوام جي ڪُلهن تي سوار آهي، جن جي هٿن ۾ ڪڏهن نه وسامندڙ مشعلون آهن، ۽ اهي مشعلون امر اگنيءَ جون آهن. انهيءَ امر اگنيءَ جي شعلن ۾ هر اهڙو لاش، هڪ نئين مشعل جو، هڪ نئين جھنڊي جو ۽ نئين نعري جو اضافو ڪندو ويندو آهي. پر اهو لاش ڪنهن جو آهي؛ جنهن تي بيٺل پهريدار به ڊنل آهن، ته سنگينون به ڏڪي رهيون آهن ۽ ورديون به ڪپهه جي پوڻين وانگر اُڏامنديون نظر اچن ٿيون.

اهو لاش، دنيا جو قديم ترين، مشهور ترين ۽ گمنام ترين لاش آهي. ها، اهو لاش يسوع مسيح جو آهي، جيڪو صليب تي لٽڪيل آهي. اهو لاش حڪيم مانيءَ جو آهي، جنهن جي فڪر ۽ فن کي وقت جي اقتدار جي طوائف ۽ ان جي محافظ ڀڙوي، پنهنجي جسمن لاءِ تيزاب پئي سمجھيو؛ نتيجي طور هن کي جيئري ساڙيو ويو هو. اهو لاش سينيڪا جو آهي، جنهن کي روم جي نيرو خودڪشيءَ تي مجبور ڪيو هو. هي لاش شاهه عنايت جو آهي، جنهن کي قرآن جي نالي تي ڪٺو ويو هو؛ ۽ اهو لاش، هيمون ڪالاڻيءَ ۽ جيولس فيوچڪ جو آهي. اهو لاش هر انهيءَ باضمير اديب، شاعر، دانشور ۽ سياسي ڪارڪن جو آهي، جنهن جي روح، فوجي جنتا جي ٽِشو پيپرن جهڙن فرمانن مطابق سجدن ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، ۽ جن جا سجدا پنهنجي مادر وطن جي عوام جي خوشيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ وقف رهيا آهن. جيڪڏهن تون ۽ مان، هو ۽ هي، باضمير آهيون ته اهو لاش اسان سڀني جو آهي. اي! اهي انسانو، جيڪي نرم بسترن تي عياشيءَ سان سُتا پيا آهيو، سوچيو! ڪٿي اهو لاش توهان جي پُٽ، پوٽي، ڏوهٽي يا نياڻي جو ته ناهي؟ اهو لاش پوري دنيا جي حريت ۽ آزادي پسند نوجوانن جو لاش آهي. انهيءَ لاش جي روپ ۾ مون کي احمد لاسي، مير داد خان، ڀڳت سنگهه، دت، چي گويرا ۽ قادر صديقي نظر اچي رهيا آهن. ها! هيءُ لاش هر انهيءَ سنڌيءَ جو آهي، جنهن جي ذهن ۽ ضمير جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ذرو به غيرت جو باقي آهي. ها، هيءُ لاش تنهنجو به آهي ته منهنجو به آهي. هيءُ لاش ڏاهر جو به ٿي سگھي ٿو ۽ هر وڙهندڙ منهنجي ڀاءُ جو به ٿي سگھي ٿو. ها! اهو لاش اڄ ٽهڪ ڏئي رهيو آهي؛ تنهنجيءَ منهنجيءَ بيغيرتيءَ، بزدليءَ، بيحيائيءَ ۽ دلال پائيءَ تي! اُهو ٽهڪ ڏئي رهيو آهي انهن سنگينن جي ٽُٽڻ جي آواز تي! اُهو ٽهڪ ڏئي رهيو آهي عوام جي هٿن ۾ کنيل امر اگنيءَ جي مشعلن جي روشنيءَ تي! اهو ٽهڪ ڏئي رهيو آهي، پِڃيل ڪپهه جي ذرن وانگر اُڏامندڙ وردين جي چيٿرن تي! اهو ٽهڪ ڏئي رهيو آهي، پنهنجي دائمي ۽ ابدي فتح جي يقين تي، عوام جي آزاديءَ جي ايمان تي! ظلم جي زنجيرن جي پگھرڻ واري ويساهه ۽ پنهنجي ماتر ڀوميءَ جي هر بُک، ڏک ۽ مصيبت کان آزاديءَ واري وشواس تي هو ٽهڪ ڏئي رهيو آهي!

اي سنڌي انسانو! انهيءَ لاش جي روپ ۾ اوهان سڀ ٽنگيا پيا آهيو. مردو ۽ عورتو! وڏيرؤ ۽ هاريو! ڊاڪٽرؤ ۽ مريضو! تمام بيشمار بندوقون اوهان جي سينن ڏانهن سِڌيون ٿيل آهن ۽ ڪنهن به وقت توهان جا لاش به ائين لٽڪيل نظر ايندا. اهو اوهان کي ڪراچيءَ، اسپتال جي سردخاني ۾ پيل لاش وڏي واڪي ٻُڌائي رهيو آهي، اهو لاش، سنڌ جي هڪ ڪميونسٽ حريت پسند جو آهي، جنهن جو نالو نذير عباسي آهي. شايد! توهان نه سڃاڻندا هجو، ڇو ته توهان يا مير علي مراد کي سڃاڻيندا آهيو يا چارلس نيپيئر کي.

(ڳڄيءَ ڳانا لوهه جا؛ ص 164 کان167)​
 
Top