قرآن جو پیغام ۔ سيپارو- 5

یوسف-2

محفلین
سيپارو- 5 ... والۡمُحصنٰت جا مضمون
1- هٿ ايندڙ ٻانهيون
۽ پرڻيل عورتون (به حرام آھن) پر اوھان جا ھٿ جن (ٻانهين) جا مالڪ ٿيا آھن (سي حرام نه آھن)، اِھو حڪم الله اوھان تي لکيو آھي، ۽ اُنھن (حرام ڪيلن) کان سواءِ (ٻيون سڀ عورتون) اوھان لاءِ حلال آھن جڏھن پنھنجن مالن سان (کين) پرڻيندڙ، نه زنا جو ارادو ڪندڙ ھجو- پوءِ اھو مال جنھن جي عيوض انھن (زالن) کان (پرڻجڻ جو) فائدو ورتوَ تن کي سندن ڪابين مقرر ڪيل ڏيو، ۽ ڪابين مقرر ڪرڻ کان پوءِ جيتري (ڪابين) ۾ اوھين پاڻ ۾ راضي ٿيو ته اوھان تي گناهه نه آھي، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. ۽ اوھان مان جيڪو آزاد مؤمنياڻين جي پرڻجڻ جي سگھ نه رکندو ھجي سو اُنھن مؤمنياڻين ٻانھين مان جن جا مالڪ اوھان (مؤمنن) مان آھن (ڪا پرڻجي ته عار نه آھي)- ۽ الله اوھان جي ايمان کي بلڪل ڄاڻندڙ آھي- اوھان جا ھڪڙا ٻ۔ين مان (پيدا ٿيل) آھن (يعني پاڻ ۾ ھڪ جنس آھيو)، پوءِ کين سندن مالڪن جي موڪل سان پرڻجو ۽ سندن ڪابين عام ھليءَ چليءَ وانگر کين ڏيو (اُھي) نڪاح ٻَڌلون، نه زنا ڪندڙيون ۽ نڪي ڳجھن يارن وٺڻ واريون ھجن، پوءِ جڏھن نڪاح ۾ آيون تڏھن جيڪڏھن (اُھي) ڪو بي حيائيءَ جو ڪم ڪن ته جيڪا سزا آزاد عورتن تي آھي تنھن جو اڌ مٿن آھي- (اھا ٻانھيءَ پرڻجڻ جي اجازت) اوھان مان انھيءَ لاءِ آھي جيڪو زنا (جي گناهه ۾ پوڻ) کان ڊڄي- ۽ اوھان جو صبر ڪرڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي. (سورة النساء ...25)
2- الله پابندين کي هَلڪو ڪرڻ پيو گهري
الله گھرندو آھي ته اوھان لاءِ کولي بيان ڪري ۽ جيڪي اوھان کان اڳ (گذريا) آھن تن جون واٽون اوھان کي ڏيکاري ۽ اوھان تي ٻاجھ سان موٽي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. ۽ الله اوھان تي ٻاجھ سان موٽڻ گھرندو آھي، ۽ جيڪي پنھنجي سَڌن جي پٺيان لڳندا آھن سي اوھان جو (سڌيءَ واٽ کان) تمام پري ٿڙي وڃڻ گھرندا آھن. الله اوھان تان (بار) ھلڪو ڪرڻ گھرندو آھي، ۽ ماڻھو (اصل) ھيڻو پيدا ڪيو ويو آھي. (سورة النساء ...28)
3- هڪ ٻئي جو مال نه کائو
اي ايمان وارؤ! اوھين پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جو مال ناحق نه کائو پر پاڻ ۾ رضامندي سان واپار جي ڏيتي ليتي ھجي ته (ڀلي کائو)، ۽ اوھان پاڻ کي ھلاڪ نه ڪريو- بيشڪ الله اوھان تي مھربان آھي. ۽ جيڪو حد کان ٻاھر نڪرڻ ۽ ظلم سان ايئن ڪندو تنھن کي باهه ۾ سگھو وجھنداسين، ۽ اھو (ڪم) الله تي سھنجو آھي. جيڪڏھن وڏن گناھن کان جن کان اوھان کي جھليو ويو پاسو ڪندا رھندؤ ته اوھان جيون (ھلڪيون) مدايون اوھان کان ميٽينداسين ۽ اوھان کي عزت واريءَ جاءِ ۾ داخل ڪنداسين. (سورة النساء ...31)
4- ٻئي کي مليل مال تي لالچ نه ڪريو
۽ جن شين سان الله اوھان مان ھڪڙن کي ٻ۔ين کان فضيلت ڏني آھي تن جي ريس نه ڪريو- مردن لاءِ جيترو (پاڻ) ڪمايائون تنھن مان حصو آھي، ۽ زائفن لاءِ جيترو پاڻ ڪمايائون تنھن مان حصو آھي، ۽ الله کان سندس فضل گھرو، ڇوته الله سڀ ڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي. ۽ ماءُ پيءُ ۽ مائٽن جيڪي (مال) ڇڏيو تنھن سڀ لاءِ وارث مقرر ڪياسون، ۽ جن کي (مائٽيءَ جھڙي دوستيءَ ۾) اوھان جي قَسمن ٻڌو آھي تن کي سندن حصو ڏيو- بيشڪ الله سڀ ڪنھن شي تي واقف آھي. (سورة النساء ...33)
5- مرد عورتن تي طاقتور آهن
مرد زائفن تي انھيءَ سببان حڪمران آھن جو الله انھن مان ھڪڙن کي ٻ۔ين کان ڀلو ڪيو آھي ۽ (ٻيو) ھن سببان جو پنھنجن مالن مان خرچ ڪندا آھن، پوءِ ڀلاريون فرمانبردارڻيون پرپٺ نگاهه رکڻ واريون انهيءَ ڪري جو الله (کين) ڍڪيو آهي (ڀلاريون آهن)(سورة النساء ...34)
6- ڏنگين زالن کي مارڻ جي اجازت
۽ جن (زالن) جي بي فرماني معلوم ڪريو تن کي (زباني) نصيحت ڪريو ۽ پاٿارين ۾ کين ڌار ڪريو ۽ مار ڏيون، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي فرمانبرداري ڪن ته مٿن ڪا (ايذاءَ جي) واٽ نه ڳوليو- بيشڪ الله مٿاهون وڏي وڏائيءَ وارو آهي. (سورة النساء ...34)
7- مڙس زال جي وچ ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار
۽ جيڪڏھن سندن وچ ۾ ڦيٽي جو ڊپ (محسوس) ڪريو ته ھِن جي گھراڻي مان ھڪ امين ۽ ھُن جي گھراڻي مان (به) ھڪ امين مقرر ڪريو، جيڪڏھن ٻئي (امين) صلح ڪرائڻ گھرندا ته الله سندن وچ ۾ ميلاپ ڏيندو- ڇوته الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي. (سورة النساء ...35)
 

یوسف-2

محفلین
8- سهڻو ورتاءُ ڪهڙن ماڻهن سان ڪيو وڃي
۽ (خاص) الله جي عبادت ڪريو ۽ ساڻس ڪنھن شيءِ کي شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان ۽ مٽيءَ وارن سان ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن ۽ مٽيءَ واري پاڙيچي ۽ ڌاريي پاڙيچي ۽ ويجھي سنگتي ۽ مسافر ۽ پنھنجن ٻانھن سان چڱائي ڪريو- ڇوته جيڪو ھٺيلو وڏائي ڪندڙ ھجي تنھن کي الله دوست نه رکندو آھي. (سورة النساء ...36)
9- غرور، ڪنجوسي ۽ ڏيکاءُ پسند ناهن
(۽ نڪي اُنھن کي) جيڪي (پاڻ) ڪنجوسي ڪندا آھن ۽ ماڻھن کي به ڪنجوسي ڪرڻ جو حڪم ڪندا آھن ۽ الله پنھنجي فضل سان کين جيڪي ڏنو آھي سو لڪائيندا آھن- ۽ اھڙن نه مڃيندڙن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪيو اٿئون. ۽ (اُنھن لاءِ به) جيڪي پنھنجن مالن کي ماڻھن جي ڏيکاريءَ لاءِ خرچ ڪندا آھن ۽ نڪي الله ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن، ۽ جنھن جو سنگتي شيطان ٿيو ته اُھو سنگتي بڇڙو آھي. (سورة النساء ...38)
10- الله نيڪين کي وڌائي ٿو
۽ مٿن ڪھڙي (ڏکيائي) ھئي؟ جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃين ھا ۽ الله جيڪي کين ڏنو آھي ان مان خرچين ھا- ۽ الله اُنھن (جي حال) کي (چڱو) ڄاڻندڙ آھي. پڪ الله ذري جيترو به ظلم نه ڪندو آھي، ۽ جيڪڏھن (ڪا) چڱائي ھوندي ته ان کي ٻيڻو ڪندو آھي ۽ پاڻ وٽان وڏو اجر ڏيندو آهي. پوءِ (تڏھن) ڪيئن (ڪندا) جڏھن سڀ ڪنھن ٽوليءَ مان (ھڪ) شاھد آڻينداسون ۽ (اي پيغمبر!) توکي (به) ھن ٽوليءَ تي شاھد ڪري آڻينداسون. اُنھيءَ ڏينھن ڪافر ۽ جن پيغمبر جو چيو نه مڃيو، سي گھرندا ته جيڪر مٿن زمين سنئين ڪئي وڃي، ۽ الله کان ڪائي ڳالھ لڪائي نه سگھندا. (سورة النساء ...42)
11- بيماري، سفر يا پاڻي نه ملڻ تي تيمّم ڪريو
اي ايمان وارؤ! اوھان نشي ۾ ٿي ايستائين نماز کي ويجھا نه وڃو جيستائين جيڪي ڳالھايو ٿا سو سمجھو ۽ نڪي مسافرن کان سواءِ (مقيم) تڙ وارو (نماز پڙھي) جيسين تڙ ڪريو- ۽ جيڪڏھن اوھين بيمار ھجو يا مسافريءَ تي ھجو يا اوھان مان ڪوئي پاخاني کان اچي يا زالن کي ويجھا ويا ھجو ۽ پاڻي نه لھو ته پاڪ مٽيءَ سان تيمّم ڪريو پوءِ پنھنجن منھن ۽ پنھنجن ھٿن کي مک ڪريو، بيشڪ الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي. (سورة النساء ...43)
12- گمراهيءَ جا خريدار بڻيل
(اي پيغمبر!) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا؟ جن کي ڪتاب مان حصو ڏنو ويو آھي اھي گمراھي وٺندا آھن ۽ اوھان جو واٽ کان ڀلڻ (به) گھُرندا آھن. ۽ الله اوھان جي ويرين کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، ۽ الله (سڀني ڪمن جو) ڪارساز بس آھي، ۽ الله مددگار بس آھي. يھودين مان ڪي (توريت ۾) لفظن کي سندن جاين کان ڦيرائيندا آهن ۽ چوندا آهن ته ٻڌوسون ۽ نه مڃيوسون، ٻڌ شال نه ٻڌايل هجين ۽ پنھنجيون زبانون وچڙائي ۽ دين ۾ طعني ھڻڻ لاءِ ’رَاعِنَا‘ چوندا آھن- ۽ جيڪڏھن (سَمِعۡنَا وَعَصَيۡنَا جي بجاءِ) سَمِعۡنَا وَاَطَعۡنَا (يعني ٻڌوسون ۽ فرمانبرداري ڪئي سون) ۽ (اِسۡمَعۡ غَيۡرَ مُسۡمَعٍ جي ھنڌ) اِسۡمَعۡ (يعني ٻڌ) ۽ (رَاعِنَا لفظ جي بجاءِ لفظ) اُنۡ۔ظُرۡنَا (يعني اسان جو خيال رک) چون ھا ته اُنھن لاءِ ڀلو ۽ ڏاڍو درست ھجي ھا پر الله سندن ڪفر سببان مٿن لعنت ڪئي آھي پوءِ ٿورن کان سواءِ (ٻيا) ايمان نه ٿا آڻين. (سورة النساء ...46)
13- شرڪ معافيءَ جوڳو گناهه ناهي
اي ڪتاب وارؤ جيڪو (قرآن) لاٿوسون جيڪي اوھان وٽ آھي تنھن جو (اُھو) سچو ڪندڙ (به) آھي تنھن کي انھي کان اڳ مڃيو جو (ماڻهن جي) منھن (جي شڪل) مٽايون پوءِ انھن کي سندن پٺين پوئتان ڪريون يا مٿن اھڙي لعنت ڪريون جھڙي ڇنڇر وارن تي لعنت ڪئي سون، ۽ الله جو (جيڪو) حڪم (جاري ٿيندو آھي) سو ٿيندو آهي.بيشڪ الله ھيءُ (ڏوهه) نه بخشيندو جو (ڪنھن کي به) ساڻس شريڪ ڪيو وڃي ۽ اُن کان سواءِ ٻيا (ڏوهه) جنھن کي وڻيس تنھن کي بخشيندو، ۽ جيڪو الله سان (ڪنھن کي به) شريڪ بڻائيندو تنھن بيشڪ وڏي گناهه جو بُھتان ٻڌو. (سورة النساء ...48)
14- پنهنجي پاڪيزگيءَ جي هام هڻندڙ
(اي پيغمبر!) انھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جيڪي پاڻ کي پاڪ چوندا آھن- (نه) بلڪ الله جنھن کي گھرندو آھي پاڪ ڪندو آھي ۽ تند جيترو به ظلم نه ڪبن. (اي پيغمبر!) ڏس ته الله تي ڪيئن ڪوڙ ٺاھيندا آھن؟ ۽ اھو پڌرو گناهه بس آهي. (سورة النساء ...50)
 

یوسف-2

محفلین
15- اهڙن ماڻهن تي الله جي لعنت آهي
(اي پيغمبر!) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جن کي ڪتاب مان ڀاڱو ڏنو ويو ته اُھي بتن ۽ شيطان کي مڃيندا آھن ۽ ڪافرن لاءِ چوندا آھن ته ھيءَ ٽولي مؤمنن کان وڌيڪ سنئين واٽ واري آهي. اِھي (اُھي) آھن جن تي الله لعنت ڪئي آھي- ۽ جنھن تي الله لعنت ڪندو تنھن جو ڪو مددگار نه لھندين. اُنھن کي بادشاھيءَ مان ڪو ڀاڱو آھي ڇا؟ ۽ (جي کين کڻي ھجي به ته) اُن مھل ماڻھن کي تر جيترو (به) نه ڏين. بلڪ ماڻھن سان انھيءَ تي حسد ڪندا آھن جيڪي الله پنھنجي فضل سان کين ڏنو آھي، پوءِ بيشڪ ابراھيم جي اولاد کي ڪتاب ۽ دانائي ڏني سون ۽ کين وڏي بادشاھي ڏني سون. (النساء ...54)
16- جنت ۽ جهنم ۾ ويندڙ
پوءِ منجھائن ڪي آھن جن اُن ڪتاب کي مڃيو ۽ منجھائن ڪي آھن جي کانئس اٽڪي (رڪجي) رھيا- ۽ (انھن لاءِ) ٻرندڙ دوزخ ڪافي آهي. پڪ جن اسان جي آيتن کي نه مڃيو تن کي سگھو باهه ۾ گھيڙينداسون، جڏھن به سندين کلون ڀُڄنديون (تڏھن) سندين ٻيون کلون ھن لاءِ (پيا) مٽائينداسون ته ڀلي عذاب (جو مزو) چکن، ڇوته الله غالب حڪمت وارو آهي. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (اُنھن) باغن ۾ سگھوداخل ڪنداسون جن جي ھيٺان نهرون وھنديون آھن- منجھن سدائين رھڻ وارا آھن- اُنھن لاءِ منجھن پاڪ زالون آھن، ۽ کين گھاٽين ڇانون ۾ داخل ڪنداسون. (سورة النساء ...57)
17- امانتون، امانتدارن جي حوالي ڪريو
بيشڪ الله اوھان کي حڪم ٿو ڪري ته امانتون سندن مالڪن کي پھچائي ڏيو ۽ جڏھن ماڻھن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو (تڏھن) انصاف سان حڪم ڪريو- بيشڪ الله اوھان کي جيڪا نصيحت ڪري ٿو سا چڱي آھي- بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.
(سورة النساء ...58)
18- پاڻ ۾ جهڳڙن جو فيصلو ڪيئن؟
اي ايمان وارؤ! الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ اوھان مان جيڪو حاڪم ھجي، تنھن جي (به) پوءِ جيڪڏھن ڪنھن شيءِ بابت جھڳڙو ڪريو ته جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھيو ته ان کي الله ۽ پيغمبر (جي حڪم) ڏانھن رجوع ڪريو، اِھو ڀلو ۽ نتيجي جي ڪري ڏاڍو چڱو آهي.(اي پيغمبر!) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جيڪي ڀانئيندا آھن ته جيڪي تو ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ لاٿو ويو تنھن کي پاڻ مڃيو اٿن. اُھي ھن ھوندي به طاغوت (يعني غير خدا) ڏانھن (مقدمو نيئي) فيصلو ڪرائڻ گھرندا آھن حالانڪ ان جي نه مڃڻ جو حڪم ڪيو ويو اٿن- ۽ شيطان کين وڏي ڀُل ۾ ڀُلائڻ گھرندو آھي. (النساء ...60)
19- پنهنجي هٿن جي آندل مصيبت
۽ جڏھن کين چئجي ته جيڪي الله لاٿو تنھن ڏانھن ۽ پيغمبر ڏانھن اچو ته منافقن کي ڏٺئي ته توکان پوري طرح جھلجي ويندا آهن. پوءِ (تڏھن) ڪيئن (ڪندا) جڏھن کين ڪا تڪليف اِنھيءَ سببان پھچندي جو سندن ھٿن اڳي موڪليو آھي پوءِ وري تو وٽ اچي الله جو قسم کڻندا ته اسان جو چڱائي ۽ ٺھراءَ کان سواءِ (ٻيو) ڪو ارادو نه ھو. (سورة النساء ...62)
20- الله دلين جو حال ڄاڻي ٿو
اِھي (اُھي) آھن جن جي دلين ۾ جيڪي (ڪفر ۽ نفاق) آھي سو الله ڄاڻندو آھي، (جو وقت تي سزا لوڙيندا) پوءِ کانئن منهن موڙ ۽ کين نصيحت ڪر ۽ کين سندين دلين ۾ پھچندڙ ڳالھه چؤ. ڪوئي پيغمبر نه موڪليوسون پر ھن لاءِ ته الله جي حڪم سان سندس تابعداري ڪئي وڃي، ۽ جڏھن انھن (ماڻھن) پاڻ تي ظلم ڪيو تڏھن جيڪڏھن تو وٽ اچن ھا پوءِ الله کان بخشش گھرن ھا ۽ پيغمبر انھن لاءِ بخشش گھري ھا ته الله کي ٻاجھ سان موٽندڙ مھربان لھن ها.
(سورة النساء ...64)
21- پاڻ ۾ اختلافن ۾ مؤمن جي نشاني
پوءِ تنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته (اِھي ماڻھو ايستائين) مسلمان نه آھن جيستائين انھي معاملي ۾ جو سندن وچ ۾ پيو آھي توکان فيصلو ڪرائن پوءِ (تون) جيڪو نبيرو ڪرين تنھن کان پنھنجي دلين ۾ ڪا اُڙکُڙ نه ڏسن ۽ (پوري) مڃڻ طرح مڃين. ۽ جيڪڏھن اسين مٿن لازم ڪريون ھا ته اوھين پاڻ کي ڪھو يا پنھنجن ديسن مان نڪرو ته منجھانئن ٿورڙن کان سواءِ (ٻيا) اُھو نه ڪن ھا- ۽ جيڪا نصيحت ڪئي وين تنھن موجب جيڪڏھن اُھي ڪم ڪن ھا ته اُنھن لاءِ ضرور ڀلو ۽ (ايمان کي) زيادہ پڪي ڪرڻ وارو ھجي ھا. ۽ انھيءَ وقت پاڻ وٽان کين وڏو اجر ضرور ڏيون ها. ۽ ضرور کين سڌي واٽ وٺايون ها. ۽ جيڪي الله ۽ پيغمبر جي تابعداري ڪندا سي انھن سان گڏ رھندڙ آھن جن تي الله فضل ڪيو آھي (يعني) پيغمبر ۽ صديق ۽ شھيد ۽ صالح، ۽ اُھي چڱا سنگتي آھن. اِھو فضل الله جي طرفان آھي- ۽ الله ڄاڻندڙ بس آھي. (سورة النساء ...70)
 

یوسف-2

محفلین
22- الله جي واٽ ۾ وڙهڻ
اي ايمان وارؤ! پنھنجي بچاءَ جو سامان وٺو پوءِ (جهاد لاءِ) ٽولا ٽولا ٿي نڪرو يا گڏجي نڪرو. ۽ بيشڪ اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو (ڄاڻي واڻي) دير ڪندو آھي، پوءِ جيڪڏھن اوھان کي ڪا تڪليف پھچندي آهي ته چوندو آھي ته بيشڪ الله مون تي احسان ڪيو جو (آءٌ) ساڻن حاضر نه ھيس. ۽ جيڪڏھن الله (جي پار) کان ڪو فضل اوھان کي پھچي ته (انھيءَ وانگر جو) ڄڻ ته اوھان جي ۽ سندس وچ ۾ دوستي نه ھئي ضرور چوندو آھي ته مون کي ارمان آھي جيڪر ساڻن ھجان ھا ته وڏي مراد ماڻيان ھا. پوءِ اُنھن (مؤمنن) کي جڳائي ته الله جي واٽ ۾ وڙھن جيڪي دنيا جي حياتيءَ کي آخرت سان وڪڻندا آھن، ۽ جيڪو الله جي واٽ ۾ وڙھندو پوءِ ماريو ويو يا غالب ٿيو تنھن کي سگهوئي وڏو اجر ڏينداسون. ۽ (اي مسلمانؤ!) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي؟ جو الله جي واٽ ۾ نٿا وڙھو حالانڪ ھيڻن مردن ۽ عورتن ۽ ٻارن مان اُھي آھن جي چون ٿا ته اي اسان جا پالڻھار! ھن شھر مان جنھن جا رھاڪو ظالم آھن اسان کي (ٻاھر) ڪڍ، ۽ پاڻ وٽان اسان جو (ڪو) سنڀاليندڙ ڪر، ۽ پاڻ وٽان اسان جو ڪو مددگار ڪر. جيڪي مؤمن آھن سي الله جي واٽ ۾ وڙھندا آھن، ۽ جيڪي ڪافر آھن سي طاغوت جي واٽ ۾ وڙھندا آھن تنھنڪري شيطان جي ساٿين کي ماريو، بيشڪ شيطان جي ٺڳي ڪمزور آھي. (اي پيغمبر!) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جن کي چيو ويو ته پنھنجن ھٿن کي (ويڙھ کان) جھليو ۽ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو، پوءِ جنھن مھل مٿن ويڙھ لازم ڪئي ويئي تنھن مھل منجھانئن اوچتو ھڪ ٽولي الله جي خوف وانگر يا ان کان به وڌ خوف ڪرڻ ۾، ماڻهن کان ڊڄي ٿي ۽ چيائون ته اي اسان جا پالڻھار! ڇالاءِ اسان تي ويڙھ لازم ڪئي اٿيئي؟ ويجھي وقت تائين تو اسان کي ڇونه ڍر ڏني؟ (اي پيغمبر!) چؤ ته دنيا جو سامان ٿورڙو آھي، ۽ آخرت انھيءَ لاءِ ڀلي آھي جيڪو پرھيزگاري ڪندو، ۽ توهان تي تند جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو. (سورة النساء ...77)
23- دنيا جي زندگيءَ جو سامان ٿورو آهي
جتي ھوندؤ اُتي اوھان کي موت پھچندو جيتوڻيڪ مضبوط قلعن ۾ (ڇو نه) ھوندؤ، ۽ جيڪڏھن کين ڪا چڱائي پھچندي آھي ته چوندا آھن ته ھي الله وٽان (پھتي) آھي، ۽ جيڪڏھن کين ڪا تڪليف پھچندي آھي ته چوندا آهن ته ھيءَ تو وٽان پھتي آھي، (کين) چؤ ته (ڏک سک) سڀ الله وٽان آھي- پوءِ ھن قوم کي ڇا (ٿيو) آھي؟ جو ڳالھ جي سمجھڻ کي ويجھو ئي نه آھن. (النساء ...78)
24- نفعو ۽ نقصان سڀ الله وٽان آهي
توکي جيڪا به چڱائي پھچي ٿي سا الله وٽان (ڀانءِ)، ۽ توکي جيڪا به تڪليف پهچي ٿي سا پنھنجي نفس (جي ڪمن جي شامت) کان (ڀانءِ)، ۽ توکي ماڻھن لاءِ پيغمبر ڪري موڪليوسون، ۽ الله شاھد بس آهي.(النساء.79)
25- رسول جي اطاعت، الله جي اطاعت آهي
جيڪو پيغمبر جي فرمانبرداري ڪندو تنھن بيشڪ الله جي فرمانبرداري ڪئي، ۽ جيڪو ڦرندو تن تي توکي نگھبان ڪري نه موڪليو اٿئون. (سورة النساء ...80)
26- الله ڀروسي لاءِ ڪافي آهي
۽ (منافق تو وٽ) چوندا آھن فرمانبرداري (ڪنداسون) پوءِ جڏھن تو وٽان ھليا ويندا آھن تڏھن منجھانئن ھڪ ٽولي تنھنجي ڳالھين جي ابتڙ رات جو صلاحون ڪندي آھي، ۽ جيڪي رات جو صلاحون ڪندا آھن سي الله لکندو آھي، تنھنڪري کانئن منھن موڙ ۽ الله تي ڀروسو ڪر، ۽ الله وڪيل بس آھي. قرآن ۾ ڇونه سوچ ڪندا آھن، جيڪڏھن اللهکان سواءِ ٻئي (ڪنھن) وٽان ھجي ھا ته منجھس گھڻو اختلاف لھن ھا. (سورة النساء ...82)
27- خبر اڳ ۾ ذميدارن تائين پهچائي وڃي
۽ جڏھن وٽن امن جي يا خطري جي ڪا خبر ايندي آھي (تڏهن) اُن کي مشهور ڪندا آهن ۽ جيڪڏھن ان کي پيغمبر ڏانھن ۽ پنھنجن (مسلمانن) مان اميرن (حڪمرانن) ڏانھن پھچائين ھا ته منجھائن جيڪي اُن کي جاچيندا آھن سي ضرور ان کي (چڱيءَ طرح) ڄاڻن ھا، ۽ جيڪڏھن الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ اوھان تي نه ھجي ھا ته ٿورڙن کان سواءِ ضرور شيطان جي پٺيان لڳو ھا. (سورة النساء ...83)
28- الله جي سزا سڀ کان وڌيڪ سخت آهي
پوءِ (اي پيغمبر!) الله جي واٽ ۾ جنگ ڪر، تنھنجي سِر کان سواءِ توتي بار نه رکيو ويو آھي ۽ مؤمنن کي ھمٿاءِ، ويجھو ئي الله ڪافرن جي ويڙھ کي روڪڻ تي آھي، ۽ الله ويڙھ جي ڪري ڏاڍو زور وارو ۽ سزا ڏيڻ ۾ (به) ڏاڍو زور وارو آهي. جيڪو چڱيءَ ڳالھ جي سفارش ڪندو تنھن لاءِ منجھانئس حصو آھي، جيڪي بڇڙي ڳالھ جي سفارش ڪندو تنھن لاءِ منجھانئس حصو آھي، ۽ الله سڀ شيءِ تي نگھبان آھي.
(سورة النساء ...85)
 

یوسف-2

محفلین
29- سلام جو بهتر طريقي سان جواب ڏيو
۽ جڏھن اوھان کي سلام ڪرڻ سان تعظيم ڏني وڃي تڏهن اُن کان بھتر تعظيم سان (سلام) ورايو يا اوترو ورايو- بيشڪ الله سڀ ڪنھن شيءِ جو حساب ڪندڙ آهي.الله (اُھو آھي) جو اُن کان سواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، قيامت جي ڏينھن جنھن ۾ (ڪو) شڪ نه آھي اوھان کي ضرور گڏ ڪندو، ۽ الله کان ڪير (پنھنجي) ڳالھ ۾ وڌيڪ سچو آھي؟ (سورة النساء ...87)
30- منافقن کي دوست نه بڻايو
اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو منافقن جي بابت ٻه ٽوليون (ٿي پيا) آھيو ۽ الله سندن ڪرتوتن سببان کين اونڌو ڪيو آھي، جنھن کي الله ڀُلايو تنھن کي اوھين ھدايت ڪرڻ گھُرندا آھيو ڇا؟ جنھن کي الله ڀلائيندو آھي تنھن لاءِ ڪا واٽ ڪڏھن نه لھندين. (اُھي) گھرندا آھن ته جيڪر اوھين ڪافر ٿيو جھڙا پاڻ ڪافر آھن ته (سڀ) ھڪ جھڙا ٿيون پوءِ منجھائن ڪنھن کي ايستائين دوست ڪري نه وٺو جيستائين الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏين، پوءِ جيڪڏھن ڦري وڃن ته پڪڙيونِ ۽ جتي لھونِ تتي قتل ڪريونِ، ۽ منجھائن ڪنھن کي نڪي دوست ۽ نڪي مددگار ڪري وٺو. پر (اُنھن سان نه وڙھو) جيڪي اھڙيءَ قوم سان ڳنڍيل ھجن جو اوھان جي ۽ انھن جي وچ ۾ معاهدو ٿيل ھجي يا اوھان وٽ ھن حال ۾ اچن جو اوھان سان وڙھڻ يا پنھنجي قوم سان وڙھڻ کان سندن سينا گُهٽيل ھجن، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته کين اوھان تي غالب ڪري ھا ۽ اوھان کي ضرور مارين ھا، پوءِ جيڪڏھن اوھان کان پاسو ڪن ۽ اوھان سان نه وڙھن ۽ اوھان ڏانھن صلح (جو پيغام) موڪلين ته پوءِ الله اوھان لاءِ مٿن ڪا (ويڙھ جي) واٽ نه ڪئي آھي. ٻي ٽوليءَ کي (اوھين) سگھوئي لھندؤ جو اوھان کان امن ۾ ھجڻ گھرندا ۽ پنھنجيءَ قوم کان (به) امن ۾ ھجڻ گھرندا- جڏھن به ڪنھن فتني ڏانھن سڏيا ويندا تڏھن منجھس جھٽ پٽ اونڌي منھن ڪري پوندا، پوءِ جيڪڏھن اوھان کان پاسو نه ڪن ۽ نڪي اوھان ڏانھن صلح (جو پيغام) موڪلين ۽ نڪي پنھنجن ھٿن کي (ويڙھ کان) جھلين ته انھن کي پڪڙيو ۽ جتي انھن کي لھو تِتي اُنھن کي ڪُهو، ۽ انھن تي اسان اوھان کي پڌرو غلبو ڏنو آھي. (سورة النساء ...91)
31- قتل جو ڪفارو ۽ خون بها
۽ مؤمن جو ڪنھن مؤمن کي مارڻ ڀُل چُڪ کان سواءِ (ڪنھن حال ۾) نه جڳائي، ۽ جيڪو مؤمن ڀُل چُڪ سان ماري ته (ھڪ ته) مؤمن ٻانھي کي آزاد ڪري ۽ (ٻيو ته) چَ۔ٽِ۔ي سندس وارثن کي پھچائي پر جي بخشين (ته انھن کي اختيار آھي)، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي ويرين جي قوم مان آھي ۽ اُھو مؤمن ھجي ته (ڇڙو) مؤمن ٻانھي کي آزاد ڪرڻ لازم آھي ( ۽ چَ۔ٽِ۔ي معاف آھي) ۽ جيڪڏھن انھيءَ قوم مان آھي جو اوھان جي ۽ انھن جي وچ ۾ پڪو معاهدو ٿيل آھي ته چَٽِ۔ي سندس وارثن کي پھچائجي ۽ مؤمن ٻانھي کي آزاد ڪرڻ لازم آھي، ۽ جيڪو (ٻانهو) نه لھي ته ٻه مھينا لڳولڳ روزا رکي، (اھو ڪفارو) الله (جي پار) کان توبہ جي (قبول ٿيڻ) لاءِ آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. ۽ جيڪو مؤمن کي ڄاڻي واڻي ماريندو تنھن جي سزا دوزخ آھي منجھس سدائين رھڻ وارو آھي ۽ الله مٿس ڏمريو ۽ مٿس لعنت ڪندو ۽ اُن لاءِ وڏو عذاب تيار ڪيو اٿس. (النساء ...93)
32- دوست ۽ دشمن ۾ فرق ڪريو
اي ايمان وارؤ! جڏھن اوھين الله جي واٽ ۾ (جھاد لاءِ) مسافري ڪريو تڏھن (پوريءَ طرح) جاچيو ۽ جيڪو اوھان کي سلام ڪري تنھن کي اوھين دنيا جي حياتيءَ جو سامان طلبيندڙ ٿي، نه چؤ ته تون مؤمن نه آھين، ڇوته الله وٽ (ڏيڻ لاءِ) خزانا گهڻا آھن- اڳ اوھين به اھڙا ھيؤ پوءِ الله اوھان تي احسان ڪيو پوءِ اوھين (پوريءَ طرح) جاچيو- ڇوته جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي. (سورة النساء ...94)
33- مجاهدن جو درجو بلند آهي
مؤمنن مان ڪنھن عذر ڌاران (جھاد کان گھر ۾) ويھي رھندڙ ۽ الله جي واٽ ۾ پنھنجي مالن ۽ پنھنجن سِرن سان جھاد ڪندڙ (اِھي ٻئي) برابر نه آھن، پنھنجن مالن ۽ پنھنجن سِرن سان جھاد ڪندڙن کي الله (گھر ۾) ويھي رھندڙن کان مرتبي ۾ ڀلو ڪيو آھي ۽ الله ھر ھڪ کي چڱائيءَ جو وعدو ڏنو آھي ۽ الله جھاد ڪندڙن کي ويھي رھندڙن کان وڏي اجر جي ڪري ڀلو ڪيو آھي. پاڻ وٽان درجا ۽ بخشش ۽ ٻاجھ ڪئي اٿس، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي. (النساء ...96)

34- الله جي واٽ ۾ هجرت ڪرڻ
بيشڪ جن پاڻ تي ظلم ڪيو آھي تن کي ملائڪ مارڻ مھل چوندا آھن ته اوھين ڪھڙي (حال) ۾ ھيؤ؟ اُھي چوندا ته اسين ملڪ ۾ بيوس هئاسون- (ملائڪ کين) چوندا ته الله جو ملڪ ويڪرو نه ھو ڇا؟ جو اُن ۾ لڏي وڃو ھا- پوءِ اُنھن جي جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھو ھنڌ بڇڙو آھي. پر مردن ۽ عورتن ۽ ٻارن مان ھيڻا جو ڪا واهه لھي نه سگھندا آھن ۽ نڪا نڪرڻ جي ڪا واٽ وٺي سگھندا آهن. ته سگهو اُنھن کي الله معاف ڪرڻ تي آھي، ۽ الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي. جيڪو الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيندو سو زمين ۾ گھڻيون رھڻ جون جايون ۽ (روزيءَ) جي ڪشادگي لھندو، ۽ جيڪو الله (جي واٽ ۾) ۽ سندس پيغمبر ڏانھن ھجرت ڪندڙ ٿي پنھنجي گھر کان نڪرندو پوءِ کيس موت پھچندو تنھن جو اجر بيشڪ الله تي (لازم) آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي. (سورة النساء ...100)
35- سفر ۾ قصر نماز پڙهڻ
۽ جڏھن اوھين ملڪ ۾ مسافري ڪريو تڏھن جيڪڏھن ڊڄو ٿا ته ڪافر اوھان کي پريشان ڪندا ته نماز مان ڪجھ گھٽائڻ ۾ اوھان تي گناهه ڪونھي، ڇوته ڪافر اوھان جا پڌرا ويري آھن. (سورة النساء ...101)
 

یوسف-2

محفلین
36- جنگ جي ميدان ۾ نماز جو طريقو
۽ (اي پيغمبر! ويڙھ مھل) جڏھن منجھن ھجين پوءِ کين نماز پڙھائين ته منجھائن ھڪ ٽوليءَ کي توسان (نماز ۾) بيھڻ گھرجي ۽ پنھنجن ھٿيارن کي (ساڻ) وٺڻ گھرجين، پوءِ جنھن مھل (اُھي) سجدو ڏيئي بيھن (تنھن مھل) اوھان جي پوئتان ٿين، ۽ جنھن ٻئي ٽوليءَ نماز نه پڙھي آھي سي اچن تن کي توسان نماز پڙھڻ گھرجي ۽ پنھنجي بچاءَ (جي شين) ۽ پنھنجن ھٿيارن کي وٺڻ گھرجين، ڪافر گھرندا آھن ته جيڪر اوھين پنھنجن ھٿيارن ۽ پنھنجي سامان کان (ڪجھ) بي خبر ٿيو ته اوھان تي ھڪ ئي ڀيري حملو ڪن- ۽ جيڪڏھن اوھان کي مينھن کان ڪا تڪليف ھجي يا اوھين بيمار ھجو ته اوھان تي گناهه نه آھي ته پنھنجا ھٿيار لاھي رکو، ۽ پنھنجي بچاءَ جون شيون (ساڻ) وٺو، بيشڪ الله ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب تيار ڪيو آهي. پوءِ جڏھن نماز پوري ڪريو (تڏھن) بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنھنجي پاسن ڀر الله کي ياد ڪريو، پوءِ جڏھن اوھين دلجاءِ ڪريو تڏهن (اصلي دستور تي) نماز پڙھو، بيشڪ نماز مؤمنن تي ٺھرايل وقت ۾ فرض آھي. ۽ ڪافرن جي ڳول ڦول ۾ سُستي نه ڪريو- جيڪڏھن اوھين ڏکوئبا آھيو ته اُھي به اوھان جھڙا ڏکوئبا آھن، ۽ اوھين الله ۾ اھا اميد ٿا رکو جا اميد انھن کي نه آھي- ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي (النساء .104)
37- فيصلو الله جي ڪتاب مطابق ڪريو
(اي پيغمبر!) بيشڪ اسان توڏانھن سچو ڪتاب ھن لاءِ لاٿو آھي ته جيئن الله توکي سيکاريو آھي تيئن ماڻھن جي وچ ۾ فيصلو ڪرين، ۽ خيانت ڪندڙن جي پاسداري نه ڪر. ۽ الله کان بخشش گُھر، ڇوته الله تعالى بخشڻھار مھربان آھي. ۽ جيڪي پنھنجن نفسن سان خيانت ڪندا آھن تن جي پاران (تون) نه جھيڙ، ڇوته الله خيانتي گنھگار کي دوست نه رکندو آهي. ماڻھن کان لڪندا آھن ۽ الله کان لڪي نه سگھندا ۽ جڏھن رات جو اُھا صلاح ڪندا آھن جنھن صلاح کان (الله) راضي نه آھي (تڏھن) اُھو (الله) ساڻن آھي- ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله گھيرو ڪندڙ آھي. خبردار! اوھين اھڙي قوم آھيو جو دنيا جي حياتي ۾ (ته) سندن پاران بحث ڪندا آھيو، پوءِ قيامت جي ڏينھن سندن پاران الله سان ڪير جھيڙو ڪندو؟ يا مٿن ڪير ڀرجھلو ٿيندو؟۽ جيڪو بڇڙو ڪم ڪندو يا پاڻ تي ظلم ڪندو وري الله کان بخشش گھرندو سو الله کي بخشڻھار مھربان لھندو. ۽ جيڪوئي گناهه ڪري ٿو سو پاڻ لاءِ ئي ڪري ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. ۽ جيڪو ڪا خطا يا گناهه ڪري وري اُھا (تھمت) ڪنھن بيگناهه تي ھڻي تنھن بيشڪ بُھتان ۽ پڌرو گناهه کنيو. (النساء ...112)
38- نبي ﷺ تي الله جي مهرباني
۽ جيڪڏھن توتي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا ته منجھانئن ھڪ ٽوليءَ توکي غلطي ۾ وجھڻ جي پڪي نيت ڪئي ھئي، ۽ (اُھي) پاڻ کان سواءِ (ڪنھن کي) نه ڀلائيندا آھن ۽ توکي ڪوبه نقصان نه پھچائيندا، ۽ الله توتي ڪتاب ۽ دانائي لاٿي آھي ۽ جيڪي تون نه ڄاڻندو ھئين سو توکي سيکاريائين، ۽ توتي الله جو وڏو فضل آھي (النساء ...113)
39- ڳجهيون صلاحون ڀلائيءَ کان خالي آهن
سندين گھڻين ڳجھين صلاحن ۾ ڪا چڱائي نه آھي پر جنھن خيرات ڏيڻ يا چڱي ڪم يا ماڻھن جي وچ ۾ سڌاري ڪرڻ جو حڪم ڪيو (تنھن جي صلاح ۾ چڱائي آھي)، ۽ جيڪو اُھو ڪم الله جي رضامندي ڳولڻ لاءِ ڪندو پوءِ سگھوئي اُن کي وڏو اجر ڏينداسون. ۽ جيڪو هدايت جي چٽي ٿيڻ کان پوءِ پيغمبر جي مخالفت ڪندو ۽ مؤمنن جي واٽ کان سواءِ ٻي واٽ وٺندو سو جيڏانھن ڦِريو تيڏانھن کيس ڦيرينداسون ۽ کيس دوزخ ۾ گھيڙينداسون، ۽ (اھا) جاءِ بڇڙي آھي. (سورة النساء ...115)
40- شرڪ معافيءَ جوڳو ناهي
بيشڪ الله ھيءُ (ڏوهه) نه بخشيندو جو (ڪنھن کي) ساڻس شريڪ ڪيو وڃي ۽ اُن کان سواءِ (ٻيا گناهه) جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي بخشيندو، ۽ جيڪو الله سان (ڪنھن کي) شريڪ بڻائيندو سو بيشڪ وڏي ڀُل ۾ ڀُلو. (ھي مشرڪ) ان (الله) کان سواءِ عورتن (جي ناليوارن) کي ئي سڏيندا آھن، ۽ (حقيقت ۾) تڙيل شيطان کان سواءِ ٻئي کي نه سڏيندا آھن. ان تي الله لعنت ڪئي آھي، ۽ (شيطان) چيو ته تنھنجي ٻانھن مان مقرر ڪيل حصو ضرور وٺندس. ۽ کين ضرور گمراهه ڪندس ۽ کين ضرور سَڌن ۾ وجھندس ۽ کين ضرور حڪم ڪندس پوءِ ضرور ڍورن جي ڪنن کي چيريندا (رهندا) ۽ کين ضرور حڪم ڪندس ته الله جي جوڙيل (صورت) کي مَٽائيندا (رھندا) ۽ جيڪو الله کان سواءِ شيطان کي دوست ڪري وٺندو تنھن بيشڪ پڌرو نقصان پاتو. (شيطان) کين انجام ڏيندو آھي ۽ کين سَڌن ۾ وجھندو آھي، ۽ شيطان ٺڳيءَ کان سواءِ (ٻيو ڪو) انجام نه ڏيندو اٿن. اِھڙن (ماڻھن) جي جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُن کان ڀڄڻ جي ڪا واهه نه لھندا. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سگھوئي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي ھيٺان نهرون وھنديون آھن منجھن هميشه سدائين رھڻ وارا آھن- (اھو) الله جو پڪو انجام آھي ۽ انجام ڏيڻ ۾ الله کان وڌيڪ سچو ڪير آھي؟ (سورة النساء ...122)
41- صرف مؤمن جنت ۾ داخل ٿيندا
۽ نڪي اوھان جي سَڌن تي نڪي ڪتاب وارن جي سَڌن تي (ڇوٽڪارو) آھي، جيڪو ڪا برائي ڪندو تنھن کي ان جي سزا ڏبي ۽ الله کان سواءِ پاڻ لاءِ نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار لھندو. ۽ جيڪي (ماڻھو) مرد يا عورت مؤمن ٿي چڱا ڪم ڪندا سي بھشت ۾ گھڙندا ۽ تر جيترو به ظلم نه ڪبن. ۽ دين جي اعتبار کان انھيءَ کان وڌيڪ چڱو ڪير آھي؟ جنھن پنھنجو منھن (پيشاني) الله لاءِ نوايو ۽ اُھو چڱائي ڪندڙ آھي ۽ ابراھيم حنيف (ھڪ طرفي) جي دين جي پيروي ڪئي اٿس، ۽ الله ابراھيم کي (پنھنجو) خاص دوست بڻايو ھو. ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله سڀ ڪنھن شيءِ تي گھيرو ڪندڙ آھي. (سورة النساء ...126)
42- يتيم ڇوڪرين بابت هدايت
(اي پيغمبر!) زائفن بابت توکان پڇن ٿا- چؤ ته الله انھن بابت اوھان کي حڪم ڪري ٿو ۽ (پڻ) جيڪي اوھان کي (ھن) ڪتاب ۾ (اڳ) پڙھي ٻڌايو ويو آھي سو انھن يتيم زالن بابت آھي جن کي سندن حق جيڪو اُنھن لاءِ لازم ڪيو ويو سو نه ڏيندا آھيو ۽ کين پرڻجڻ جي خواھش ڪندا آھيو ۽ (پڻ) ھيڻن ٻارن بابت (سو اھو حڪم قائم آھي) ۽ يتيمن (جي حقن ادا ڪرڻ) لاءِ انصاف تي قائم رهو- ۽ اوھين جيڪا ڪا چڱائي ڪندؤ تنھن کي الله ڄاڻندڙ آهي.(سورة النساء ...127)
 

یوسف-2

محفلین
43- مڙس ۽ زال پاڻ ۾ صلح ڪن
۽ جيڪڏھن ڪا زال پنھنجي مڙس جي بي پرواھيءَ يا منھن موڙڻ کان ڊڄي ته ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ صلح ڪن (ڪنھن به قسم جو صلح) ته ٻنھي تي گناھ نه آھي، ۽ صلح ڀلو آھي، ۽ نفس (ته) بخل جي آڏو ڪيا ويا آھن، ۽ جيڪڏھن اوھين چڱائي ڪندؤ ۽ پرھيزگار ٿيندؤ ته جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي. (سورة النساء ...128)
44- زالن وچ ۾ عدل ڪرڻ
۽ اوھين زالن جي وچ ۾ ڪڏھن به برابري رکي نه سگھندؤ توڻيڪ گھڻي ڪوشش ڪريو تنھنڪري اوھين (ھڪ پاسي اھڙو) سارو لاڙو نه لڙو جو ٻيءَ کي لڙڪيل وانگر ڇڏيو، ۽ جيڪڏھن اوھين (پاڻ ۾) صلح ڪريو ۽ پرھيزگار ٿيو ته الله بخشڻھار مھربان آھي. (سورة النساء ...129)
45- جيڪڏهن زال مڙس الڳ ٿين
۽ جيڪڏھن ٻئي جدا ٿيندا ته الله پنھنجي فضل سان ھر ڪنھن کي آسودو ڪندو، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو حڪمت وارو آھي. جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ اوھان کان اڳ ڏنل ڪتاب وارن کي ۽ (ھاڻي) خاص اوھان کي بيشڪ وصيت ڪئي اٿئون ته الله کان ڊڄو، ۽ جيڪڏھن نه مڃيندؤ ته (سمجھو ته) جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (خاص) الله جو آھي، ۽ الله بي پرواهه ساراھيل آھي. (سورة النساء ...131)
46- دنيا جو ثواب ۽ آخرت جو ثواب
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (خاص) الله جو آھي، ۽ الله ڀرجھلو بس آهي. اي انسانؤ! جيڪڏھن الله گھري ته اوھان کي فنا ڪري ڇڏي ۽ ٻ۔ين کي پيدا ڪري، ۽ الله انھيءَ (ڪم) تي وس وارو آھي. جيڪو دنيا ۾ (پنھنجين چڱائين جو) ثواب گھرندو آھي ته الله وٽ دنيا ۽ آخرت جو ثواب آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي. (سورة النساء ...134)
47- خدا ڪارڻ شاهد بڻجو
اي ايمان وارؤ! انصاف تي قائم رهندڙ الله ڪارڻ شاھدي ڏيندڙ بڻجو توڻيڪ اوھان کي پاڻ تي يا ماءُ پيءُ يا مٽن تي ھجي، جيڪڏھن (اُھو ماڻھو جنھن تي حق ثابت ٿئي ٿو سو) آسودو ھجي يا سڃو ته الله اُنھن تي وڌيڪ مھربان آھي، پوءِ انصاف ڪرڻ ۾ سَڌن جي پٺيان نه لڳو، ۽ جيڪڏھن اوھين وچڙائي ڳالھائيندؤ يا منھن موڙيندؤ ته جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي. (سورة النساء ...135)
48- ڪافرن کي دوست ٺاهيندڙن جو حشر
اي ايمان وارؤ! الله کي ۽ سندس پيغمبر کي ۽ جيڪو ڪتاب پنھنجي پيغمبر تي لاٿائين ۽ جيڪو ڪتاب کانئس اڳ لاٿائين تنھن کي (به مڃو)، ۽ جيڪو الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس پيغمبرن ۽ قيامت جي ڏينھن کي نه مڃيندو سو بيشڪ وڏي ڀُل ۾ ڀُلو. جن ايمان آندو وري ڪفر ڪيائون وري ايمان آندائون وري ڪفر ڪيائون وري ڪفر ۾ وڌندا ويا تن کي الله ڪڏھن نه بخشيندو ۽ نڪي کين ڪا واٽ ڏيکاريندو. (اي پيغمبر! انھن) منافقن کي (ھيءَ) سڌ ڏي ته انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آهي.جيڪي مؤمنن کان سواءِ ڪافرن کي دوست ڪري وٺندا آھن، اُنھن وٽان مانُ ڇو گھرندا آھن؟ پوءِ يقينًا ھيڪاندو مانُ الله جوئي آھي. (سورة النساء ...139)
49- ڪ۔فريه مجلسن کان پري رهو
۽ بيشڪ الله اوھان تي ڪتاب ۾ (ھيءُ حڪم) لاٿو آھي ته جڏھن (اوھين) ٻڌو ته الله جي آيتن جو انڪار ڪيو وڃي ٿو ۽ مٿن ٺ۔ٺولي ڪئي وڃي ٿي تڏھن (اوھين) ساڻن ايسين نه ويھو جيسين ٻيءَ ڪنھن ڳالھ ۾ بحث نه ڪن، اوھين اُنھيءَ مھل (جي ويھندؤ ته) انھن جھڙا ٿيندؤ، ڇوته الله منافقن ۽ ڪافرن سڀني کي دوزخ ۾ گڏ ڪندڙ آهي.
(سورة النساء ...140)
50- منافقن جي پاليسي ۽ انهن جو رويو
اُھي (منافق) اوھان جو انتظار ڪڍندا آھن، پوءِ جيڪڏھن الله (جي پار کان) اوھان لاءِ ڪا سوڀ آھي ته چون ٿا ته (اسين) اوھان سان گڏ نه هئاسون ڇا؟ ۽ جيڪڏھن (سوڀ جو) ڀاڱو ڪافرن جو آھي ته ڪافرن کي چون ٿا ته اسين اوھان تي غالب نه آھيون ڇا؟ ۽ مؤمنن کان اوھان کي نه بچايوسون ڇا؟ پوءِ الله قيامت جي ڏينھن اوھان جي وچ ۾ نبيرو ڪندو، ۽ الله ڪافرن لاءِ مؤمنن تي (غلبي جي ڪا) واٽ نه ڪندو. منافق (پنھنجي پَرِ ۾) الله کي دلبو ڏيندا آھن ۽ (حقيقت ڪري) الله کين دلبو ڏيندڙ آھي، ۽ جڏھن نماز ڏانھن اٿندا آھن تڏھن آرسي ٿي اُٿندا آھن (رڳو) ماڻھن کي ڏيکاريندا آھن ۽ ٿورڙي کان سواءِ الله کي ياد نه ڪندا آھن. نه ھِن ٽولي ڏانھن آھن ۽ نڪي ھُن ٽولي ڏانھن آھن انھيءَ وچ ۾ حيران آھن، ۽ جنھن کي الله ڀُلائيندو تنھن لاءِ ڪڏھن واٽ نه لھندين. (سورة النساء ...143)
51- ڪافرن کي پنهنجو دوست نه بڻايو
اي ايمان وارؤ! اوھين ڪافرن کي مؤمنن کان سواءِ دوست ڪري نه وٺو- پاڻ تي الله جو پڌرو الزام ثابت ڪرڻ گھرندا آھيو ڇا؟بيشڪ منافق باھ جي ھيٺين طبقي ۾ ھوندا، ۽ انھن جو مددگار ڪوئي نه لھندين. پر جن توبہ ڪئي ۽ پاڻ سڌاريو ۽ الله کي چنبڙي ورتو ۽ خالص الله جا حڪم مڃيا سي مؤمنن سان آھن، ۽ الله مؤمنن کي وڏو اجر سگھو ڏيندو. جيڪڏھن (سندس نعمتون ڄاڻي) شڪر ڪندؤ ۽ ايمان آڻيندؤ ته الله اوھان کي عذاب ڇالاءِ ڪندو؟ ۽ الله (ته) قدر سڃاڻندڙ ڄاڻندڙ آھي. (سورة النساء ...147)
..........٭ ..........
 
Top