قرآن جو پیغام : ڈاؤن لوڈ کیجئے

یوسف-2

محفلین
السلام علیکم و رحمۃ اللہ و برکا تہ

quranjopaigham.jpg


۽ الله جي رسيءَ (قرآن) کي سڀئي چنبڙي وٺو ۽ ڌار ڌار نه ٿيو. (سورة آل عمران -103)
منهنجو پيغام ماڻهن تائين پهچايو، توڙي هڪ آيت ئي هجي. (صحيح بخاري، ڪتاب الانبياء)

انتساب جو شرف
رحمة للعالمين حضرت محمد ﷺ جي نالي،
جنهن تي قرآن مجيد نازل ٿيو، هن اُميد سان ته
محشر جي ڏينهن پا ڻ سڳورنﷺ جي هٿان
آب ڪوثر نصيب ٿيندو. انشاءَ الله تعالى


ڪتاب جو نالو : قرآن جو پيغام (سنڌيءَ ۾ قرآن جي موضوع وار ورڇ)
مؤلف : يوسف ثاني (چيف ايڊيٽر: پيغام قرآن ڊاٽ ڪام )
سنڌي ترجمو : حضرت مولانا تاج محمود امروٽي
منظور ٿيل : شاهه فهد قرآن پرنٽنگ ڪمپليڪس، مدينه منوره،
ايڊريس : پيغام قرآن پبليڪيشن، پوسٽ باڪس نمبر 12207
ڊفينس اٿارٽي، ڪراچي- 7500 - پاڪستان
اي ميل : yousufsani@hotmail.com;
ڇاپو : جنوري 2012ع...: 480 صفحا... قيمت : -/250رپيا

’قرآن جو پيغام‘ جا سڀ حق ۽ واسطا پڙهندڙن جي نالي محفوظ آهن.
ڇپائڻ ۽ ورهائڻ جي عام اجازت آهي.


پيغامِ قرآن پبلي ڪيشنز، ڪراچي

قرآن ۽ مسلمان
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله سرود سرراڳ ۾ قرآن جي سکيا ڏيندي فرمائين ٿا ته :
ڪوڙين ڀالَ ڪريمَ جا ڪَر سهسين شڪرانا
فَا ذ ڪُ۔رُوْ نِ۔يْ اَذڪُر ڪُم ڪَهي قُرآنا
واشڪُرُوْ ا ليِ وَلا تڪفرون ڪَڍ تون ڪُفرانا
حمدُ چئو حڪيمَ کي ، جورَ هَڻِي جانئا
مسلمانن جي ترقيءَ ۽ پَستيءَ جي ڪَٿا وري علامه اقبال رحمة الله هن طرح بيان ڪئي آهي ته قرآن تي عمل ڪندڙ مسلمان پوري دنيا ۾ مانَ وارا هئا، پر قرآني قانونن کي ڇڏڻ سبب اهي پوري دنيا ۾ ذليل ۽ خوار بڻيا. مطلب ته جيستائين مسلمان هڪ قوم جي حيثيت سان قرآن تي عمل ڪندو رهندو ته کيس دنيا ۾ ترقي ملندي رهندي. دنيا جون مڙئي قومون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٻيا علم سکڻ لاءِ مسلمان ملڪن جي درسگاهن ڏانهن ائين ڪَهي اينديون هيون، جيئن اڄ جا مسلمان هن دور جا علم ۽ فن سکڻ لاءِ مغربي ملڪن ڏانهن ويندا آهن. مسلمانن جي انهيءَ ترقيءَ جي دور ۾ اڄ جو ترقي يافته يورپ اونداهين ۾ ٻُڏل هو، جنهن کي هو پاڻ به ”اونداهون دور“ جي نالي سان ياد ڪري ٿو. مسلمانن جو زوال ان وقت کان شروع ٿيو، جڏهن اهي قرآن کان پري ٿيندا ويا. ان جي اُبتڙ اها به حقيقت آهي ته مغربي قومون انهيءَ وقت تائين اونداهين ۾ ٻُڏل رهيون، جيستائين هو پنهنجي مذهب سان ڳنڍيل رهيون، پر جڏهن هنن پنهنجي اڻپوري مذهب کي دنيائي معاملن کان الڳ ڪيو ته هو ترقي ڪنديون رهيون. انهن کي ڏسندي اسان مسلمانن به پنهنجن دنيائي معاملن کي پنهنجي دين کان الڳ ڪري ڇڏيو، جنهن جو نتيجو اسان جي آڏو آهي. اسين ويتر پنهنجي دين کان پري ٿيندا وياسين ۽ زوال جي اونهي کڏ ۾ ڪرندا وياسين. انهيءَ ڪري هن ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته اسين مسلمان قوم هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجا مڙئي ناتا قرآن سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪريون.
اسين مسلمان توڙي ڪهڙي به مسلڪ سان واسطو رکندا هجون، قرآن تي ضرور ايمان رکون ٿا. اسين صبح شام قرآن ته پڙهندا آهيون، پر عربي نه ڄاڻڻ سبب انهن کي سمجهي نٿا سگهون. ”قرآن جو پيغام“ کي انهيءَ ڪري ڇپايو ويو آهي ته جيئن عام مسلمان پڻ قرآن ذريعي اسلام جي اصل روح کي پروڙي سگهن. اهو چوڻ بلڪل غلط آهي ته قرآن کي سمجهڻ هرهڪ مسلمان جي وس جي ڳالهه ناهي، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جو فرمان آهي: بيشڪ اسين هن قرآن کي نصيحت لاءِ آسان بڻايو آهي، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ (القمر: 17) الله تعاليٰ نبي ڪريم ﷺ کي سموري انسانيت لاءِ استاد بڻائي موڪليو آهي. صحابہ ڪرام پاڻ سڳورن ﷺ کان ئي دين سکيو. انهيءَ ڪري اسان به قرآن ۽ حديث ذريعي اسلامي علم سکي سگهون ٿا. ”قرآن جو پيغام“ ٻين ترجمن ۽ تفسير جي مقابلي ۾ پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ نهايت آسان آهي. هن ۾ هر سيپاري جي مڙني آيتن کي مختلف پيرائن ۾ ورڇي، ننڍا عنوان قائم ڪيا ويا آهن ۽ سيپاري جي شروع ۾ اهڙن سمورن عنوانن جي فهرست پڻ ڏني وئي آهي. هر پئراگراف جي آخر ۾ سورت ۽ آيت جو حوالو پڻ لکيو ويو آهي، ته جيئن ڪنهن آيت جو مطلب سمجهه ۾ نه اچي ته ان حوالي سان قرآن جي اصل عربي متن کي ڏسي ان جو ترجمو ۽ تفسير پڙهي سگهجي يا ڪنهن عالم سان رجوع ڪري سگهجي. عربي متن نه هئڻ سبب هن کي وضوءَ کان سواءِ پڻ دفتر ۾، گهر ۾ يا سفر دوران آسانيءَ سان پڙهي سگهجي ٿو.
آخر ۾ پڙهندڙن کان گذارش آهي ته هن ڪتاب ۾ جيڪڏهن ڪٿي پروف جي ڪا غلطي نظر اچي ته اسان کي آگاهه ڪن ته جيئن ان کي ايندڙ ڇاپي ۾ درست ڪري سگهجي. ”قرآن جو پيغام“ جي ڇپائيءَ کان پوءِ انشاءَ الله تمام جلد ”حديث جو پيغام“ پڻ شايع ٿيندو. واضح رهي ته هنن ٻنهي ڪتابن جو اردو ڇاپو اڳ ۾ ئي ڇپجي چڪو آهي ۽ انهن جي انگريزي ڇاپي تي پڻ ڪم هلي رهيو آهي. دنيا ۾ مسلم امت جي ڪاميابي، آخرت ۾ جهنم کان ڇوٽڪاري ۽ جنت ۾ داخلا جو دارومدار قرآن کي سمجهي پڙهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ پوشيده آهي. ڌڻيءَ در دعا آهي ته هو اسان سڀني کي قرآن پڙهڻ، سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي

. ( يوسف ثاني)
 

Attachments

  • Quran Jo Paigham-1.pdf
    619.3 KB · مناظر: 2

یوسف-2

محفلین
قرآن جو پیغام مکمل کتاب کی برقی کاپیاں اًپ لوڈ کی جارہی ہیں، تاکہ دلچسپی رکھنے والے انہیں اپنے ڈیسک ٹاپ پر ڈاؤن لوڈ کرکے اس سے استفادہ کرسکیں۔ ان شاء اللہ وقت ملنے پر پہلے پانچ پاروں کی طرح بقیہ پاروں کے ’’ڈیجیٹل ایڈیشن ‘‘ بھی تیار کرکے پیش کیا جائے گا۔دعا کیجئے کہ اللہ تعالیٰ ہماری اس کاوش کو قبول کرے اور ہم سب کو قرآن پڑھنے، سمجھنے اور اس پر عمل کرنے کی توفیق دے آمین
 

Attachments

  • 02-Pary 1-5.pdf
    583.5 KB · مناظر: 9
  • 03-Pary 6-10.pdf
    567.2 KB · مناظر: 3
  • 04-Pary 11-15.pdf
    592.3 KB · مناظر: 4
  • 05-Pary 16-20.pdf
    599 KB · مناظر: 3
  • 06-Pary 21-25.pdf
    630.4 KB · مناظر: 3
  • 07-Pary 26-30.pdf
    690 KB · مناظر: 3

یوسف-2

محفلین
دو مزید فائلیں اوپر اَپ لوڈ ہونے سے رہ گئی ہیں، اسے یہاں شامل کیا جارہا ہے۔ اب پوری کتاب صفحہ اول تا آخر مکمل ہوگئی ہے
 

Attachments

  • 01-Technicles.pdf
    63.2 KB · مناظر: 2
  • 08- Fahrast.pdf
    47.7 KB · مناظر: 2

یوسف-2

محفلین
قرآن ۽ مسلمان
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله سرود سرراڳ ۾ قرآن جي سکيا ڏيندي فرمائين ٿا ته : ڪوڙين ڀالَ ڪريمَ جا، ڪَر سهسين شڪرانا- فَاذڪُ۔رُوْنِ۔يْ اَذڪُرڪُم، ڪَهي قُرآنا- واشڪُرُوْا ليِ وَلا تڪفرون، ڪَڍ تون ڪُفرانا- حمدُ چئو حڪيمَ کي، جورَ هَڻِي جانئا- مسلمانن جي ترقيءَ ۽ پَستيءَ جي ڪَٿا وري علامه اقبال رحمة الله هن طرح بيان ڪئي آهي ته قرآن تي عمل ڪندڙ مسلمان پوري دنيا ۾ مانَ وارا هئا، پر قرآني قانونن کي ڇڏڻ سبب اهي پوري دنيا ۾ ذليل ۽ خوار بڻيا. مطلب ته جيستائين مسلمان هڪ قوم جي حيثيت سان قرآن تي عمل ڪندو رهندو ته کيس دنيا ۾ ترقي ملندي رهندي. دنيا جون مڙئي قومون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٻيا علم سکڻ لاءِ مسلمان ملڪن جي درسگاهن ڏانهن ائين ڪَهي اينديون هيون، جيئن اڄ جا مسلمان هن دور جا علم ۽ فن سکڻ لاءِ مغربي ملڪن ڏانهن ويندا آهن. مسلمانن جي انهيءَ ترقيءَ جي دور ۾ اڄ جو ترقي يافته يورپ اونداهين ۾ ٻُڏل هو، جنهن کي هو پاڻ به ”اونداهون دور“ جي نالي سان ياد ڪري ٿو. مسلمانن جو زوال ان وقت کان شروع ٿيو، جڏهن اهي قرآن کان پري ٿيندا ويا. ان جي اُبتڙ اها به حقيقت آهي ته مغربي قومون انهيءَ وقت تائين اونداهين ۾ ٻُڏل رهيون، جيستائين هو پنهنجي مذهب سان ڳنڍيل رهيون، پر جڏهن هنن پنهنجي اڻپوري مذهب کي دنيائي معاملن کان الڳ ڪيو ته هو ترقي ڪنديون رهيون. انهن کي ڏسندي اسان مسلمانن به پنهنجن دنيائي معاملن کي پنهنجي دين کان الڳ ڪري ڇڏيو، جنهن جو نتيجو اسان جي آڏو آهي. اسين ويتر پنهنجي دين کان پري ٿيندا وياسين ۽ زوال جي اونهي کڏ ۾ ڪرندا وياسين. انهيءَ ڪري هن ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته اسين مسلمان قوم هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجا مڙئي ناتا قرآن سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪريون.
اسين مسلمان توڙي ڪهڙي به مسلڪ سان واسطو رکندا هجون، قرآن تي ضرور ايمان رکون ٿا. اسين صبح شام قرآن ته پڙهندا آهيون، پر عربي نه ڄاڻڻ سبب انهن کي سمجهي نٿا سگهون. ”قرآن جو پيغام“ کي انهيءَ ڪري ڇپايو ويو آهي ته جيئن عام مسلمان پڻ قرآن ذريعي اسلام جي اصل روح کي پروڙي سگهن. اهو چوڻ بلڪل غلط آهي ته قرآن کي سمجهڻ هرهڪ مسلمان جي وس جي ڳالهه ناهي، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جو فرمان آهي: بيشڪ اسين هن قرآن کي نصيحت لاءِ آسان بڻايو آهي، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ (القمر: 17) الله تعاليٰ نبي ڪريم ﷺ کي سموري انسانيت لاءِ استاد بڻائي موڪليو آهي. صحابہ ڪرام پاڻ سڳورن ﷺ کان ئي دين سکيو. انهيءَ ڪري اسان به قرآن ۽ حديث ذريعي اسلامي علم سکي سگهون ٿا. ”قرآن جو پيغام“ ٻين ترجمن ۽ تفسير جي مقابلي ۾ پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ نهايت آسان آهي. هن ۾ هر سيپاري جي مڙني آيتن کي مختلف پيرائن ۾ ورڇي، ننڍا عنوان قائم ڪيا ويا آهن ۽ سيپاري جي شروع ۾ اهڙن سمورن عنوانن جي فهرست پڻ ڏني وئي آهي. هر پئراگراف جي آخر ۾ سورت ۽ آيت جو حوالو پڻ لکيو ويو آهي، ته جيئن ڪنهن آيت جو مطلب سمجهه ۾ نه اچي ته ان حوالي سان قرآن جي اصل عربي متن کي ڏسي ان جو ترجمو ۽ تفسير پڙهي سگهجي يا ڪنهن عالم سان رجوع ڪري سگهجي. عربي متن نه هئڻ سبب هن کي وضوءَ کان سواءِ پڻ دفتر ۾، گهر ۾ يا سفر دوران آسانيءَ سان پڙهي سگهجي ٿو.
يوسف ثاني​
مؤلف​

آخر ۾ پڙهندڙن کان گذارش آهي ته هن ڪتاب ۾ جيڪڏهن ڪٿي پروف جي ڪا غلطي نظر اچي ته اسان کي آگاهه ڪن ته جيئن ان کي ايندڙ ڇاپي ۾ درست ڪري سگهجي. ”قرآن جو پيغام“ جي ڇپائيءَ کان پوءِ انشاءَ الله تمام جلد ”حديث جو پيغام“ پڻ شايع ٿيندو. واضح رهي ته هنن ٻنهي ڪتابن جو اردو ڇاپو اڳ ۾ ئي ڇپجي چڪو آهي ۽ انهن جي انگريزي ڇاپي تي پڻ ڪم هلي رهيو آهي. دنيا ۾ مسلم امت جي ڪاميابي، آخرت ۾ جهنم کان ڇوٽڪاري ۽ جنت ۾ داخلا جو دارومدار قرآن کي سمجهي پڙهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ پوشيده آهي. ڌڻيءَ در دعا آهي ته هو اسان سڀني کي قرآن پڙهڻ، سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
 

یوسف-2

محفلین
فائديمند ڪاروبار
پيغام قرآن جي اشاعت ۾ حصو وٺي، هڪ جي بدلي ۾ ست سؤ حاصل ڪريو. الله تعاليٰ جو فرمان آهي: ”جيڪي ماڻھوپنھنجا مال الله جي واٽ ۾ خرچيندا آھن، تن جو مثال انھيءَ داڻي وانگر آھي جو ست سنگ ڄمائي ھر ھڪ سنگ ۾ سؤ داڻا هجن. (سورة البقره: 261) پيغامِ قرآن پبليڪيشن، قرآن جي پيغام کي ماڻهن تائين رسائڻ لاءِ قرآني آيتن جي محاوري سان سمجهاڻي، بغير ڪنهن حاشيي ۽ تبصري جي موضوعاتي ورڇ ۽ عنوانن جي اضافي خوبيءَ سان شايع ڪرڻ ۾ اوهان جي مدد ڪري ٿو. قرآن کي ڇپائيندڙ ادارا رزق ۽ ثواب ڪمائڻ لاءِ قرآن کي ڇپائيندا آهن، جيڪو يقيني طور نيڪ ڪم آهي، پر اسان قرآن جي پيغام کي عام ڪرڻ جي رٿا تحت الله جي واٽ ۾ ڪم ڪريون پيا ۽ ماڻهن کي انهيءَ ڏانهن مائل ڪريون ٿا ته هو پيغام قرآن کيوس آهر ڇپائي، تحفي طور يا وڪري طور پنهنجن مٽن مائٽن ۽ دوستن تائين پهچائين.
قرآن مجيد دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهجندڙ ڪتاب آهي، پر اها پڻ هڪ افسوس جوڳي حقيقت آهي ته هيءُ دنيا جو اهو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو بغير سوچ سمجهه جي هر هر پڙهيو پيو وڃي ۽ ان مان اها اميد رکبي آهي ته قرآن مجيد جا سمورا فائدا بغير سوچ ۽ سمجهه جي حاصل ڪري سگهجن. توهان ضرور اهو چاهيندا هوندا ته اوهان جا گهر وارا، مٽ مائٽ ۽ دوست قرآن مجيد کي سمجهي پڙهن، ته پوءِ انهن کي پيغام قرآن جو هيءُ نسخو پنهنجي طرفان تحفي طور يا وڪري طور کين ڏيو. توهان پيغام قرآن جي هن نسخي کي ڪنهن به ڇپائيءَ جي اداري کي ڏئي، پاڻ به هن جون گهربل ڪاپيون ڇپائي سگهو ٿا، ڇاڪاڻ ته پيغام قرآن جا سمورا حق واسطا پڙهندڙن جي لاءِ ئي محفوظ آهن. پر جيڪڏهن توهان ڇپائيءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنج سؤ ڪاپين جو خرچ اڪيلي سر برداشت نٿا ڪري سگهو، ته ٻئي ڪنهن دوست کي شريڪ ڪري، اڍائي اڍائي سؤ ڪاپيون ڇپرائڻ جو خرچ اڌواڌ ڪري سگهو ٿا. انهيءَ سلسلي ۾ اوهان اسان کان ٽائيٽل ۽ ڪمپوزنگ جي سافٽ ڪاپيءَ سميت هر طرح جي فني معاونت مفت ۾ حاصل ڪري سگهو ٿا. اسٽاڪ ۾ موجود هئڻ جي صورت ۾ توهان اسان کان پڻ پنجاهه، سؤ يا وڌيڪ ڪتاب خاص رعايتي اگهن ۾ حاصل ڪري پنهنجن دوستن ۾ ورهائي سگهو ٿا. جيستائين اوهان جو ڏنل نسخو پڙهيو ويندو، تيستائين توهان کي ۽ توهان جي مُئلن کي ثواب ملندو رهندو . انشاءَ الله تعاليٰ.
پيغام قرآن کي ڪتابي صورت ۽ سي ڊيءَ کان سواءِ انٽرنيٽ تي پڻ آن لائين پڙهڻ ۽ ڊاؤن لوڊنگ جي سهولت سان پيش ڪيو ويو آهي. قرآن جي پيغام کي پاڻ به پرهو ۽ ان کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ مشن ۾ شامل ٿي، پنهنجي دنيا ۽ آخرت ٻئي سينگاريو. هر قسم جي مفت مدد لاءِ بغير جهجهڪ جي اسان سان رابطو ڪريو.
محمد يونس (مدير منتظم)
پوسٽ جي ايڊريس: پوسٽ باڪس نمبر 12207، ڊفينس
اٿارٽي، ڪراچي.پوسٽ ڪوڊ نمبر 75500 پاڪستان
اي ميل: younus@sheltergroup.com.pk
 
Top