یوسف-2
محفلین
سيپارو- 2 ... سيقول جا مضمون
1- قبلي جي تبديليءَ جو حڪم
ماڻھن منجھان ڪي بي سمجھ سگھو چوندا ته اُنھن (مسلمانن) کي سندن اُھو قبلو جنھن ڏي (نماز پڙھندا) ھئا تنھن کان ڪھڙيءَ ڳالھ ڦيرايو؟ (اي پيغمبر! کين) چؤ ته اوڀر ۽ اولھ الله جو آھي، جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي سِڌيءَ واٽ ڏانھن دڳ ڏيکاريندو آھي. ۽ (جھڙي طرح اوھان جو قبلو ڀلو ڪيوسين) اھڙيءَ طرح اوھان کي ڀلي ٽولي ڪئي سون ته ماڻھن تي شاھد ھجو ۽ پيغمبر (محمد ﷺ) اوھان تي شاھد ھجي، ۽ (اي پيغمبر) جنھن (طرف) تي (اڳي) ھئين، تنھن کي قبلو مقرر نه ڪيو ھو سون مگر ھن لاءِ ته جيڪو پيغمبر جي پٺيان لڳي تنھن کي اُنھيءَ کان نکيڙيون جيڪو پنھنجين کڙين (ڀر پوءِ) تي ڦري، ۽ بيشڪ (اِھو) جن کي الله ھدايت ڪئي تن کان سواءِ (ٻ۔ين) تي ضرور ڏکيو آھي، ۽ الله جو شان اھڙو نه آھي جو اوھان جي ايمان کي وڃائي، ڇو ته الله ماڻھن سان ضرور شفقت ڪندڙ مھربان آھي. (اي پيغمبر!) آسمان ڏانھن تنھنجو(ھرھر) منهن ڦيرائڻ بيشڪ ڏسون ٿا، پوءِ جنھن قبلي کي پسند ڪرين ٿو (اوڏانھن) توکي ضرور ڦيرائينداسون، پوءِ (اي پيغمبر) پنھنجي مُنھن کي تعظيم واريءَ مسجد (حرام) ڏانھن ڦيراءِ، ۽ (اي مسلمانؤ!) اوھين جتي ھجو اتي پنھنجا منھن اوڏانھن ڦيرايو- ۽ جن کي ڪتاب ڏنو ويو آھي سي ضرور ڄاڻن ٿا ته اِھو (ڦيرائڻ) سندن پالڻھار وٽان بلڪل سچ آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کان الله بي خبر نه آھي.
۽ (قسم آھي) ته جن کي ڪتاب ڏنو ويو آھي تن وٽ جيڪڏھن (تون) سڀ دليل آڻين ته (به) تنھنجي قبلي جي تابعداري نه ڪندا، ۽ نڪي تون سندن قبلي جي تابعداري ڪندڙ آھين، ۽ نڪي اُنھن مان ڪي ڪن جي قبلي جي تابعداري ڪندڙ آھن، ۽ (قسم آھي) ته ان کان پوءِ جو تو وٽ علم آيو جيڪڏھن سندن سَڌن جي تابعداري ڪندين ته تون اُن مھل ظالمن مان ٿيندين. جن کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون سي اُن کي اِئين سڃاڻندا آھن جيئن پنھنجن پٽن کي سڃاڻندا آھن، ۽ منجھانئن هڪ ٽولي ڄاڻ ھوندي (به) بيشڪ سچ کي لڪائيندي آھي. اِھو تنھنجي پالڻھار وٽان سچ آھي تنھنڪري تون شڪ وارن مان بنھ نه ٿيءُ.
۽ سڀ ڪنھن لاءِ (ڪو) ھڪ قبلو آھي جنھن ڏانھن اُھو منهن ڪندو آھي پوءِ چڱاين ڏانھن اڳرائي ڪريو، جتي ھوندؤ (اُتان) الله اُوھان کي گڏ ڪري آڻيندو، ڇوته الله سڀ ڪنھن شيء تي وس وارو آھي. ۽ (اي پيغمبر!) جتان (به) نڪرين ته پنھنجو منھن مسجد حرام ڏانھن ڦيراءِ، ۽ بيشڪ اِھو (ڦيرائڻ) تنھنجي پالڻھار وٽان بلڪل حق آھي- ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بي خبر نه آھي. ۽ جتان (به) نڪرين ته پنھنجو منھن مسجد حرام ڏانھن ڦيراءِ- ۽ جتي ھجو (تتي) پنھنجا منھن ان ڏانھن ڦيرايو (ھن لاءِ) ته منجھانئن جن ظلم ڪيو تن کان سواءِ ٻ۔ين ماڻھن کي اوھان تي ڪا حجت نه رھي، پوءِ کانئن نه ڊڄو، ۽ مون کان ڊڄو ۽ (ھن لاءِ) ته (آءٌ) پنھنجي نعمت اوھان تي پوري ڪريان ۽ مانَ اوھين ھدايت وارا ٿيو. (سورة البقرة ...150)
2- ڪاميابيءَ جي واٽ، الله جي حڪم جي پيروي
جھڙيءَ طرح (اوھان تي نعمت پوري ڪئي سون تھڙيءَ طرح) اوھان منجھان پيغمبر اوھان ۾ موڪليوسون جو اسان جون آيتون اوھان تي پڙھندڙ آھي ۽ اوھان کي پاڪ ڪندو آھي ۽ اوھان کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاريندو آھي ۽ جيڪي نه ڄاڻندا ھيؤ سو (پڻ) اوھان کي سيکاريندو آھي. تنھنڪري مون کي ياد ڪريو ته آءٌ اوھان کي ياد ڪريان ۽ منھنجو شڪر ڪريو ۽ منھن جي بي شڪري نه ڪريو.(البقرة ...152)3- شهيد زندهه آهن
اي مؤمنؤ! صبر ۽ نماز سان مدد وٺو، ڇوته الله صابرن ساڻ آھي. ۽ جيڪي الله جي واٽ ۾ ڪُسن تن کي مئل نه چئو، بلڪ (اُھي) جيئرا آھن پر اوھين نه ٿا سمجهو. (سورة البقرة ...154)4- جان ۽ مال جو نقصان آزمائش آهي
۽ اوھان کي ڊپ ۽ بک ۽ مالن جي ۽ جندن جي ۽ ميون جي گھٽتائيءَ مان ڪنھن شيءِ سان ضرور پرکينداسون- ۽ (اي پيغمبر!) اُنھن صابرن کي خوشخبري ڏي. جن کي جڏھن ڪا تڪليف پھچي ٿي (تڏھن) چون ٿا ته اسين الله جا (ٻانھا) آھيون ۽ اسين ان ڏانھن موٽندڙ آھيون. اُنھن تي سندن پالڻھار وٽان مھربانيون ۽ ٻاجھ آھي، ۽ اِھي ئي سڌيءَ واٽ وارا آھن. (البقرة ...157)5- حج ۽ عمري ۾ صفا ۽ مروه جي سعي ڪرڻ
صفا ۽ مروہ (جبل) الله (جي عبادت) جي نشانين مان آھن، پوءِ جيڪو بيت الله جو حج ڪري يا عمرو، تنھن کي ٻنھي جي طواف ڪرڻ ۾ گناھ نه آھي- ۽ جيڪو وڌيڪ چڱائي ڪندو (تنھن جي الله قبول ڪندو) ڇو ته الله قبول ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي. (سورة البقرة ...15
6- هدايت کي لڪائيندڙن تي الله جي لعنت
جيڪي پڌريون ڳالھيون ۽ ھدايتون لاٿيون اٿئون تن کي جيڪي (ماڻھو) اُن کان پوءِ جي اُنھن کي ماڻھن لاءِ ڪتاب (توريت) ۾ بيان ڪيوسون، لڪائيندا آھن تن تي الله لعنت ڪندو آھي ۽ لعنت ڪندڙ (به) انھن تي لعنت ڪندا آھن. پر جن توبه ڪئي ۽ (پاڻ) سڌاريائون ۽ (حق) بيان ڪيائون تن تي توبهه قبول ڪندس، ۽ آءٌ ئي توبهه قبول ڪندڙ مھربان آھيان. (سورة البقرة ...160)7- ڪفر جي حالت ۾ جان ڏيندڙ
جن ڪفر ڪيو ۽ اُھي ڪافر ٿي مُئا- تن تي الله ۽ ملائڪن ۽ مڙني ماڻھن جي لعنت آھي. اُن (لعنت) ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، کانئن عذاب ھلڪو نه ڪبو ۽ نڪي کين مھلت ڏبي.(سورة البقرة ...162)8- عقلمندن لاءِ نشانيون
۽ اوھان جو خدا اڪيلو خدا آھي، ان کان سواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي، (اُھو) ٻاجھارو مھربان آھي. آسمانن ۽ زمين جي بڻائڻ (۾)، ۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير (۾)، ۽ ٻيڙين (۾) جي اُنھيءَ (سامان) سان، جو ماڻھن کي نفعو ڏيندو آھي درياءَ ۾ ترنديون آھن ۽ جيڪي آسمان کان (مينھن جو) پاڻي الله وسايو پوءِ اُن سان زمين کي ان جي غيرآباد ٿيڻ کان پوءِ آباد ڪيائين ۽ اُن (زمين) ۾ سڀ جنس جا جانور پکيڙيائين، ۽ ھوائن جي گھلڻ (۾)۽ آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ نوايل ڪڪرن (۾) سمجھ واريءَ قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن. (البقرة ...164)9- غيرالله جي پيروي ڪندڙ
۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي الله کان سواءِ (ٻ۔ين کي) الله جھڙو ڪري وٺندا آھن الله جي پيار وانگر پيارو رکندا اٿن- ۽ جن ايمان آندو سي الله جي دوستيءَ ۾ ڏاڍا زور آھن. ۽ جن ظلم ڪيو سي جيڪڏھن (ھن ڳالھ کي ھاڻي) سمجھن ته جنھن مھل (قيامت جي ڏينھن) عذاب ڏسندا (۽ سمجھندا) ته سموري سگھ الله کي آھي ۽ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي (ته جيڪر ڏاڍا پشيمان ٿين!). جنھن مھل اڳواڻ پٺيان لڳندڙن کان بيزار ٿيندا ۽ عذاب کي ڏسندا ۽ سندن (سڀ) لاڳاپا ڇڄندا. ۽ (تنھن مھل) پوئلڳ چوندا ته جيڪر اسان کي (وري دنيا ۾) موٽڻو ھجي ھا ته کانئن ائين بيزار ٿيون ھا جيئن اسان کان بيزار ٿيا آھن! اھڙي طرح الله سندن ڪرتوتن کي مٿن حسرتون بڻائي ڏيکاريندو- ۽ اُھي باھ مان نڪرڻ وارا نه آھن.البقرة. 16710- شيطان برائيءَ ۽ بڇڙائيءَ جو حڪم ڏئي ٿو
اي انسانؤ! جيڪي شيون زمين ۾ آھن تن مان پاڪ حلال کائو، ۽ شيطان جي وکن تي نه ھلو، ڇوته اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي. (شيطان) رڳو اوھان کي بڇڙائيءَ ۽ بي حيائيءَ جو حڪم ڪري ٿو ۽ ھيءُ ته جيڪي ڳالھيون نه ڄاڻندا آھيو سي الله جي نسبت ۾ چئو. (سورة البقرة ...169)