سائيڪل ٻاراڻي نظم

مون وٽ ھڪ سائيڪل آھي
بابا تحفي ۾ ڏني آھي

ان تي مان چڙھندو آھيان
شھر سڄي جو سير ڪندو آھيان

اسڪول مان ويندو آھيان
ڀاڙو ڪين ڏيندو آھيان

موجد اٿس مڪ ملن
ٻالڪ ڏسي ٿا کلن

اچوته اوھان کي سير ڪرايان
مفت ۾ ٽافيون به کارايان

پر ڪريو ٿورو انتظار
ٿي اچان گھران تيار

مفت جي آھي سواري
ڏسو ڪيڏي نه آھي پياري

منھنجو بلاگ
 
Top