تو ۾ وڃائجي ويو آهيان
§ مون کي انهن گھڙين جو شدت سان انتظار رهندو جڏهن تنهنجي نيڻن بجاءِ تنهنجي زبان مون سان منهنجي ٿيڻ جو اقرار ڪندي.
§ مان انتظارن جو پڪو آهيان جو تو سان عشق ڪريان ٿو ۽ تو انتظارن جي اها وارثياڻي آهين، جنهن جي ڪائي حد ناهي.
§ ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو اٿم ته ڀٽ ڌڻي مڙئي لاحد وارا بيت تنهنجي لاءِ سرجيا آهن تڏهن ته منهنجي انتظارن جا پيچرا کٽڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن.
§ تو اڳيان ڪائنات جي هر شيءِ بانبڙا ڏيندڙ ٻار وانگر آهي . ڏس تون ڪيڏي وسيع ۽ انتهائن جي مالڪياڻي آهين.
§ مان تو ۾ وڃائجي ويو آهيان. آخر تون ڇا آهين جو پنهنجو پاڻ ڳولي نٿو سگھان! ٻڌاءِ! ته منهنجي ڳولا جو سفر آخر ڪڏهن ختم ٿيندو؟ مان انسان آهيان ٿڪجي به سگھان ٿو!
§ مون کي حيرت آهي ته تنهنجي نيڻن ۾ مڙيئي موسمون ترسيل آهن ۽ چويهه ڪلاڪن جي هر ساعت جي هر ڪيفيت توکان اوڌار ورتل آهي. جڏهن به ڪائنات کان پنهنجو سڀ ڪجهه کسي ورتئي ته اهو قيامت جو ڏينهن هوندو.
§ تنهنجن نيڻن قيامت کان اڳ ڪئي قيامتون برپا ڪري ڇڏيون آهن ۽ منهنجو سڀ ڪجهه سڙي رک ٿي رهيو آهي او ٻاجھاري توکان ٻاجهه جي خيرات گهران ٿو!
§ جڏهن به تون نيڻ کڻي نهارڻ لڳندي آهين، تڏهن منهنجا اعصاب ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ پٿر بڻجي پوندو آهيان.
§ هو ڏس ڪونجن جون قطارون تنهنجي مسڪرائڻ تي آسمان ۾ رقص ڪري رهيون آهن ۽ سمنڊ خوشيءَ ۾ جھومي رهيو آهي.
§ مان تنهنجو آهيان يا نه اها وڏي ڳالهه ناهي، تون منهنجي آهين ، اها ڪائنات جيڏي وڏي ۽ متعبر ڳالهه آهي.
§ آرام سان وکون کڻ! نه ته ڌرتي پنهنجي مدار مان نڪري ويندي ۽ وڏيون تباهيون اچي وينديون!
§ هاڻ سمجهه ۾ اچي رهيو آهي ته ڀٽ ڌڻي دنيا جو وڏو شاعر ڇو آهي؟ توتي جو شاعري ڪئي اٿس !!
§ ڀٽ ڌڻي جي تنبوري مان نڪرندڙ ”تون“ جو مفهوم توکي ڏسڻ کان پوءِ سمجھڻ ۾ آيو هيو!!
§ رات جي راڻيءَ کي به تنهنجي خوشبو اوڌاري ڏنل آهي، نه ته ڀلا وڻ ۽ ٻوٽا ته ٻيا به ڪيترا آهن!!
§ شرم ٻوٽيءَ کي تو طرفان حجاب جي معمولي ذري ڏيڻ سان حجاب ۽ حيائن جي معنيٰ سمجھه ۾ آئي. ڪيڏي نه مهربان آهين!!
§ تون ڪائنات جو وجدان آهين، تڏهن ته ڪائنات مستيءَ ۾ اچي، بي پرواهه ٿي ويندي آهي. کيس اهو به هوش ناهي رهندو ته ڌرتي تي جاندار به موجود آهن.
§ تنهنجي نيڻن کي شاعري گھربل آهي پر آءٌ شاهه ۽ شيخ کي ابدي ننڊ مان اٿاري نٿو سگھان. ٻيو ڪو به اهڙو شاعر نٿو سجهي جيڪو تنهنجي نيڻن تي شاعري ڪري سگھي.
§ پنهنجي ذولفن کي سميٽي رک! سج پريشان ٿيڻ لڳي ٿو ۽ هوائون آپي مان نڪري وڃن ٿيون.
§ جڏهن به تون خماريل نيڻ کڻندي آهين، تڏهن ڪائنات جون سڀئي معصوم شامون هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي ملنديون آهن ۽ پکي موسيقيءَ جا سڀئي سر ڇيڙي ويهندا آهن.
§ تنهنجو جوڀن آفاقي آهي ۽ تون زمان ۽ مڪان، حد ۽ لاحد، ستارن ۽ سيارن، چانڊوڪين ۽ اونداهين توڙي مڙني موسمن جي مالڪياڻي آهين.
§ تون جڏهن آسمان تڪيندي آهين، تڏهن ڌرتي پريشان ٿي جبلن وسيلي لاوا اوڇاڳڻ لڳندي آهي.
§ تنهنجي ڳولا لاءِ صدين جا سفر گھربل آهن، جيڪي سفر مان وڏي خوشيءَ سان ڪندس.
§ تنهنجي ڳولا جي سفر ۾ مرڻ ۽ جيئڻ جو وڏو لطف آهي ۽ منهنجي زندگيءَ جا بس اهي ئي ٻه ڪم وڃي بچيا آهن.
§ دنيا جا سڀئي انقلاب ۽ جدوجھدون صرف تنهنجي خاطر آهن جو تون ڪنهن به برائيءَ ۾ استحصال کي پسند ناهين ڪندي.
§ تون ڪائنات جي سڀ حسناڪين جو مفهوم آهين نه ته ڀلا موسمن ۽ هوائن کي ڪير پڇي ها! پهاڙن تي پيدا ٿيندڙ ٻوٽن جو ڪهڙو ضرور هيو ۽ واريءَ جي دڙن تي برسات کان پوءِ سائي چادر جي ڇا معنيٰ هجي ها؟
§ ڇا صبح جو سوير پکين جون ٻوليون صرف توکي راضي ۽ خوش رکڻ لاءِ هونديون آهن؟
§ زمانن جي صدين تي محيط تاريخ تنهنجي صرف هڪ ادا جي محتاج آهي. جڏهن تون ٻاجهارا نيڻ کڻي ڦيرائيندي آهين، تڏهن سڄي انساني تاريخ جي ظلمن ۽ زيادتين کي شرم اچڻ لڳندو آهي.
§ دنيا جي سڀ ٻارن کي بي پرواهه معصوميت تو وٽان مليل آهي.
§ جڏهن به دنيا ۾ جنگيون ڇڙنديون آهن، تڏهن لڳندو اٿم ته تون ناراض ٿي پئي آهين ۽ صرف توکي راضي رکڻ لاءِ ڪائنات سڀ ڪجهه تباهه ڪرڻ جو ضد ٻڌي بيهندي آهي.
§ ان وقت مان قيامت اچڻ جي دعا گھرندو آهيان، جڏهن وحشيت ۽ شيطانيت توکي تڪيندي آهي.
§ بيشڪ مالڪ هر ڪنهن ۾ موجود آهي پر سندس اصل ٿاڪ صرف تنهنجي نيڻن ۾ جڙيل آهي.
§ توسان ٿيندڙ زيادتيون خدا جي خدائيءَ ۾ ٿيندڙ شيطاني مداخلت ۽ جنت کي ڊاهڻ جهڙو ڪبيهه گناهه آهي جو جنت به تنهنجي نيڻن جو ٻيو نالو آهي!!
§ تنهنجا لامحدود روپ آهن ۽ هر روپ ۾ الڳ ڪائنات جڙيل آهي.
§ انساني دنيا جا سڀئي رشتا تنهنجي جهوليءَ ۾ اچي آرامي ٿيندا آهن.
§ اهو روشن سچ آهي ته دنيا جا سڀئي انقلاب ۽ جدوجھد پنهنجي آخري نتيجن ۾ صرف تنهنجي لاءِ آهن.
§ تون جز جو ڪل ۽ ڪسرت جي وحدت آهين. آشرم اڏڻ ۽ سنياسي ٿيڻ ته تنهنجي لاحاصل جو ردعمل آهي.
§ جنهن به تنهنجي حقيقت جي ڪنهن به هڪ جز کي سمجھيو آهي اهو يا ته انقلابي بڻيو آهي يا وري سنياسي!
§ ڪاش! تنهنجي حقيقت هر ڪنهن کي سمجھه ۾ اچي ته هوند دنيا جون سڀئي غلاظتون ڌوپجي اڇيون اجريون ٿي وڃن!
§ لڳندو اٿم ته دنيا جا سڀئي سماجي قانون صرف توکي قيد رکڻ جي بيهودا سازش آهن. حالانڪه جيڪڏهن توکي سماجي حڪمران بڻايو وڃي ته دنيا جنت جو روپ ڌاري وٺي ۽ محبتن جا ميلا متل هجن!!
§ تو نه هجين ها ته شاعرن جو ڇا ٿئي ها؟ سچ ته هو جي نه سگھن ها ۽ ڪائنات بنهه ٻُسي ۽ بي مزي لڳي ها!
§ ڪير ڇا به چئي پر تنهنجا مڙئي روپ عظمتن جا امين آهن.
§ تون پنهنجن ٻاجھارن نيڻن مان لڙڪ نه هاريندي نه ڪر! سڄي ڪائنات قتل ٿيڻ لڳي ٿي!
§ مڃان ٿو ته توسان ظلم جي انتها ٿيل آهي ۽ تو ڪائنات جي مظلوم حڪمران آهين پر اهو سڀ ڪجھه تنهنجي ئي صبر جو نتيجو آهي، ان ۾ ٻئي ڪنهن جو به ڏوهه ناهي!
§ تنهنجو ڪٿائون ڪائنات کان به وڏيون ۽ وسيع آهن. مان ڇا آهيان جو توتي تو جيترو ۽ تو جهڙو لکي سگھان!
§ تون ايتري عظيم آهين جو اڄ تائين پيدا ٿيندڙ هزارين شاعر ۽ اديب توکي نبيري ئي ناهن سگھيا، اتيش مون جهڙو جيتامڙو توکي ڇا نبيري سگھندو؟ بس دعا آهي ته تون سدائين سلامت رهين ۽ ڪائنات کي معنيٰ بخشندي رهين.