قرآن جو پيغام ۔ سيپارو- 1

یوسف-2

محفلین
سيپارو- 1 ... الٓ۔۔مٓ جا مضمون
1- الله جا ٻانها الله کان ئي مدد گهرندا آهن
سوره فاتحہ: الله ٻاجهاري مهربان جي نالي سان (شروع). سڀ ساراهه (خاص) جهانن جي پالڻهار الله کي جڳائي. (جو) ٻاجهارو مهربان. قيامت جي ڏينهن جو مالڪ آهي. تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا. اسان کي سڌي واٽ ڏيکار. جا انهن جي واٽ آهي، جن تي فضل ڪيو اٿئي، نه انهن جي (واٽ) جن تي (تنهنجو) ڏمر ٿيل آهي ۽ نه گمراهن جي واٽ. (سورة فاتحة.......7)
2- الله جو ڪتاب ڇا آهي؟
سورة البقره: الله ٻاجهاري مهربان جي نالي سان (شروع ). الٓ۔مٓ. هيءُ ڪتاب، جنهن ۾ ڪو شڪ ڪونهي، اُنهن خداترسن کي سڌو رستو ڏيکاريندڙ آهي، جيڪي اڻ ڏٺي تي ايمان آڻيندا آهن ۽ نماز (ساري) پڙهندا آهن ۽ کين جيڪي رزق ڏنوسين تنهن مان (الله جي راهه ۾) خرچ ڪندا آهن. ۽ اُهي (اي پيغمبر) جيڪو (قرآن) توڏانهن لاٿو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ (ٻين پيغمبرن تي) لاٿو ويو، تنهن کي مڃيندا آهن ۽ اُهي آخرت تي يقين رکندا آهن. اِهي ئي (انهيءَ) سڌي واٽ تي آهن، جا سندن پالڻهار کان (ڏسيل) آهي ۽ اِهي ئي ڇوٽڪاري وارا آهن. (سورة البقرة .......5)
3- الله جي ڪتاب جو انڪار ڪندڙ
بيشڪ جن انڪار ڪيو تن تي (اي پيغمبر! تنهنجو کين ڊيڄارڻ يا نه ڊيڄارڻ هڪجهڙو آهي اُهي ايمان نه آڻيندا. الله سندن دلين تي ۽ سندن ڪنن تي مُهر هنئي آهي ۽ سندن اکين تي پردو (چڙهيل) آهي ۽ اُنهن لاءِ وڏو عذاب آهي. (البقرة .......7)
4- منافقن جي دوکيبازي
۽ ماڻهن مان ڪي (اهڙا) آهن جي چوندا آهن ته الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيوسين ۽ حقيقت ۾ اُهي مؤمن نه آهن. (انهيءَ چوڻ ڪري پنهنجي ڀانئڻ ۾) الله ۽ مؤمنن کي دلبو ڏيندا آهن ۽ حقيقت ۾ پاڻ کان سواءِ (ٻئي ڪنهن کي) دلبو نه ڏيندا آهن ۽ نه سمجهندا آهن. سندين دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آهي پوءِ الله سندين بيماري وڌائي ۽ اُنهن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آهي، انهيءَ ڪري جو (هو) ڪوڙ ڳالهائيندا آهن. ۽ جڏهن کين چئبو آهي ته ملڪ ۾ فساد نه وجهو (تڏهن) چوندا آهن ته اسين سڌاريندڙ ئي آهيون. خبردار! اهي پاڻ فسادي آهن، پر نه سمجهندا آهن. ۽ جڏهن کين چئبو آهي ته جهڙي طرح ٻين ماڻ هن ايمان آندو آهي، (تهڙيءَ طرح اوهين به) ايمان آڻيو (تڏهن) چوندا آهن ته جيئن بي سمجهن ايمان آندوآهي، تيئن ايمان آڻيون ڇا؟ خبردار! اُهي ئي بي سمجهه آهن، پر نه ڄاڻندا آهن. ۽ جڏهن مؤمنن سان ملندا آهن (تڏهن) چوندا آهن ته اسان ايمان آندو آهي ۽ جڏهن پنهنجن شيطانن (سردارن) سان اڪيلو ملندا آهن (تڏهن) چوندا آهن ته اسين (پر ۾) اوهان سان آهيون اسين (مؤمنن سان) رڳو چٿر ڪندڙ آهيون. الله انهن سان چٿر ڪندو آهي ۽ اُنهن کي، جو پنهنجيءَ گمراهيءَ ۾ حيران آهن، ڊيگهه ڏيندو آهي. اِهي اُهي آهن جن هدايت جي بدران گمراهي خريد ڪئي پوءِ سندن واپار کين فائدو نه ڏنو ۽ نڪي اُهي هدايت وارا ٿيا. سندن مثال انهيءَ جي مثال جهڙو آهي، جنهن باهه ٻاري، پوءِ جنهن مهل باهه پنهنجي آسپاس کي روشن ڪيو (تنهن مهل) الله سندن سوجهرو اُجهايو ۽ کين اونداهين ۾ ڇڏي ڏنائين جو نه ڏسن. (اهي) ٻوڙا، گونگا، انڌا آهن پوءِ اُهي نه موٽندا. يا (سندن مثال اُنهيءَ) آسماني برسات (وارن) جهڙو آهي جنهن ۾ اونداهيون ۽ گاج ۽ وڄ هجي- اُهي پنهنجيون آڱريون پنهنجن ڪنن ۾ ڪڙڪن کان موت جي ڀوَ ڪري وجهن ۽ الله ڪافرن کي گهيرو ڪندڙ آهي. وڄ سندين اکين (جي سوجهري) کي اُمالڪ کسڻ تي هجي، جڏهن به انهن لاءِ چمڪي (تڏهن) منجهس هلن ۽ جڏهن مٿن اوندهه ڪري تڏهن بيهي رهن- ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته سندن ٻڌڻ ۽ سندن ڏسڻ ضرور وڃائي ڇڏي ها، ڇو ته الله سڀ ڪنهن شيءِ تي وس وارو آهي. (سورة البقرة .......20)
5- رب جي ٻانهپ اختيار ڪريو
اي انسانو! پنهنجي انهيءَ پالڻهار جي عبادت ڪريو جنهن اوهان کي ۽ جي اوهان کان اڳ هئا، تن کي پيدا ڪيو ته منَ اوهان ڊڄو. جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ آسمان کي ڇت ۽ (مينهن جو) پاڻي آسمان کان وسايائين پوءِ ان سان (هر جنس جي) ميون منجهان اوهان لاءِ روزي پيدا ڪيائين پوءِ اوهين ڄاڻ هوندي الله سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪريو. (سورة البقرة .......22)
6- قرآن جو مثال ممڪن ناهي
۽ پنهنجي ٻانهي (محمد ﷺ) تي جيڪو (قرآن) لاٿوسون تنهن کان جيڪڏهن اوهين شڪ ۾ آهيو ته ان جهڙي ڪائي سورت بڻائي آڻيو ۽ الله کان سواءِ پنهنجا مددگار (به) سڏيو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. پوءِ جيڪڏهن (ائين) نه ڪندؤ ۽ ڪري به ڪڏهن نه سگهندؤ ته اُنهيءَ باهه کان ڊڄو جنهن جو ٻل ماڻهو ۽ پهڻ آهن- اُها نه مڃيندڙن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي. (سورة البقرة .......24)
7- قرآن جي عامل کي جنت جي خوشخبري
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي (هيءَ) خوشخبري ڏي ته اُنهن لاءِ بهشت آهن جن جي هيٺان نهرون پيون وهن- جڏهن ڪڏهن ان مان ڪوبه ميوو کاڄ لاءِ ڏنو پيوويندن (تنهن مهل) پيا چوندا ته هيءُ (ميو) اُهو آهي جو اڳ اسان کي ڏنو ويو هو ۽ اُهو (شڪل ۾) هڪ جهڙو (پيو) ڏبن ۽ انهن لاءِ منجهس پاڪ زالون آهن ۽ اهي منجهس سدائين رهڻ وارا آهن.
(سورة البقرة .......25)
8- الله مثالَ ڇو پيش ڪري ٿو
الله مڇر ۽ اُن کان وڌيڪ (هيڻيءَ) جي مثال ڏيڻ کان حياء نه ڪندو آهي، پوءِ جن ايمان آندو آهي، سي (پڪ) ڄاڻندا آهن ته اُهو سندن پالڻهار وٽان (آيل) سچ آهي ۽ جن انڪار ڪيو، سي چوندا آهن ته هن مثال ڏيڻ مان الله جو ڇا مطلب آهي؟ (الله) ان سببان گهڻن کي ڀُلائيندو آهي ۽ اُن سببان گهڻن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي ۽ ان سان اهڙن بي دينن کان سواءِ (ٻئي ڪنهن کي) نه ڀُلائيندو آهي. جيڪي الله جو انجام اُن جي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ڀڃندا آهن ۽ الله جن (ڪمن) جي ڳنڍڻ جو حڪم ڪيو آهي، تن کي ڇنندا آهن ۽ ملڪ ۾ فساد وجهندا آهن، اُهي ئي گهاٽي وارا آهن. (سورة البقرة .......27)

9- الله ٻيهر زندگي عطا ڪندو
اوهين هن هوندي به الله کي ڪهڙيءَ طرح نه ٿا مڃيو، جو بي ساها هيؤ پوءِ اوهان کي جيئرو ڪيائين، وري اوهان کي ماريندو وري اوهان کي جياريندو وري ڏانهس موٽايا ويندؤ. اُهو (الله) آهي جنهن توهان (جي فائدي) لاءِ جيڪي (شيون) زمين ۾ آهن، سي مڙيئي پيدا ڪيون، وري آسمان ڏانهن متوجهه ٿيو پوءِ انهن کي ست آسمان ڪري برابر بيهاريائين ۽ اُهو (الله) سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (سورة البقرة .......29)
10- آدمؑ جي پيدائش تي ملائڪن
جو اعتراض
۽ (اي پيغمبر!) جڏهن تنهنجي پالڻهار ملائڪن کي چيو ته آءٌ زمين ۾ هڪ نائب مقرر ڪرڻ وارو آهيان. (تڏهن) چيائون ته (تون) منجهس اهڙي کي ڇوٿو پيدا ڪرين؟ جو منجهس فساد ڪندو ۽ (ناحق) رت هاريندو ۽ اسين تنهنجي ساراهه سان (سندءِ) پاڪائي واکاڻيون ٿا ۽ توکي پاڪ ڪري مڃيون ٿا، فرمايائين ته جيڪي توهان نه ڄاڻندا آهيو، سو آءٌ ڄاڻندو آهيان. ۽ (الله) آدم کي سڀئي نالا سيکاريا، وري اُهي (پڇا لاءِ) ملائڪن جي آڏو ڪيائين، پوءِ فرمايائين ته جيڪڏهن سچا آهيو ته هنن جا نالا ڏسيوم. چيائون ته تون پاڪ آهين جيڪي اسان کي ڄاڻايو اٿئي، تنهن کان سواءِ اسان کي (ٻي) ڪا خبر نه آهي، ڇو ته تون ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهين. (الله) چيو ته اي آدم! انهن جا نالا کين ڏس پوءِ جڏهن کين انهن جا نالا ڏسيائين (تڏهن الله) چيو ته اوهان کي نه چيو هوم ڇا؟ ته آءٌ ئي آسمانن ۽ زمين جو ڳجهه ڄاڻندو آهيان ۽ جيڪي ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا، سو به ڄاڻندو آهيان. ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو تڏهن شطان ڌاران (ٻين) سجدو ڪيو. هن انڪار ڪيو ۽ هٺ ڪيائين ۽ ڪافرن مان ٿيو. (سورة البقرة .......34)
11- بهشت مان آدمؑ جو نڪرڻ
۽ چيوسون ته اي آدم! تون ۽ تنهنجي زال بهشت ۾ رهو ۽ جتان وڻيوَ تتان مزي سان کائو ۽ هن وڻ کي ويجها نه وڃجو نه ته ظالمن مان (شمار) ٿيندؤ. پوءِ شيطان اُتاهون اُنهن کي ٿيڙيو پوءِ جنهن (مزي) ۾ هئا،تنهن مان کين (ٻاهر) ڪڍيائين ۽ چيوسون ته (بهشت مان) نڪري هيٺ ٿيو اوهين هڪ ٻئي جا ويري آهيو ۽ اوهان لاءِ ڪنهن وقت تائين زمين ۾ رهڻ جو هنڌ ۽ گذارڻ جو) سامان (ٺهرايل) آهي. پوءِ آدم پنهنجي پالڻهار وٽان ڪي لفظ سکيا پوءِ (الله) مٿس ٻاجهه ڪئي، ڇو ته اُهوئي معافي ڏيندڙ مهربان آهي. چيوسون ته منجهانئس سڀ لهي هيٺ ٿيو. پوءِ جڏهن مون وٽان اوهان وٽ ڪا هدايت اچي تڏهن جيڪي منهنجيءَ هدايت تي هلندا تن کي ڪو ڀؤ ڪونهي ۽ نڪي اُهي غمگين ٿيندا. ۽ جن نه مڃيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڄاتو، سي دوزخي آهن. اُهي منجهس سدائين رهڻ وارا آهن. (سورة البقرة .......39)
12- بني اسرائيل کي الله جو خطاب
اي اسرائيل جو اولاد! اُهي منهنجا ڳڻ ياد ڪريو جيڪي مون توهان تي ڪيا ۽ منهنجو انجام پاڙيو ته آءٌ (به) اوهان جو انجام پاڙيان ۽ رڳو مون کان ڊپ رکو. ۽ (اي بني اسرائيلؤ!) جيڪي اوهان وٽ آهي (يعني توريت) تنهن کي سچ ڪندڙ جيڪو (قرآن محمدﷺ تي) لاٿم تنهن کي مڃيو ۽ ان جا پهريان منڪر نه ٿيو ۽ منهنجين آيتن کي (دنيا جي) ٿوري ملهه سان نه وڪڻو ۽ رڳو مون کان ڊڄو. ۽ سچ کي ڪوڙ سان نه ملايو ۽ نڪي اوهين ڄاڻ هوندي به سچ لڪايو. ۽ نماز پڙهو ۽ زڪواة ڏيو ۽ رڪوع ڪندڙن سان گڏجي رڪوع ڪريو. ماڻهن کي چڱائيءَ جو حڪم ڪريو ٿا؟ ۽ پاڻ کي وساريوٿا. هن هوندي به جو توهين ڪتاب پڙهو ٿا پوءِ ڇونه ٿا سمجهو؟ ۽ صبر ۽ نماز سان سهارو وٺو ۽ اها اُنهن عاجزي ڪندڙن کان سواءِ ٻين کي ضرور ڏکي (لڳندي) آهي. جيڪي پڪ ڀانئيندا آهن ته اُهي پنهنجي پالڻهار کي ملڻ وارا آهن ۽ اُهي ڏانهس موٽڻ وارا آهن. (سورة البقرة .......46)
 

یوسف-2

محفلین
13- بني اسرائيل کي فضيلت ڏني وئي
اي بني اسرائيلؤ! اُهي منهنجا ڳڻ ياد ڪريو جيڪي مون اوهان تي ڪيا ۽ مون اوهان کي جهان (وارن) تي سڳورو ڪيو. ۽ اُنهيءَ ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ ڪو (به) ڪنهين کان ڪجهه به ٽاري نه سگهندو ۽ نڪي کانئس ڪا پارت قبول ڪبي ۽ نڪي کانئس ڪو عيوض وٺبو ۽ نڪي کين مدد ڏبي. (سورة البقرة .......48)
14- فرعون جو ڇوڪرن کي ذبح ڪرائڻ
۽ (هي ڳڻ به ياد ڪريوته) جڏهن اوهان کي فرعون جي ماڻهن کان ڇڏايوسون- جي اوهان کي ڏاڍو ايذاءُ چکائيندا هئا جو اوهان جا پٽ ڪهندا هئا ۽ اوهان جون ڌيئرون جيئريون ڇڏيندا هئا ۽ اُن ۾ اوهان جي پالڻهار کان اوهان لاءِ وڏي پرک هئي. (سورة البقرة .......49)
15- الله سمنڊ کي ڦاڙي، رستو بڻايو
۽ (ياد ڪريو) جڏهن موسى کي چاليهن راتين جو انجام ڏنوسون وري اُن (جي وڃڻ) کان پوءِ گابي کي (خدا ڪري) ورتوَ ۽ اوهين ظلم ڪندڙ هيؤ. وري ان کان پوءِ اوهان کي معاف ڪيوسون ته مانَ اوهين شڪرانوڪريو. (سورة البقرة .......52)
16- بني اسرائيل جو گابي کي معبود بنائڻ
۽ (ياد ڪريو ته) جڏهن موسى کي ڪتاب ۽ (سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾) سنڌو وجهندڙ ڏنوسين ته مانَ اوهين هدايت وارا ٿيو. ۽ (ياد ڪريو ته) جڏهن موسى پنهنجيءَ قوم کي چيو ته اي منهنجي قوم! اوهان گابي کي خدا ڪري وٺڻ سببان پاڻ تي ظلم ڪيو آهي تنهن ڪري پنهنجي پيدا ڪندڙ ڏانهن موٽو ۽ پاڻ کي ڪهو اهو اوهان لاءِ توهان جي پيدا ڪندڙ وٽ چڱو آهي- پوءِ اوهان تي ٻاجهه ڪيائين ڇوته اُهوئي معافي ڏيندڙ مهربان آهي.
(سورة البقرة .......54)
17- بني اسرائيل جو خدا کي ڏسڻ لاءِ ضد ڪرڻ
۽ (ياد ڪريو ته) جڏهن اوهان چيوته اي موسى! جيستائين الله چٽو (نه) ڏسنداسون تيستائين توکي ڪڏهن به نه مڃينداسون. پوءِ اوهان تي وڄ اچي ڪڙڪي ۽ اوهين ڏسندا رهيؤ. وري اوهان جي مرڻ کان پوءِ اوهان کي جيئرو ڪيوسون ته مانَ اوهين شڪرانوڪريو. (سورة البقرة .......56)


18- موسى ؑ جي قوم تي مَنّ ۽ سلوى نازل ٿيڻ
۽ اوهان تي ڪڪر جي ڇانو ڪئي سون ۽ اوهان تي شَڪر ۽ ٻٽيرا لاٿاسون ته جيڪي اوهان کي سٺين شين مان رزق ڏنوسون سو کائو ۽ اسان تي (ڪو به) ظلم نه ڪيائون پر پاڻ تي ظلم ڪندا هئا. ۽ جڏهن چيوسون ته هن ڳوٺ ۾ گهڙو پوءِ منجهانئس جتان وڻيوَ تتان مزي سان کائو ۽ دروازي کان (سجدي وانگر) نِ۔وِڙي لنگهو ۽ چئو ته اسان جا ڏوهه بخش! ته اوهان جون مَدايون اوهان کي بخشيون ۽ چڱائي ڪندڙن کي سگهو وڌائينداسون. پوءِ (انهن) ظالمن جيڪي کي چيو ويو هو تنهن کي مٽائي ٻيو چوڻ چيو پوءِ (انهن) ظالمن تي سندن بڇڙي هجڻ سببان آسمان کان عذاب لاٿوسون. (سورة البقرة .......59)
19- ۽ پهڻ مان ٻارنهن چشما ڦُٽي نڪتا
۽ (ياد ڪريو ته) جڏهن موسى پنهنجي قوم لاءِ پاڻي گهريو، تڏهن چيوسون ته پنهنجي لٺ پهڻ کي هڻ پوءِ منجهانئس ٻارهن چشما ڦاٽي نڪتا، سڀ ڪنهن ماڻهوءَ بيشڪ پنهنجو تڙ سڃاتو (چيوسون ته) الله جي رزق مان کائو ۽ پيئو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي بگيڙ نه وجهو. (سورة البقرة .....60)
20- اُهي پيغمبرن کي ناحق قتل ڪرڻ لڳا
۽ جڏهن چيوَ ته اي موسى! هڪ طعام تي ڪڏهن صبر نه ڪنداسون تنهن ڪري پنهنجي پالڻهار کان اسان لاءِ (دعا) گهر ته زمين جيڪو پنهنجي سبزي ۽ پنهنجيون ونگيون ۽ پنهنجي ٿوم ۽ پنهنجي مَهري (دال) ۽ پنهنجا بصر ڄمائيندي آهي، سي اسان لاءِ پيدا ڪري- چيائين ته جيڪي (شيون) چڱيون آهن سي سادين سان ڇوٿا مٽايو؟ (جي نه ٿا رهو ته) ڪنهن شهر ۾ لهي وڃو پوءِ جيڪي گهرو ٿا سو سڀ اوهان لاءِ (اتي موجود) آهي- ۽ خواري ۽ محتاجي مٿن هنئي ويئي ۽ الله جي ڏمر هيٺ وريا- اهو هن ڪري آهي جو اُنهن الله جي حڪمن کي نه ٿي مڃيو ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿي ڪٺائون، اهو ڪم بي فرمانيءَ سببان ٿي ڪيائون ۽ حد کان لنگهندڙ هئا. (سورة البقرة .......61)
21- نيڪ عمل جو اجر رب وٽ آهي
بيشڪ مؤمنن ۽ يهودين ۽ نصارن ۽ صابئين (بي دينن) منجهان جن الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ سندن پالڻهار وٽ سندن اجر آهي ۽ کين نڪو ڀؤ آهي ۽ نڪي اُهي غمگين ٿيندا. ۽ جڏهن اوهان کان انجام ورتوسون ۽ اوهان جي مٿان (جبل) طور کي کڙو ڪيوسون (تڏهن چيوسون ته) جيڪو (توريت) اوهان کي ڏنوسون سو سوگهو ڪري وٺو ۽ جيڪي منجهس آهي سو ياد ڪريو مانَ اوهين ڊڄو. وري اُن کان پوءِ اوهين ڦريؤ پوءِ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجهه نه ٿئي ها ته اوهين ضرور نقصان وارن مان ٿيو ها. (سورة البقرة .......64)
22- نافرمان ماڻهن جو ڀولڙا بڻجڻ
۽ اُنهن کي بيشڪ ڄاتو اٿو،جي اوهان مان ڇنڇر بابت حد کان لنگهيا پوءِ کين چيوسون ته خسيس ڀولڙا ٿي ڀئو. پوءِ اُن (قصي) کي اُن ڳوٺ جي آسپاس وارن ۽ اُنهن جي پوين لاءِ عبرت ۽ خدا ترسن لاءِ نصيحت ڪئي سون. (سورة البقرة .....66)

23- موسىؑ جي قوم کي ڍڳي ذبح ڪرڻ جو حڪم
۽ جڏهن موسى پنهنجيءَ قوم کي چيو ته الله اوهان کي ڳئون ڪهڻ جو حڪم ڪري ٿو (تڏهن) چيائون ته تون اسان سان ٽوڪ ڪرڻ لڳين ٿو ڇا؟ (موسى) چيو ته آءٌ الله کان جاهلن مان هجڻ جي پناهه گهران ٿو. چيائون ته اسان لاءِ پنهنجي پالڻهار کان دعا گهر ته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته اها (ڳئون) ڪهڙي (قسم جي) آهي؟ (موسى) چيوته الله چوي ٿو ته اُها ڳئون نه ڪراڙي ۽ نه (ننڍي) گابي آهي، انهيءَ وچ ۾ وچٿري آهي پوءِ جيڪي اوهان کي حڪم ڏنو ويو سو ڪريو. چيائون ته پنهنجي پالڻهار کان اسان لاءِ دعا گهر ته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته ان جو رنگ ڪهڙو آهي؟ (موسى) چيو ته الله چوي ٿو ته اها ڳئون هيڊي ڪڪڙي آهي، سندس رنگ ڳوڙهو هيڊو آهي، ڏسندڙن کي پئي وڻندي آهي. چيائون ته پنهنجي پالڻهار کان اسان لاءِ دعا گهر ته اسان لاءِ وضاحت ڪري ته اها (ڳئون) ڪهڙي (پارين) آهي؟ ڇوته ڳئون اسان وٽ (پاڻ جهڙين ۾) وڇڙيل آهي ۽ جيڪڏهن الله گهريو ته اسين ضرور لهنداسون. (موسى) چيو ته الله چوي ٿوته اُها اهڙي ڳئون آهي، (جو) نڪي وهو آهي جو زمين کيڙي ۽ نڪي پوک پياري، بي عيب آهي، منجهس ڪو دٻڪ ڪونهي. چيائون ته هاڻي تو پورو پار آندو- پوءِ اُن کي ڪٺائون ۽ (انهيءَ ڪم) ڪرڻ تي نه هئا. (سورة البقرة .....71)
24- پٿر جهڙي دل رکندڙ
۽ جڏهن هڪ شخص کي ڪُٺوَ تڏهن ان (جي ماريندڙ) بابت تڪرار ڪيوَ ۽ جيڪي لڪائيندا آهيو سو الله پڌرو ڪندڙ آهي. پوءِ چيوسون ته سندس (گوشت جو) ڪجهه ڀاڱو ان (مئل) کي هڻو- اهڙي طرح الله مئلن کي جياريندو آهي ۽ اوهان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاريندو آهي ته مانَ اوهين سمجهو. وري هن کان پوءِ اوهان جون دليون سخت ٿيون پوءِ پٿر وانگر بلڪ وڌيڪ سخت ٿيون ۽ پٿرن مان ڪي اهڙا (به) آهن جو منجهانئن واهيون ڦاٽي نڪرنديون آهن ۽ منجهانئن ڪو ڦاٽندو آهي پوءِ منجهانئس پاڻي نڪرندوآهي ۽ انهن مان ڪو الله جي ڀؤ کان ڪري پوندي آهي ۽ جيڪي ڪندا آهيو، تنهن کان الله بي خبر نه آهي. (سورة البقرة .......74)
25- الله جي ڪلام ۾ هيرڦير ڪندا رهيا
(اي مسلمانؤ! اوهين يهودين ۾) پاڻ لاءِ فرمانبردار هجڻ جو هن هوندي به اڃا آسرو رکو ٿا ڇا؟ جو بيشڪ منجهانئن هڪ ٽولو اهڙو آهي جو الله جو ڪلام ٻڌندا آهن وري اُن جي سمجهڻ کان پوءِ اُهي ڄاڻ هوندي به اُن کي مٽائيندا آهن. ۽ جڏهن مؤمنن کي ملندا آهن تڏهن چوندا آهن ته ايمان آندوسون ۽ جڏهن هڪ ٻئي سان اڪيلو ملندا آهن (تڏهن پاڻ ۾) چوندا آهن ته جيڪي الله اوهان تي کوليو آهي، تنهنجي ڳالهه ساڻن ڇو ڪند ا آهيو؟ ته ان سببان اوهان جي پالڻهار وٽ اوهان تي حجت وٺندا رهن اوهين ڇونه سمجهندا آهيو؟ نه ڄاڻندا آهن ڇا ته جيڪي لڪائيندا آهن ۽ جيڪي ظاهر ڪندا آهن، سو الله ڄاڻندو آهي. ۽ منجهانئن ڪي اڻ پڙهيا آهن جيڪوڙن خيالن کان سواءِ ڪتاب کي ڪجهه نه ڄاڻندا آهن ۽ اُهي رڳو گمان ڪندا آهن. پوءِ اُنهن لاءِ ويل آهي، جيڪي پنهنجو هٿراڌو ڪتاب لکندا آهن- وري (ماڻهن کي) چوندا آهن ته هيءُ الله وٽان (آيو) آهي ته جيئن اُن سان (دنيا جو) ٿورو ملهه وٺن. پوءِ جيڪي سندن هٿن لکيو تنهن سببان انهن لاءِ ويل آهي ۽ جيڪي ڪمائيندا آهن تنهن سببان (پڻ) اُنهن لاءِ ويل آهي. ۽ چون ٿا ته باهه چند ڏينهن کان سواءِ اسان کي ڪڏهن نه ڇهندي (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله وٽان اهڙو انجام ورتو اٿوَ ڇا؟ ته الله پنهنجي انجام کي ڪڏهن نه ڦيريندو. يا الله تي اڻڄاتو (ڪوڙ) ڳالهائي رهيا آهيو. هائو، جن برائي ڪمائي ۽ سندن بڇڙائي کين ويڙهي ويئي، سي دوزخي آهن- اُهي منجهس سدائين رهڻ وارا آهن. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، سي بهشتي آهن، اُهي منجهس سدائين رهڻ وارا آهن. (سورة البقرة .....82)
 

یوسف-2

محفلین
26- بني اسرائيل کان الله جو وعدو
۽ جڏهن بني اسرائيلن کان انجام ورتوسون ته الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ ۽ مٽن ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن سان چڱائي ڪريو ۽ ماڻهن سان مِٺو ڳالهايو ۽ نماز پڙهو ۽ زڪواة ڏيو. وري اوهان منجهان ٿورن کان سواءِ (سڀ) ڦري ويؤ ۽ اوهين منهن موڙيندڙ هيؤ. ۽ جڏهن اوهان کان انجام ورتوسون ته پنهنجا خون نه ڪندؤ ۽ نڪي پنهنجيءَ قوم کي پنهنجن ديسن مان لڏائيندؤ پوءِ اقرار ڪيوَ ۽ (ان جا) اوهين گواهه آهيو. (تنهن کان) پوءِ اوهين اهڙا ٿيا آهيو جو پنهنجيءَ قوم کي ڪهو ٿا ۽ پنهنجن مان هڪ ٽوليءَ تي ايذاءَ ۽ ڏاڍ ڪرڻ لاءِ (پاڻ ۾) هڪ ٻئي کي مدد ڏيئي کين سندن ديس مان لڏايو ٿا ۽ جيڪڏهن (ڪي) قيدي ٿي اوهان وٽ ايندا آهن ته سندن چٽي ڀري کين ڇڏائيندا آهيو حالانڪه اهو سندن لوڌڻ اوهان تي حرام ٿيل آهي پوءِ ڇا لاءِ ڪي (حڪم) ڪتاب (توريت) جا مڃيندا آهيو ۽ ڪي نه مڃيندا آهيو پوءِ اوهان مان جيڪو اهڙو ڪم ڪري تنهن جي سزا دنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ کان سواءِ ڪا نه آهي ۽ قيامت جي ڏينهن سخت عذاب ڏانهن ورايا ويندا ۽ جيڪي ڪندا آهيو، تنهن کان الله بي خبر نه آهي. اهي اُهي آهن، جن آخرت جي بدران دنيا جي حياتي خريد ڪئي پوءِ کانئن عذاب هلڪو نه ڪيو ويندو ۽ نڪي کين مدد ڏ بي. (سورة البقرة .......86)
27- عيسىؑ کي پاڪ روح سان مدد ڏني وئي
۽ بيشڪ موسى کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون ۽ کانئس پوءِ (ٻيا) پيغمبر هڪ ٻئي پٺيان موڪلياسون ۽ عيسى پٽ مريم جي کي چٽا معجزا ڏناسون ۽ کيس پاڪ روح سان مدد ڏني سون- پوءِ جڏهن به ڪنهن پيغمبر اوهان وٽ اهي حڪم آندا ٿي، جن کي اوهان جي دلين نه ٿي گهريو، تڏهن اوهان (ان جي مڃڻ کان ڇو) وڏائي ڪئي؟ پوءِ (پيغمبرن جي) هڪ ٽوليءَ کي ڪوڙو ڄاتوَ ۽ ٻيءَ کي ڪُٺوَ. ۽ چون ٿا ته اسان جون دليون ڍڪيل آهن (نه) بلڪ الله سندن ڪفر سببان مٿن لعنت ڪئي آهي پوءِ ٿورڙا ايمان آڻيندا. ۽ جڏهن الله وٽان ڪتاب (قرآن) اُنهيءَ توريت) جو سچو ڪندڙ آين، جيڪو وٽن آهي ۽ (حقيقت ڪري قرآن جي لهڻ کان) اڳ ڪافرن تي سوڀ (ٿيڻ جون دعائون) گهرندا هئا- پوءِ جڏهن وٽن اهو آيو جنهن کي سڃاتائون ٿي تڏهن اُن جو انڪار ڪيائون. پوءِ ڪافرن تي الله جي لعنت آهي. اُهو بڇڙو(سودو) آهي جنهن ۾ پاڻ ڏيئي،جيڪي الله (محمد ﷺ تي) لاٿو آهي، تنهن جو نه مڃڻ، هن (ڳالهه) جي ساڙ ڪري ورتائون ته الله پنهنجن ٻانهن مان جنهن تي گهرندو آهي، تنهن تي پنهنجيءَ ٻاجهه سان (ڪتاب ڇو) لاهيندو آهي. پوءِ (الله جي) ڏمر تي ڏمر هيٺ وريا ۽ ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي.
(سورة البقرة .......90)
28- بني اسرائيل جو حق مڃڻ کان انڪار
۽ جڏهن کين چئبو آهي ته جيڪو (قرآن) الله لاٿو تنهن کي مڃيو تڏهن چون ٿا ته جيڪو (توريت) اسان تي لٿل آهي تنهن کي مڃيندا آهيون ۽ جيڪي ان کان سواءِ آهي، تنهن کي نه مڃيندا آهن ۽ (حقيقت ڪري) اُهو (قرآن) سچو آهي، جيڪو (توريت) وٽن آهي، تنهن جو سچ ڪندڙ (به) آهي. (اي پيغمبر! کين) چؤ ته جيڪڏهن (توريت جا) مڃيندڙ آهيو ته الله جي پيغمبرن کي اڳ ڇو ڪُٺوَ؟ ۽ بيشڪ موسى اوهان وٽ چٽا معجزا آندا وري کانئس پوءِ گابي کي (خدا ڪري) ورتوَ ۽ (ائين ڪرڻ سان) اوهين (پاڻ تي) ظلم ڪندڙ آهيو. ۽ جڏهن اوهان کان انجام ورتوسون ۽ اوهان جي مٿان طور (جبل) کڙو ڪيوسون (چيوسون ته) جيڪو اوهان کي (توريت) ڏنوسين، سو سوگهو وٺو ۽ ٻُڌو، تڏهن چيائون ته ٻُڌوسون ۽ نه مڃيوسون ۽ اُنهن جي دلين ۾ سندن ڪفر سببان گابي جي پريت وڌي ويئي- (اي پيغمبر! کين) چؤ ته اوهان جو ايمان اوهان کي جنهن شيءِ جو حڪم ڪندو آهي سا بڇڙي آهي، جيڪڏهن اوهين (توريت) جا مڃيندڙ آهيو. (سورة البقرة .......93)
29- ڪافر ڪڏهن به موت جي خواهش نه ڪندا
(اي پيغمبر! کين) چؤ ته جيڪڏهن آخرت جو ملڪ الله وٽ ٻين ماڻهن کان سواءِ خاص اوهان لاءِ آهي ته جيڪڏهن (پنهنجي چوڻ ۾) سچا آهيو ته موت گهرو. ۽ جيڪي ڪرتوت سندن هٿن اڳي موڪليا آهن، تن سببان اُن (موت) کي ڪڏهن به نه گهرندا ۽ الله ظالمن کي (چڱيءَ طرح) ڄاڻندڙ آهي. ۽ (اي پيغمبر!) اُنهن (يهودين) کي جيئڻ تي (سڀني) ماڻهن ۽ مشرڪن کان وڌيڪ حرص وارو ضرور لهندين، منجهانئن هر هڪ گهرندو آهي ته جيڪر هزار ورهه جياريو وڃي ها ۽ اُهو (ايڏو جيئڻ) کيس عذاب کان پري ڪرڻ وارونه آهي- ۽ جيڪي ڪندا آهن تنهن کي الله ڏسندڙ آهي. (سورة البقرة .......96)
30- ملائڪن جو دشمن الله جو دشمن آهي
(اي پيغمبر! کين) چؤ ته جيڪو جبرائيل جو ويري ٿيندو (سو الله جو ويري آهي) ڇو ته جبرائيل قرآن کي الله جي حڪم سان تنهنجيءَ دل تي لاٿو آهي، جيڪي کانئس اڳي آهي، تنهن کي سچو ڪندڙ آهي ۽ مؤمنن لاءِ هدايت ۽ خوشخبري آهي. جيڪو الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس پيغمبرن ۽ جبرائيل ۽ ميڪائيل جو ويري بڻندو ته بيشڪ الله (به اهڙن) ڪافرن جو ويري آهي. (سورة البقرة ...98)
31- قرآن جو انڪار ڪندڙ
۽ (اي پيغمبر!) بيشڪ توڏانهن صاف آيتون موڪليون سون، ۽ بي دينن کان سواءِ ڪو به ان جو منڪر نه ٿيندو. جڏهن به ڪو انجام ٻَڌائون ٿي ته اُن کي ڇو منجهانئن هڪ ٽوليءَ ڀڳو ٿي؟ بلڪ منجهائن گهڻا ايمان نه آڻيندا آهن. ۽ جڏهن پيغمبر (محمد ﷺ) اُنهيءَ (يعني توريت) جو سچو ڪندڙ جيڪو وٽن آهي، الله وٽان آين (تڏهن) جن کي ڪتاب (توريت) ڏنو ويو تن مان هڪ ٽوليءَ الله جي ڪتاب کي پنهنجين پٺين پويان اُڇليو ڄڻڪ اُهي ڄاڻندا ئي نه آهن.
(سورة البقرة .......101)
32- سليمانؑ ۽ هاروت ماروت جو ذڪر
۽ اُهي (يهودي توريت جي پيروي ڇڏي) اهڙن (باطل علمن) جي پٺيانلڳاجيڪي سليمانجي ملڪ ۾ شيطان پڙهندا هئا ۽ سليمان (جادو ڪرڻ جو) ڪفر نه ڪيو، پر شيطانن ڪفر ڪيو جو ماڻهن کي جادو سيکاريندا هئا ۽ پڻ (ان جي پٺيان پيا) جيڪي (اسماء الهٰيءَ جا اسرار) ٻن ملائڪن هاروت ۽ ماروت تي بابل (شهر) ۾ نازل ٿيا هئا ۽ اهي ٻئي (انهن علمن مان) ڪجهه به ايسين ڪنهن هڪڙي کي نه سيکاريندا هئا جيسين (هيءُ نه) چوندا هئا ته اسين رڳو آزمائش آهيون، تنهن ڪري (اُن کي بيجا ڪم ۾ آڻي)ڪافر نه بڻج.پوءِ کانئن اُهو سکندا هئا جنهن سان مڙس ۽ سندس زالجي وچ ۾ ڦيٽو وجهندا هئا ۽ اُهي ان سان ڪنهن هڪڙي کي الله جي حڪم کان سواءِ نقصان پهچائيندڙ نه هئا ۽ جيڪا کين نقصان ڏيندي ۽ کين فائدو نه ڏيندي، سا سکندا هئا ۽ بيشڪ ڄاتائون ٿي ته جنهن اُها ورتي تنهن کي آخرت ۾ ڪونصيب نه آهي ۽ جنهن سان پاڻ کي وڪيائون، سا ضرور بڇڙي آهي جيڪر ڄاڻن ها (ته پاڻ پلين ها!). ۽ جيڪڏهن اُهي (يهودي) ايمان آڻين ها ۽ پرهيزگار بڻجن ها ته الله وٽان ضرور چڱو بدو (ملين ها) جيڪڏهن ڄاڻن ها. (سورة البقرة .....103)
33- اهلِ ڪتاب ۽ مشرڪن جو ورتاءُ
اي ايمان وارؤ! (پيغمبر کي عرض ڪرڻ مهل) راعنا (جو لفظ) نه چئو ۽ اُنظرنا (جو لفظ چئو ۽ (اُهو حڪم غور سان) ٻُڌو ۽ ڪافرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آهي. نڪي ڪو اهل ڪتاب جي ڪافرن مان ۽ نڪي ڪو مشرڪن مان اوهان جي پالڻهار وٽان اوهان تي ڪنهن چڱائي جو لهڻ چاهيندو آهي ۽ الله پنهنجي ٻاجهه سان جنهن کي وڻيس تنهن کي چونڊيندو آهي. ۽ الله وڏي فضل وارو آهي.
(اي پيغمبر) جي ڪا آيت منسوخ ڪندا آهيون يا (تنهنجيءَ دل تان) اُها وسارائيندا آهيون ته اُنهيءَ کان چڱي يا ان جهڙي آڻيندا آهيون- نه ڄاڻندو آهين ڇا؟ ته الله سڀ ڪنهن شيءِ تي وس وارو آهي. (اي پيغمبر) نه ڄاڻندو آهين ڇا؟ ته آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي ۽ الله کان سواءِ اوهان جو نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار آهي.
(اي مسلمانؤ!) اوهين پنهنجي پيغمبر کان ائين سوال ڪرڻ ڇو ٿا گهرو؟ جيئن اڳ (يهودين) موسى کان پڇيو هو- ۽ جيڪو ايمان کي ڪفر سان مٽائيندو، سو بيشڪ سڌيءَ واٽ کان ڀُلو. اهل ڪتاب مان گهڻا گهرندا آهن ته جيڪر اوهان جي ايمان آڻڻ کان پوءِ به اوهان کي حسد سببان جو سندين دلين ۾ آهي، مٿن جو حق پڌرو ٿي چڪو آهي، ان کان پوءِ به موٽائي ڪافر ڪن پوءِ ايسين معاف ڪريو ۽ مڙي وڃو جيسين الله پنهنجو حڪم موڪلي، ڇو ته الله سڀ ڪنهن شيءِ تي وس وارو آهي. ۽ (اي مسلمانؤ!) نماز پڙهو۽ زڪواة ڏيو ۽ جيڪا چڱائي پاڻ لاءِ اڳي موڪليندؤ، سا الله وٽ لهندؤ- بيشڪ جيڪي اوهين ڪندا آهيو، تنهن کي الله ڏسندڙ آهي. (سورة البقرة .......110)
34- عيسائين ۽ يهودين جي جنتي هئڻ جي دعوى
۽ (يهودي ۽ نصارى) چون ٿا ته يهودين ۽ نصارن کان سواءِ بهشت ۾ ڪوئي نه گهڙندو- اهي سندن سڌون آهن (اي پيغمبر! کين) چؤ ته جيڪڏهن سچا آهيو ته پنهنجو ڪو دليل آڻيو. هائو، جنهن پنهنجو منهن الله لاءِ نِوڙايو ۽ اهو ڀلارو هوندو تنهن لاءِ سندن پالڻهار وٽ سندس اجر آهي ۽ نڪو کين ڀؤ آهي ۽ نڪي اُهي غمگين ٿيندا. (سورة البقرة .......112)
35- يهودين ۽ عيسائين جا اختلاف
۽ يهودي چون ٿا ته نصارى ڪنهن دين تي نه آهن ۽ نصارى چون ٿا ته يهودي ڪنهن دين تي نه آهن ۽ (حقيقت ڪري) اُهي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) پڙهندا آهن- اهڙيءَ طرح جيڪي نه ڄاڻندا آهن سي (به) سندن چوڻ وانگر چوندا آهن- پوءِ الله قيامت جي ڏينهن سندن وچ ۾ جنهن (ڳالهه) بابت جهڳڙو ڪنداهئا، تنهن جو فيصلو ڪندو. (سورة البقرة .......113)
 

یوسف-2

محفلین
36- وڏو ظالم شخص ڪير هوندو؟
۽ ڪير اُن کان وڌيڪ ظالم آهي، جنهن الله جي مسجدن ۾ سندس نالي ياد ڪرڻ کان جهليو ۽ انهن (مسجدن) جي ڦٽائڻ ۾ ڪوشش ڪيائين، اهڙن کي انهن (مسجدن) ۾ ڊڄندڙ ٿي گهڙڻ ڌاران (ٻيءَ طرح گهڙڻ) نه جڳائيندو آهي، اُنهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ اُنهن لاءِ آخرت ۾ وڏو عذاب آهي. (سورة البقرة .......114)
37- اوڀر ۽ اولهه سڀ الله جا آهن
۽ اوڀر ۽ اولهه الله جو آهي، پوءِ جيڏانهن پنهنجي منهن کي ڦيرايو تيڏانهن الله جي ذات آهي. بيشڪ الله (مهربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آهي.
(سورة البقرة .......115)
38- الله ڪنهن کي به پُٽ ناهي بڻايو
۽ (ڪافر) چون ٿا ته الله (پنهنجي لاءِ) اولاد ورتو آهي (نه) اُهوته پاڪ آهي بلڪ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سندس (مِلڪ) آهي. مڙيئي سندس فرمانبردار آهن. آسمانن ۽ زمين جو ٺاهيندڙ آهي ۽ جڏهن ڪوئي ڪم ڪندو آهي تڏهن اُن کي رڳو چوندو آهي ته ٿيءُ، ته ٿي پوندو آهي.
(سورة البقرة .......117)
39- اسان وٽ نشاني ڇو نٿي اچي
۽ جيڪي نه ڄاڻندا آهن سي چوندا آهن ته الله اسان سان ڇونه ڳالهائيندو آهي يا ڪا نشاني اسان وٽ ڇو نه ايندي آهي؟ اهڙي طرح جيڪي کانئن اڳ هئا تن سندن چوڻ وانگر چيو- سندين دليون هڪ جهڙيون آهن- بيشڪ اسان اُنهيءَ قوم لاءِ نشانيون بيان ڪيون آهن جيڪي يقين رکندا آهن. (اي پيغمبر!) بيشڪ اسان توکي سچ سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو ۽ (تون) دوزخين بابت نه پڇبين.
(سورة البقرة .......119)
40- يهودي ۽ عيسائي راضي نه ٿيندا
۽ (اي پيغمبر!) يهودي ايسين توکان ڪڏهن راضي نه ٿيندا ۽ نڪي نصارى، جيسين تون سندن دين جي تابعداري ڪرين (کين) چؤ ته الله جي هدايت اها (اسلام جي) هدايت آهي، ۽ (اي پيغمبر! تو وٽ جو علم آيو آهي، تنهن کان پوءِ به جيڪڏهن (تون) سندن سڌن جي تابعداري ڪندين ته تو لاءِ الله وٽان نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مدگار ٿيندو. جن کي ڪتاب ڏنوسون، سي اُن کي اهڙيءَ طرح پڙهندا آهن، جهڙو سندس پڙهڻ جو حق آهي- اهي اُن کي مڃيندا آهن ۽ جيڪي اُن کي نه مڃيندا، سي ئي گهاٽي وارا آهن.
(سورة البقرة .......121)
41- بني اسرائيل کي مليل نعمتون
اي بني اسرائيلؤ! اُهي منهنجا ڳڻ ياد ڪريو،جيڪي مون اوهان تي ڪيا ۽ مون جهان (وارن) تي اوهان کي سڳورو ڪيو. ۽ اُنهيءَ ڏينهن کان ڊڄو، جنهن ۾ ڪو جيءُ ڪنهن جيءَ کان ڪجهه به ٽاري نه سگهندو ۽ نڪي کانئس ڪوبدلو قبول ڪبو ۽ نڪي کيس ڪا پارت نفعو ڏيندي ۽ نڪي کين مدد ڏبي.(سورة البقرة .......123)
42- حضرت ابراهيمؑ جي آزمائش
۽ جڏهن ابراهيم کي سندس پالڻهار ڪن ڳالهين سان پرکيو پوءِ اُهي پوريون ڪيائين- (۽ الله) فرمايو ته آءٌ توکي ماڻهن لاءِ امام مقرر ڪرڻ وارو آهيان (تڏهن ابراهيم) چيو ته منهنجي اولاد مان به (امام ڪر. الله) فرمايوته ظالمن کي (اِهو) منهنجو انجام نه پهچائيندو. (سورة البقرة .....124)
43- ڪعبو امن جو هنڌ آهي
۽ جڏهن بيت الله کي ماڻهن جي موٽڻ جو ماڳ ۽ اَمن جو هنڌ مقرر ڪيوسون ۽ (هن اُمت کي حڪم ڪيوسون ته) مقام ابراهيم کي (به) نماز پڙهڻ جي جاءِ ڪري وٺو ۽ ابراهيم ۽ اسماعيل کي وصيت ڪئي سون ته منهنجي گهر کي طواف ڪندڙن ۽ اعتڪاف وارن ۽ رڪوع (۽) سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ رکو. (سورة البقرة .....125)
44- زندگيءَ جو سامان ته ڪافرن کي پڻ ملندو
۽ جڏهن ابراهيم چيو ته اي منهنجا پالڻهار! هن (مڪي) کي امن جو شهر ڪر ۽ سندس رهندڙن مان اُنهن کي ميون جي روزي ڏي جيڪي منجهانئن الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃين- (تڏهن الله) فرمايو ته جنهن نه مڃيو (تنهن کي به)، پوءِ اُن کي (حياتيءَ جا) ٿورڙا ڏينهن آسودو ڪندس وري کيس باهه جي عذاب ڏانهن بي وس ڪندس- ۽ اُها بڇڙي جاءِ آهي. (سورة البقرة .......126)
45- ڪعبي جي اڏاوت - ابراهيمؑ ۽ اسماعيلؑ جي دعا
۽ جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل بيت (الله) جا بنياد اوساريندا هئا (تڏهن چونداهئا ته) اي اسان جا پالڻهار (هيءُ پورهيو) اسان کان قبول ڪر- ڇوته تون ئي ٻُڌندڙ ڄاڻندڙ آهين. ۽ اي اسان جا پالڻهار اسان کي پنهنجو فرمانبردار ڪر ۽ اسان جي اولاد مان (به) هڪ ٽوليءَ کي پنهنجو فرمانبردار ڪر ۽ اسان کي اسان جي حج جا ارڪان سيکار ۽ اسان جون (خطائون) معاف ڪر، بيشڪ تون ئي وڏو معاف ڪندڙ مهربان آهين. ۽ اي اسان جا پالڻهار! منجهانئن هڪ پيغمبر منجهن موڪل جو تنهنجون آيتون مٿن پڙهي ۽ کين ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ۽ کين سڌاري- بيشڪ تون ئي غالب حڪمت وارو آهين. (سورة البقرة .......129)
46- ابراهيمؑ جي دين سان نفرت ڪندڙ
۽ جنهن پاڻ کي بي سمجهه ڪيو، تنهن کان سواءِ (ٻيو) ڪير ابراهيم جي دين کان منهن موڙيندو؟ ۽ بيشڪ کيس دنيا ۾ چونڊيوسون ۽ اهو آخرت ۾ ضرور ڀلارن مان آهي. جڏهن کيس سندس پالڻهار چيو ته منهنجا حڪم مڃ! (تڏهن) چيائين ته جهانن جي پالڻهار جا (سڀ) حڪم مڃيم. (سورة البقرة .......131)
47- حضرت يعقوبؑ جي وصيت
۽ ابراهيم ۽ يعقوب پنهنجن پٽن کي ان (ڳالهه) جي وصيت ڪئي ته اي منهنجي اولاد! الله (هن) دين کي اوهان لاءِ چونڊيو آهي پوءِ اوهين مسلمان هجڻ کان سواءِ نه مرو. (اي ڪتاب وارؤ) اوهين (تڏهن) حاضر هيؤ ڇا؟ جڏهن يعقوب کي موت ويجهو يو جڏهن پنهنجن پٽن کي چيائين ته مون کان پوءِ ڪنهن جي عبادت ڪندؤ؟ (تڏهن) چيائون ته تنهنجي خدا ۽ تنهنجي پيءُ ڏاڏي ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق جي خدا جي، جو اڪيلو خدا آهي، عبادت ڪنداسون- ۽ اسين سندس حڪم مڃيندڙ آهيون. اِها ٽولي بيشڪ گذري ويئي آهي، جيڪي اُنهن ڪمايو، سو اُنهن لاءِ آهي ۽ جيڪي اوهان ڪمايو، سو اوهان لاءِ آهي- ۽ جيڪي (اُهي) ڪندا هئا، تنهن بابت اوهين نه پڇبؤ.(سورة البقرة .......134)
48- يهودي ۽ عيسائي سڌي واٽ تي ناهن
۽ (ڪتاب وارا مسلمانن کي) چون ٿا ته يهودي يا نصارى ٿيو ته هدايت وارا ٿيندؤ (اي پيغمبر! کين) چؤ ته اسين ابراهيم حنيف (هڪ طرفي) جي دين جا تابعدار آهيون ۽ اُهومشرڪن مان نه هو. (کين) چؤ ته اسين الله کي مڃيون ٿا، ۽ (پڻ) جيڪو (قرآن) اسان ڏانهن لاٿو ويو آهي، ۽ جيڪي (صحيفا) ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ڏانهن لاٿا ويا آهن، ۽ جيڪي موسى ۽ عيسى کي ڏنو ويو ۽ جيڪي ٻين پيغمبرن کي سندن پالڻهار کان ڏنو ويو، تنهن (سڀ) کي (مڃيون ٿا) منجهانئن ڪنهن هڪ جي وچ ۾ فرق نه ٿا ڀانيون ۽ اسين اُن (هڪ الله) کي مڃيندڙ آهيون. پوءِ جيڪڏهن الله کي اوهان جي مڃڻ جهڙو مڃين ته بيشڪ هدايت وارا ٿيندا، ۽ جيڪڏهن ڦرندا ته اُهي جهڳڙي ۾ ئي پوندا، پوءِ سِگهو الله توکي اُنهن (جي شر) کان ڪافي ٿيندو ۽ اُهو ٻُڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (سورة البقرة .......137)
49- الله جو رنگ سڀ کان بهتر آهي
الله (پنهنجي دين جي رنگ سان اسان کي) رڱيو آهي ۽ رڱڻ ۾ الله کان وڌيڪ چڱو ڪير آهي؟ ۽ اسين سندس عبادت ڪندڙ آهيون. (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله (جي دين) بابت اسان سان تڪرار ڪريوٿا ڇا؟ ۽ (حقيقت ڪري) اُهو اسان جو پالڻهار ۽ اوهان جو (به) پالڻهار آهي، ۽ اسان لاءِ اسان جا عمل ۽ اوهان لاءِ اوهان جا ڪرتوت آهن ۽ اسين سندس مخلص ٻانها آهيون. (سورة البقرة .......139)
50- نبيؑ يهودي يا نصراني نه هئا
يا چئو ٿا ته ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جو اولاد يهودي يا نصارى هئا- (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوهينوڌيڪ ڄاڻندڙ آهيو يا الله (وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي)؟- ۽ جيڪواهڙي شاهدي لڪائيجا الله طرفان وٽس هجي، تنهن کان وڌيڪ ظالمڪير آهي؟ ۽ جيڪيڪندا آهيو، تنهنکان الله بي خبر نه آهي. اِها ٽولي بيشڪ گذري ويئي، جيڪي ڪمايائون سو اُنهن لاءِ آهي ۽ جيڪي اوهان ڪمايو، سو اوهان لاءِ آهي ۽ جيڪي (اُهي ڪندا هئا، تنهن بابت (اوهين) نه پڇيا ويندؤ. (سورة البقرة ...141)
..........٭ ..........
 
Top