عشق لڱن ۾ ڪيئن لڪايان!

اکبر لاکھو

محفلین
عشق لڱن ۾ ڪيئن لڪايان!
باهه، ڪکن ۾ ڇا مان ڇپايان،
عشق لڱن ۾ ڪيئن لڪايان!​
ويس، وڳا، ڳهه سينڌون، سرمون،
هر هٿ ۾ ٿم آئينو،
پاڻ بڻائي پاڻ وڻايان،
عشق لڱن ۾ ڪيئن لڪايان!​
”ائي ڇو آ ويڳاڻي ايڏي! “
جا به پُڇي ٿي جٿ، هڪ جيڏي،
ڳالهه مٽي ٿي نينهن نٽايان،
عشق لڱن ۾ ڪيئن لڪايان!​
”سل مونسان البيلي راڻي!
تن من ۾ ٿي ڪنهن ڏي تاڻين؟“
آيل اوري، آئون لنوايان.
عشق لڱن ۾ ڪيئن لڪايان!​
سهڪي سهڪي، ڪانو لنوي ٿو،
ڀڙڪي منهنجو هانُ پوي ٿو،
ڦٿڪي ڦٿڪي ڦارون پايان.
عشق لڱن ۾ ڪيئن لڪايان!​
تنهنجي ايندي نس نس ڦرڪي،
چڳ چڳ جرڪي، رڳ رڳ مرڪي،
هانو خوشي ۾ ڀڙڪي ڀايان،
عشق لڱن ۾ ڪيئن لڪايان!​
ڪيئن ٽُران، اڄ ٽورَ ڦري وئي،
تنهنجي آڏو وک وسري وئي،
ٿِڙندي ٿِڙندي پاڻ بچايان.
عشق لڱن ۾ ڪيئن لڪايان!​
پنهنجي منهن سان ڏاڍو سوچيان،
تنهنجي سامهون ڌرتي کوٽيان،
هٿڪان، هٻڪان، گ گ گهٻرايان،
عشق لڱن ۾ ڪيئن لڪايان!​
چَپُ چَپَ تي چُپِ توکي عجب آ،
ماٺ مُٺيءَ جو ڪو ته سبب آ،
تون جو پڇين ٿو، مان ڇا ٻڌايان،
عشق لڱن ۾ ڪيئن لڪايان!​
تو رِيءَ تنهنجي تانگهه تپائي،
سورن وارا سهرا ڳائي،
پنهنجي پاڻهي دل پرڀايان،
عشق لڱن ۾ ڪيئن لڪايان!​
لوڪ سمهي ٿو، آئون اٿان ٿي،
لونءَ لونءَ ۾ استاد لڇان ٿي،
تڙپي تڙپي پاند پسايان،!
عشق لڱن ۾ ڪيئن لڪايان![/​
]

استاد بخاري
 
Top