عزاداري امام حسين عليه السلام بابت ڪجهه حديثون

سردار ظھير حسين ملوڪاڻي نے 'سندھی فورم' کی ذیل میں اس موضوع کا آغاز کیا، ‏اگست 26, 2020

  1. سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

    سردار ظھير حسين ملوڪاڻي محفلین

    مراسلے:
    37
    عزاداري امام حسين عليه السلام بابت ڪجهه حديثون

    سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

    حرارت عشق حسيني

    پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو:
    امام حسين عليه السلام جي قتل ٿي وڃڻ سبب مؤمنن جي دلين ۾ ھڪ اھڙي حرارت پيدا ٿي آهي جيڪا ڪڏهن به ٿڌي ڪانه ٿيندي.
    ھن دنيا ۾ گھڻائي انقلاب آيا آھن ، پر انهن سڀني انقلابن جو فقط ڪتابن ۾ ئي ذڪر ۽ نالو رھجي ويو آهي. جڏهن ته عملي طور تي انهن سڀني انقلابن جو ڪو اثر رسوخ ڏسڻ ۾ نٿو اچي. پر ڪربلا وارو واقعو ھڪ اھڙو واقعو آهي جنهن کي سوين سال گذري چڪا آهن. تڏهن به اھو واقعو اڄ تائين زنده ۽ جاويد آھي.
    حالانڪه دين اسلام جي ھڙني دشمنن وڏي ڪوشش ڪئي آهي ته ماڻھون ڪربلا جي واقعي کي وساري ڇڏين. پر اھل بيت جي سڀنيءَ پيروڪارن دين اسلام جي ھڙني دشمنن جي ھر چال کي ناڪام بڻايو.
    ۽ ھيء ھڪ زنده معجزو آهي ، جنهن جي ڪري عشق حسيني ۾ لڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي.

    محرم الحرام ڏک وارو مھينو

    امام علي رضا عليه السلام جن فرمائن ٿا ته:
    محرم الحرام مھيني جي چنڊ بيھڻ سان منھنجي بابا سائينءَ جي چھري مبارڪ تان مسڪراهٽ ختم ٿي ويندي ھئي ۽ ڏھين جي ڏينهن تائين سندن وجود ۾ رڳو ڏک ۽ درد ڏٺو ويندو ھو، ڏھين جو ڏينهن منھنجي بابا سائينءَ لاءِ تمام گھڻو مصيبت ۽ ڏک ڀريو ڏھاڙو ھوندو ھو.
    امام خميني رحمة الله عليہ جن فرمايو ته: حضرت امام حسين عليه السلام اسلام کي نجات ڏني آهي ، اھو ھڪ انسان جيڪو دين اسلام کي نجات ڏيئي ھليو ويو ان جي لاءِ اسان کي ھر روز گريو ڪرڻ گھرجي ، ھن مڪتب جي پرگھور ۽ حفاظت خاطر ھر روز مجلس برپا ڪئي وڃي ، محرم ۽ صفر جي مھينن اسلام کي زندھ رکيو آهي امام حسين عليه السلام جي ايثار ۽ عظيم قربانئ جي ڪري ئي اسلام اڄ تائين باقي رھيو آھي.

    قيامت جي ڏھاڙي ھر اھا اک

    پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم پنھنجي پياري نياڻي سائڻ بيبي فاطمه الزهراء سلام الله عليھا کي چون ٿا ته:
    قيامت واري ڏهاڙي غم حسين ۾ روئڻ واري اک کان علاوہ ھر اک روئيندي ، بلڪي غم حسين ۾ گريو ڪرڻ واري اک قيامت واري ڏهاڙي خوشحال ھوندي ۽ ان اک کي جنت جي نعمتن جي بشارت ڏني ويندي.
    ھڪ ٻئي روايت ۾ پڻ ملي ٿو ته: جيڪو شخص غم امام حسين عليه السلام تي خود روئي يا ٻئي ڪنهن کي روئاري يا روئڻ جھڙي شڪل بڻائي ته الله سائين سڀنيءَ کي ثواب عطا ڪري ٿو.

    سوڳ امام حسين عليه السلام

    امام جعفر صادق عليه السلام پنهنجي ڏاڏي حضرت امام حسين عليه السلام جي مصيبت لاءِ فرمائن ٿا ته:
    ھڪ پورو سال ڏينهن رات امام حسين عليه السلام بن علي عليه السلام ۽ ٽي سال لڳاتار ڏينهن جو سندس شھادت جو سوڳ ملهايو ويو.
    مٿي ڏنل حديث ۾ پاڻ امام عليه السلام صاف بيان ڪري رھيا آھن ته ، نوحه خواني ۽ ماتم داري اڄ شروع نه ٿي آهي بلڪه شھادت کان ڦورن بعد ۾ عزاداري جا مراسم برپا ٿين. تاڪ ماڻھون اھيو نه سمجھن ته عزاداري ۽ نوحه خواني بعد ۾ ايجاد ڪيل شيءِ آهي. بلڪه اسان اڃان تاريخ ڏي ٿوري نظر ڪنداسين ته عزاداري جو پيڙھ (بنياد) خود اھل بيت عليه السلام وڌو آهي.

    مجلسن ۾ ايندڙ عزادارن جي خدمت ڪرڻ ۽ عزاداري تي خرچ ڪرڻ

    اھل بيت عليھم السلام جي مجلسن ۾ آيل عزادارن جي خدمت ڪرڻ ھڪ وڏو اجر ۽ ثواب رکي ٿو ۽ اھو ڪم معصومين عليھم السلام جي سنت آهي. جيئن ته روايتن ۾ نقل ٿيو آهي ته حضرت امام زين العابدين عليه السلام عزاداري ۾ آيل عزادارن لاءِ پاڻ لنگر نياز تيار ڪندا ھئا.
    حديث قدسي ۾ پڻ نقل ٿيو آهي ته امام حسين عليه السلام جي خاطر جيڪو ھڪ درھم يا دينار خرچ ڪري ٿو الله سائين کيس دنيا ۾ ستر ھزار درھمن جي برابر برڪت عطا ڪري ٿو.
    امام حسين عليه السلام جي عزاداري ۾ پنھنجي مال کي جيتري قدر ممڪن ٿئي خرچ ڪيو وڃي ته جيئن امام جعفر صادق عليه السلام جن جي فرمان جو مصداق ٿي سگھجي جنهن ۾ پاڻ فرمائن ٿا: ۽ اھي جيڪي اسان جي واٽ ۾ پنھنجي جان ۽ مال خرچ ڪن ٿا.
    امام جعفر صادق عليه السلام امام حسين عليه السلام جي خاطر مال خرچ ڪرڻ وارن لاءِ ھن ريت دعا ڪن ٿا:
    اي اللہ! مونکي ۽ منھنجي انھن ڀائرن کي جيڪي پنھنجي مال کي اسان جي نيڪ واٽ ۾ ۽ تنھنجي فضل جي اميد ۾ ۽ تنھنجي نبي کي خوش ڪرڻ لاءِ خرچ ڪن ٿا تن کي بخش.

    روايتي نوحه خواني

    ابو ھارون مڪوف بيان ڪري ٿو ته:
    مان حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن جي خدمت ۾ پھتس ته امام عليه السلام مونکي فرمايو ته:
    تون مون کي ڪجھ شعر ٻڌاءِ ، مون امام عليه السلام جي حڪم تي کين ائين ئي (بغير سوڳ ۽ سر جي) ڪجھ شعر ٻڌايا ، ان تي پاڻ فرمايائون ته: ايئن نه بلڪه جھڙي نموني تون شعر پڙھندو آھين ۽ جھڙي نموني تون حضرت امام حسين عليه السلام جي مزار تي مرثيا پڙھندو آھين مونکي به اھڙي نموني پڙھي ٻڌاءِ.
    توهان ڏٺو ته امام جعفر صادق عليه السلام جن به اھو چاھين پيا ته سندن سامھون نوحه خواني ۽ مرثيه خواني جي رائج انداز ۾ نوحو ۽ مرثيو پڙهيو وڃي؛ ڇاڪاڻ ته اھو ماڻھن جي ذوق جي مطابق آهي.
    اھڙي ريت ڪربلا واري واقعي کانپوءِ سائڻ ام البنين سلام الله عليھا ھميشه جنت البقيع وڃي امام حسين عليه السلام ۽ سندن صحابين تي نوحا ۽ مرثيا پڙھي گريو ڪندي ھئي.

    امام حسين عليه السلام تي مصائب پڙھڻ جو اجر ۽ ثواب

    امام جعفر صادق عليه السلام جعفر بن عفان کي فرمايو ته:
    ڪو به اھڙو شخص ڪونھي جيڪو امام حسين عليه السلام لاءِ شعر چوي ، روئي ۽ روئاري سواءِ ان جي جو الله پاڪ ان جي اجر ۾ سندس سمورا گناه بخشي ۽ جنت واجب ڪري.
    ھڪ ٻئي روايت امام جعفر صادق عليه السلام کان پڻ ملي ٿي ته: جيڪو به امام حسين عليه السلام لاءِ شعر جو رڳو ھڪ بيت لکي ۽ گريو ڪري ۽ نون يا ڏھن ماڻھن کي روئاري ته سندس جڳهه بھشت ۾ آهي.

    اھل بيت تي گريو ڪرڻ وارن لاءِ امام جعفر صادق عليه السلام جي دعا

    حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن «مسمع» نالي مولا حسين عليه السلام جي ھڪ عزادار کي فرمايو ته:
    الله سائين تنھنجي ڳوڙھن تي رحمت نازل فرمائي تنھنجو ڳاڻيٽو (شمار) انھن ماڻھن ۾ ٿئي ٿو جيڪي اسان تي گريو ۽ زاري (عزاداري) ڪن ٿا ۽ جيڪي ماڻهون اسان جي خوشيءَ ۾ خوش ٿين ٿا ۽ اسان جي غمي ۾ غمگين ۽ غمزده ٿين ٿا ، تون کي معلوم ھجڻ گھرجي ته تون پنھنجي مرڻ وقت منھنجي آباء ۽ اجداد (ابن ۽ ڏاڏن) کي پنھنجي سيرانديءَ کان پائيندين (يعني تنھنجي موت جي وقت اھي تنھنجي زيارت لاءِ ايندا ۽ تونکي انھن جو ديدار نصيب ٿيندو).

    نوحه خواني ڪرڻ ھڪ قسم جي مدد آھي

    امام علي رضا عليه السلام دعبل کي فرمايو:
    اي دعبل! امام حسين عليه السلام لاءِ مرثيه خواني ڪر جيستائين تون حياتي آھين. تون اسانجو فضائل بيان ڪندڙ ۽ اسان جو مددگار آھين. جيستائين زنده آھين اسانجي مدد ڪرڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪر.
    ھن حديث ۾ پاڻ امام عليه السلام صاف بيان ڪري رھيا آھن ته: امام حسين عليه السلام جي عزاداري لاءِ مرثيه خواني ڪرڻ در اصل اھيان اسان اھل بيت جي نصرت ڪرڻ آھي. نوحه خوان ھميشه اھل بيت جو مددگار ۽ ناصر ھوندو آھي.

    خوشي ۽ ڏک

    امير المؤمنين حضرت امام علي عليه السلام جن فرمائن ٿا:
    بيشڪ الله پاڪ اسان کي زمين وارن منجھان (انسان جي ھدايت جي لاءِ) چونڊيو ۽ اسان لاءِ پيروڪار منتخب ڪيائين جيڪي اسان جي مدد ڪن ٿا ۽ اسان جي خوشيءَ ۾ خوش ۽ ڏک ۽ درد ۾ غمگين رھن ٿا ، اھي پنھنجي جان ۽ مال کي اسان جي خاطر خرچ ڪن ٿا، اھي اسان منجھان آھن ۽ اسان ڏانهن موٽندا ۽ بھشت ۾ اسان سان گڏ ھوندا.

    عزاداري جو ثواب

    امام زين العابدين عليه السلام جن فرمائن ٿا ته:
    جنھن به مؤمن جي اک امام حسين عليه السلام تي اھڙي ريت روئي جو سندس ڳوڙھا وھڻ لڳن ته الله پاڪ سندس ڳوڙھن جي بدلي ان مؤمن کي بھشت جي حجرن (گھرن) منجھان ھڪ حجرو (گھر) عطا ڪندو جنھن ۾ ھون ھميشه رھندو.

    اھل بيت جا مدح خوان

    امام جعفر صادق عليه السلام عبدالله بن حماد بصري کي فرمايو ته:
    مونکي خبر ڏني ويئي آهي ته ڪوفي وارن منجھان ۽ ٻين علائقن مان ڪجھه عورتون پندرهن شعبان جي ڏينهن امام حسين عليه السلام تي گريو ڪرڻ لاءِ حاضر ٿين ٿيون. تن مان ڪجھه شھادت واري واقعي کي بيان ڪن ٿيون ۽ ڪجھه مرثيا ۽ نوحه پڙھن ٿيون.
    حماد بصري جواب ۾ وراڻيو:قربان وڃان جيڪو توھان فرمايو مون پڻ پاڻ ڏٺو آھي.
    امام عليه السلام فرمايو: ان ڪم بابت الله سائينءَ جو شڪريو ادا ڪريان ٿو ۽ انسانن منجھان رب پاڪ ڪجھ اھڙا ماڻھون خلقيا آھن جيڪي اسان جا فضائل ۽ مصائب بيان ڪن ٿا. ۽ اسان جي دشمنن تي لعنت ۽ ڦٽڪار ڪن ٿا ۽ سندن ڪمن کي برو سمجھن ٿا.

    گھرن ۾ مجلسون برپا ڪرڻ

    پنھنجي گھرن ۾ مجلسون برپا ڪرڻ پڻ اھل بيت عليھم السلام جي سنت آهي.
    حضرت امام محمد باقر عليه السلام جن فرمايو:
    ........... پوءِ امام حسين تي گريو ڪريو ۽ پنھنجي گھر وارن کي گريي ڪرڻ جو حڪم ڏيو. ۽ امام حسين عليه السلام جي مجلسن کي گھرن ۾ ۽ سر عام برپا ڪريو ۽ مجلسن ۾ اچڻ وارا ھڪ ٻئي کي امام حسين عليه السلام جي مصيبت تي تسليت عرض ڪن.
    ۽ پاڻ امام محمد باقر عليه السلام پڻ عاشور واري ڏهاڙي مجلس عزا برپا ڪندا ھئا ۽ امام حسين عليه السلام جي مصيبت تي گريو ڪندا ھئا.
    امام محمد مھدي عليه السلام زيارت ناحيه ۾ پنھنجي ڏاڏي امام حسين عليه السلام سان خطاب ڪندي فرمائن ٿا:
    توهان لاءِ اعلي عليين ۾ مجلس ۽ ماتم پڻ برپا ٿيو ۽ بھشت جي حورن پنھنجي چھري ۽ سر تي ماتم ڪيو ۽ آسمان تي رھڻ وارن پڻ گريو ڪيو.

    امام حسين عليه السلام جي مصيبتن تي فرشتن جو ويڻ ۽ فرياد ڪرڻ

    امام حسين عليه السلام جي شھادت جھڙي مصيبت تي فرياد ۽ ويڻ ڪرڻ ھڪ تمام وڏو ثواب رکي ٿو.
    علل الشرائع ڪتاب ۾ مسند، ابن حمزه ثمالي کان روايت ڪري ٿو ته امام محمد باقر عليه السلام جن فرمايو ته:
    جنهن وقت منھنجي ڏاڏي حسين عليه السلام کي قتل ڪيو ويو ته فرشتن الله پاڪ جي بارگاهه ۾ گريو ڪيو ، ۽ فرياد ۽ ويڻ ڪيا.

    حضرت امام علي عليه السلام جو گريو ڪرڻ

    حضرت امام علي عليه السلام ڪيترائي ڀيرا پنھنجي پٽ امام حسين عليه السلام تي گريو ڪيو ، جڏھن پاڻ عليه السلام صفين ڏانھن وڃي رھيا ھئا ته سندن گذر ڪربلا کان ٿيو ، جڏهن ڪربلا جي سرزمين تي پھتا ته تمام گھڻو گريو ڪيائون ايستائين جو سندن ڳوڙھا سيني مبارڪ تي ڪرڻ لڳا ۽ پاڻ فرمايائون: ھائي ھائي!
    مونکي آل سفيان سان ڪھڙو ڪم ؟ مونکي شيطاني ٽولي ۽ ڪفر جي سرواڻن سان ڪھڙو ڪم ؟ اي ابا عبدالله! صبر ڪر جيڪو ظلم مون ٽولي کان ڏٺو آهي تون به ڏسندين.
    حضرت امام علي عليه السلام صفين ڏانھن سفر ڪرڻ وقت جڏهن نينوا جي سرزمين تي پھتا ته پاڻ ان جاءِ جو نالو پڇيائون ، صحابين عرض ڪيو ته: ھن سرزمين جو نالو ڪربلا آهي. امام عليه السلام ان زمين کي ڏسندي ايتري قدر گريو ڪيو جو سندن اک به آليون ٿي ويون،
    پوءِ پاڻ فرمايائون: جيڪو به اسان لاءِ گريو ڪري يا اسان جي ڏک ۾ ھڪ ڳوڙھو وھائي الله سندس ڳوڙھن جي اجر ۾ کيس بھشت عطا ڪندو.

    محشر جي ميدان ۾ سائڻ فاطمہ الزهراء سلام الله عليھا جي عزاداري

    سائڻ صديقه طاهره جو محشر جي ميدان ۾ مخصوص طريقي سان اچڻ امام حسين عليه السلام جي عزاداري کي برپا ڪرڻ لاءِ ھڪ پختو ۽ محڪم دليل آھي ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم ۽ سندن اھل بيت جي پيروي پڻ آھي. حقيقت ۾ امام حسين عليه السلام جي مجلسن کي برپا ڪرڻ اھل بيت جي پيروي آهي.
    علي بن شافعي مغازلي ، ابو احمد عامر کان ۽ عامر حضرت علي بن موسي الرضا ۽ امام پنھنجي ڏاڏي امير المؤمنين حضرت امام علي عليه السلام ۽ امير المؤمنين نبي سائينءَ کان روايت نقل ڪن ٿا ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو:
    منھنجي ڌيءَ فاطمه الزهراء پنھنجي پٽ امام حسين عليه السلام جو رت ڀريل لباس کڻي محشر جي ميدان ۾ ايندي. ان وقت عرش جي پائي کي پڪڙي فرياد ڪندي اي عادل ۽ جبار! منھنجي ۽ منھنجي پٽ جي قاتلن جي وچ ۾ انصاف ڪر! ڪعبي جي رب پاڪ جو قسم! الله منھنجي ڌيءَ جي حق ۾ انصاف ڪندو.

    hzaheer145@gmail.com
     

اس صفحے کی تشہیر