سنڌ جي ”ايڪتا“ جا ٽي سال!

ايڪتا جي سڏ کي هيءُ ٽيون سال آهي. جنهن سڏ ڏنو، سنڌ ان جي سڏ کي اهڙي مثالي انداز ۾ ورنايو، جو رڳو پاڪستان ئي نه، پر سموري دنيا حيران رهجي وئي ته اسان جي ثقافت ۾ ڪيتري قوت آهي، جو جڏهن اسان جي ثقافت تي چٿر ٿي ته اسان بنا ڪنهن پارٽي فرق جي، بنا ڪنهن حيثيت واري فرق جي ايئن گڏ ٿي وياسين، جيئن هٿ جون آڱريون ننڍيون وڏيون هجڻ باوجود جڏهن گڏ ٿينديون آهن ته انهن ۾ ڪو به فرق ناهي رهندو. ثقافتي طور تي هڪٻئي سان جڙڻ تي اسان کي ته انتهائي خوشي ٿي، پر اسان جي ان جڙڻ سان سنڌ جي مخالفن کي خوف ورائي ويو، جيڪي سازشون ڪندا پيا اچن ته ان گڏيل طاقت کي ڪيئن ورهائجي؟
هر قوم جي هڪ الڳ پنهنجي تهذيبي حيثيت هوندي آهي. انهيءَ تهذيبي حيثيت جا ڪجهه پاسا ٻين تهذيبن سان به ملندا جُلندا آهن. پر هر قوم جي تهذيبي ۽ ثقافتي شخصيت جون ڪجهه اهڙيون انفرادي خاصيتون هونديون آهن، جيڪي انهيءَ قوم کي يا انهيءَ قوم جي تهذيب ۽ ثقافت کي ٻين قومن ۽ ثقافتن کان بلڪل الڳ مقام بخشينديون آهن، ۽ اها ئي اصل ڳالهه ۽ اصل سبب آهي جو هر قوم جي تهذيب ۽ ثقافت پنهنجي انفرادي خاصيتن جي ڪري سڃاتي ويندي آهي. حقيقت اها آهي ته حڪمران طبقن جي زوريءَ مسلط ڪيل درسن ۽ نصابن سدائين اسان کي اسان جي ثقافت کان محروم رکڻ جو ڪوششون پئي ڪيون آهن.
ثقافت آهي ڇا؟ جيڪڏهن انهيءَ سوال جو جواب ڳوليون ٿا ته اهو سفر ائين شروع ٿيو ته انسان پيدا ٿيندي ئي ڪجهه اهڙيون ضرورتون پاڻ سان کڻي آيو، جن کي پورو ڪرڻ ئي هن جي هجڻ جي لاءِ لازمي شرط هيو ۽ اهڙي طرح بنيادي ضرورتن جي پورائي ۽ سڃاڻپ پيدا ڪرڻ واري عمل دوران ثقافت جنم ورتو ۽ انسان اشرف المخلوقات بڻجندو ويو.
اسان جي سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جا هونئن ته کوڙ سارا اهڃاڻ آهن جن ۾ اسان وڏي فخر سان موهن جي دڙي جي آثارن کي شامل ڪندا آهيون ۽ اها حقيقت به آهي ته اسان سنڌي تمام گهڻي آڳاٽي زماني کان تهذيب يافته آهيون ۽ پنهنجي ثقافتي ورثي سان پيار ڪندا رهيا آهيون، جنهن جي سبب ئي اڄ تائين اسان ۾ ثقافتي بنيادي شيون اڃان تائين زنده آهن. جن ۾ سڀ کان اڳ ۾ اسان اجرڪ ڳڻائي سگهون ٿا، جيڪو پنج هزار سال اڳ مهين جي دڙي جي ڪنگ پريسٽ جي ڪُلهي تي به نظر اچي ٿو. ثقافت جي اهڃاڻن ۾ پوشاڪ هڪ وڏو ثقافتي اهڃاڻ هجي ٿي، ته اسان جي سنڌ جي پوشاڪ يا لباس ۾ اسان جي ثقافت جو وڏو اهڃاڻ اجرڪ ۽ پوءِ سنڌي ٽوپي آهن. ڇو ته لباس هڪ اهڙي شيءِ آهي، جنهن کي ڏسڻ سان ئي سمجهي وڃبو آهي ته هي ڪهڙي علائقي يا قوم جو ماڻهو آهي. يعني ثقافت سڃاڻپ ڏيئي ٿي ۽ اُها انهيءَ خطي يا علائقي جي قوم جي اجتماعي سڃاڻپ هجي ٿي، جنهن جي لاءِ اختصار ۾ تشريح ڪندي چيو ويو آهي ته ڪنهن به معاشري جي بامقصد تخليقن ۽ سماجي قدري جي نظام کي تهذيب، ثقافت يا ڪلچر چئجي ٿو. ڪلچر يا ثقافت معاشري جي زندگيءَ ۽ فڪري احساس جو جوهر هوندي آهي. انڪري زبان، رهڻي ڪهڻي، پوشاڪ، پيداوار جي طريقن، سماجي رشتن، فنون لطيفه، عقيدن، اخلاق، عادتن، رسمن، روايتن، عشق محبت جي داستانن ۽ خانداني تعلقن کي تهذيب، ثقافت يا ڪلچر چئجي ٿو. ذڪر ڪري آياسين سنڌ جي ثقافتي اهڃاڻن ۾ پوشاڪ جو، جنهن ۾ سنڌي ثقافت جو سڀ کان پهريون ۽ سڄي دنيا ۾ منفرد اهڃاڻ اجرڪ جو ملي ٿو. اها تسليم ٿيل حقيقت آهي ته اسان پنهنجي فطري ماحول کان متاثر ٿيندي ڪي خانا ٺاهيا ۽ پنهنجي آس پاس رنگن کي ڏسندي انهن خانن ۾ رنگ ڀريا ۽ رنگن جي نظام کي ترتيب ڏنو. چيو ٿو وڃي ته اجرڪ جي سلسلي ۾ رنگن جي ترتيب به انسان جي انهيءَ بنيادي ۽ فطري خواهش تحت ٿي، ۽ سونهن جي اها جستجو اجرڪ جي شڪل ۾ بتدريج ترقي ڪندي ۽ وڌندي موجوده منزل تي پهتي آهي.
اجرڪ، سنڌي ٽوپيءَ سان گڏ سنڌ جي ثقافت جو اهڙو اهڃاڻ آهي، جنهن کي سموري دنيا ۾ تمام وڏي انفراديت حاصل آهي، ڇو ته اهڙو ڪپڙو دنيا جي ڪنهن به ثقافتي پوشاڪ ۾ نظر نٿو اچي. عام طور تي اجرڪ اسان سياري يا اونهاري ۾ مٿان اوڍڻ لاءِ به ڪم آڻيندا آهيون ۽ سفر ۾ جيڪڏهن ساڻ هجي ته ڄڻ سوغات سمجهيو ويندو آهي. سنڌي ماڻهو اجرڪ جو پٽڪو به ٻڌندا آهن ۽ ويجهي ماضيءَ ۾ علڻ فقير اجرڪ جو پٽڪو ٻڌڻ وارو سنڌ جو نرالو ڪردار رهيو آهي. ڪچهرين ۾ اجرڪ ڪانڀ ڪڍي ويهڻ لاءِ به سنڌي اڃا تائين استعمال ڪن ٿا. خاص طور تي سياري جي هن موسم ۾ جڏهن مچ تي ڪچهريون ڪيون وڃن ٿيون. اجرڪ نه صرف ثقافتي طور سنڌ جي مرد جي سڃاڻپ رهيو آهي، پر سنڌ جي عورت به اجرڪ کي پنهنجي لاءِ پائيندي آهي ۽ محنت ڪش ٻهراڙيءَ جون عورتون فصل جي چونڊي وقت اجرڪ جو ڪانڀو ٻڌنديون آهن، يا انهيءَ ۾ پنهنجي ابهم ٻارڙي کي کڻي ٻني ٻاري جو ڪم ڪنديون آهن. ان کانسواءِ سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪو سٺو ساراهڻ جوڳو ڪم ڪندو آهي ته ان کي به اجرڪ اعزاز طور پارايو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن پاران عورت کي نياڻي يا ڀيڻ ڪري سڏيو ويندو آهي ته ان کي به عزت طور اجرڪ اوڍايو ويندو آهي. اهڙي طرح اجرڪ جهڙو ثقافتي اهڃاڻ وارو رواج اسان کي سڄي دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ملي ۽ چئي سگهجي ٿو ته اجرڪ دنيا ۾ سنڌ جوUnique قسم جو ثقافتي اهڃاڻ آهي.
سنڌي ٽوپي به سنڌي ثقافت جو هڪ اهڙو ئي حصو آهي. سنڌ جي شادي مرادي ۾ ڳاني جي رسم يا لانئن وقت سنڌ جي گهوٽ لاءِ سنڌي ٽوپي اجرڪ سان گڏ تمام گهڻي لازمي ۽ سونهن جو اهڃاڻ سمجهي ويندي آهي. اهو به ذڪر ڪندو هلجي ته ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۾ ٽوپي کانسواءِ مٿي اگهاڙو گهمڻ کي خراب شمار ڪيو ويندو هيو ۽ چار وڏڙا گڏجي اهڙي نوجوان کي ٽوپي پائي مٿو ڍڪي هلڻ جي هدايت ڪندا هئا. اهي سڀئي ڳالهيون ۽ ٻيا اهڙا کوڙ سارا مثال ظاهر ٿا ڪن ته اسان وٽ سنڌي ٽوپيءَ جي پائڻ جي ڪيتري قدر قيمت هئي. اسان جي سنڌي ٽوپيءَ جي ٺاهڻ جو فن هن وقت ايترو ته مشهور ٿي چڪو آهي. جو هن وقت اوهان کي سنڌ جي تقريبن سڀني وڏن ننڍن شهرن ۾ سنڌي ٽوپيءَ جا الڳ دڪاندار ملندا، جيڪي نه رڳو پنهنجي علائقي ۾ ٽوپيءَ جو ڪاروبار ڪن ٿا، پر هو سنڌي ٽوپيءَ جو واپار پاڪستان جي خيبر پختونخوا، پنجاب ۽ بلوچستان صوبن تائين ڪن ٿا.
 
Top