رمضان شريف عظمتن، فضيلتن، ء بخشش جو مھينو

سردار ظھير حسين ملوڪاڻي نے 'سندھی فورم' کی ذیل میں اس موضوع کا آغاز کیا، ‏اپریل 26, 2020

  1. سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

    سردار ظھير حسين ملوڪاڻي محفلین

    مراسلے:
    35
    رمضان شريف عظمتن فضيلتن ء بخشش جو مھينو

    تحرير سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

    اي ايمان وارو توھان تي روزا فرض ڪيا ويا آھن، جيئن توھان کان پھرين واري امتن تي فرض ڪيا ويا ھئا. تاڪي توھان پرھيزگار ٿي وڃو. ھي روزا ڪجھ ڏينھن لاء آھن. پر انھي کانپوء بہ جيڪو شخص بيمار آھي، يا سفر م آھي، تہ اوترائي ڏينھن ٻئي ڪنھن وقت رکي. ء جيڪي ماڻھون سختي ء اھنج جي صورت م روزا نٿا رکي سگھن، تہ اھي ھڪ مسڪين کي کاڌو کارائين. ء جيڪڏھن پنھنجي طرفان وڌيڪ نيڪي ڪن تہ تما سٺو آھي. ليڪن روزا رکڻ توھان لاء بھتر آھي. جيڪڏھن توھان ڄاڻيندڙ آھيو، تہ رمضان جو مھينو اھو مھينو آھي. جنھن م قران شريف نازل ڪيو ويو، جيڪو انسانن لاء ھدايت آھي. ء ان م ھدايت، حق، ء باطل جو نشانيون موجود آھن. انھي ڪري جيڪو بہ ان مھيني م حاضر ھجي، انھي جو فرض آھي، تہ روزا رکي ء جيڪو شخص(انھي وقت مريض يا مسافر ھجي، اھو اوترائين روزا ڪنھن ٻئي وقت رکي، رب پاڪ اوھان لاء آساني کي پسند ڪري ٿو، نہ ڪي مشقت کي. ء ايترن ڏھاڙن جو حڪم انھي لاء آھي، تہ توھان عدد پورو ڪيو، ء اللہ جي ڏنل ھدايت جو اقرار ڪريو، ء شاھد توھان اھڙي طرح سان شڪر گذار ٿي وڃو.
    سورہ بقرہ آيت نمبر 183-185
    رمضان شريف عظمتن ء فضيلتن وارو مھينو آھي. ھي اھو مھينو آھي، جنھن م اللہ تعالي جو نعمتون ء برڪتون نازل ٿينديون آھن. ھي اھو مھينو آھي، جنھن م اللہ تعالي پنھنجي پيارن ٻانھن سان واعدو ڪيو آھي، تہ مان توھان جي ھر نيڪ دعا پنھنجي بارگاھ الھي م قبول ڪندس. ھي اھو مھينو آھي، جنھن م انسان چاھي، تہ دنيا ء آخرت جون تمام نيڪيون حاصل ڪري سگھي ٿو. ھي اھو مھينو آھي، جنھن م اگر ڪو انسان چاھي، تہ اعلي يعني بلندي واري منزل تي پھچي سگھي ٿو. ء پنجاء سالن جو روحاني سفر ھڪ ڏينھن يا ھڪ ڪلاڪ م حاصل ڪري سگھي ٿو. ھي اھو مھينو آھي، جنھن م انسان چاھي، تہ پنھنجي اصلاح ء پنھنجي نفس امارہ تي ڪنٽرول ڪري سگھي ٿو. ء خوش نصيب آھن، اھي انسان جنھن جي زندگي م ھڪ دفعو وري رمضان شريف آيو. ء اگر ڪو انسان غور فڪر ڪندو، تہ ھي مھينو اللہ تعالي جو ھڪ خاص تحفو آھي، جيڪو اللہ تعالي انسان کي ٻيھر عطا ڪيو آھي، تاڪي منھنجو پيارو ٻانھون منھنجي اڳيان جھڪي ء نياز نوڙت سان پنھنجي گناھن جي بخشش ڪرائي سگھي. ء پنھنجي آخرت لاء ھن دنيا م نيڪيون گڏ ڪري سگھي. نہ تہ ڪنھن اھڙا انسان ھئا، جیڪي گذريل رمضان م اسان سان گڏ ھئا، لیڪن اڄ اھي انسان اسان سان گڏ نہ آھن. ھن با برڪت مھيني جي فضيلتن ء عظمتن جي قدر ء قيمت کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪيو، تاڪي اسان انھن مان خوب فائدو حاصل ڪري سگھون نہ تہ ڪنھن کي پنھنجي زندگي تي بر وسو آھي، تہ آئندہ اھڙو موقعو ملي الھي نہ. جيئن لطيف سرڪار جو ھڪ بيت آھي. پوکڻي اٿئی پوک نہ تہ ويندي مد چڙھي، لڙندو سارو لوڪ سڪندي ھڪ سنگھ لاء. رمضان شريف عبادت ء اللہ تعالي کي پاڏائڻ جو مھينو آھي. ھن مھيني جي باري م امام جعفر صادق فرمائن ٿا، تہ ھن مھيني جي باري م اللہ تعالي فرمائن ٿا. اي منھنجا نيڪ ٻانھون ھن دنيا م منھنجي عبادت جھڙي نعمت مان فائدو حاصل ڪيو، ء دنيا جي عبادت جي ڪري آخرت جي نعمتن کي حاصل ڪري سگھون. مطلب تہ، اگر ڪو انسان آخرت جي نعمتن کي حاصل ڪرڻ جو خواھشمند آھي، تہ اھو انسان ھن دنيا م منھنجي عبادتن کي انجام ڏئي. اگر توھان منھنجي نعمتن جو ھن دنيا م قدر نہ ڪندو، تہ مان توھان کي آخرت جي نعمتن کان محروم رکندس. اللہ تعالي جي بيشمار نعمتن مان ھڪ نعمت رمضان شريف جا روزا آھن. اگر ڪو انسان ھن دنيا م پروردگار جي حڪم کي لبيڪ چوندو، ء رمضان شريف جا روزا رکڻ شروع ڪندو. بک ء اڄ م صبر ڪندو، تہ جڏھن اھو شخص جنت م داخل ٿيندو. تہ آواز قدرت ايندي ھاڻ آرام سان ويھي ڪري کائو ء پيو. ڇوجو توھان پنھنجي زندگي م انھن نعمتن جو خود بندوبست ڪيو آھي، رمضان شريف جو ھر ڏينھن ء ھر رات انسان لاء اللہ تعالي جي ھڪ خاص نعمت آھي، جنھن جو ھر وقت انسان کي اللہ تعالي جو شڪريو ادا ڪرڻ گھرجي. ليڪن ھت ھڪ سوال پيدا ٿي ٿو، تہ ھن با برڪت مھيني ء ھن مھيني م ڏنل نعمتن ء برڪتن جو شڪريو ادا ڪيئن ڪنجي؟ پر انھي سوال جو جواب بہ امام جعفر صادق عليہ السلام پنھنجي حيات زندگي م ڏنو آھي، جنھن بہ انسان صبح سوير اٿڻ مھل چار دفعا چيو،(الحمد للہ رب العالمين) تہ ان شخص ڏينھن جو شڪريو ادا ڪيو. جنھن وري اھيي ساڳيا جملا رات جو چيا، تہ ان شخص رات جو شڪريو ادا ڪيو. ڪيترو تہ آسان طريقو امام عليہ السلام ٻدايو آھي. ء ھن مھيني م تہ ھر عمل ڏھن نيڪين ڪرڻ جي برابر آھي، يعني ھڪ کي انجام ڏيڻ سان انسان کي ڏھن نيڪين جي برابر اجر ء ثواب ملندو. وري امام علي رضا عليہ السلام فرمائن ٿا، جنھن شخص ھن مھيني م ھڪ آيت جي تلاوت ڪئي، تہ ان آيت جي تلاوت جو ثواب ء اجر ايترو آھي، جيترو ٻين مھينن م پوري قران شريف پڙھڻ جو آھي. رسول اڪرم ھن با برڪت مھيني جي فضيلت جي باري م فرمائن ٿا، ھي مبارڪ مھينو عظمتن وارو مھينو آھي، جنھن م اللہ تعالي ھر نيڪي کي ٻن نيڪين جي برابر ڪري ٿو. ء ھن مھيني م اللہ تعالي تمام گناھن کي ختم ڪري ٿو، ء درجات خير کي بلند ڪري ٿو. بس انسان کي گھرجي تہ جيڪا بہ نيڪي ڪري ھن با برڪت مھيني م ڪري، جيڪو بہ انسان صدقو ء خيرات ڏيڻ چاھي ٿو، ھن با برڪت مھيني م صدقي ء خيرات کي ان جي مستحق افرادن تائين پھچائي. ء ھر خير واري ڪم م سستي نہ ڪنجي. جيئن امام علي عليہ السلام فرمائن ٿا، اي انسان تو وٽ فقط ٽي ئي تہ ڏينھن آھن، ھڪ ڪلھ وارو ڏينھن جيڪو گذري چڪو آھي، جنھن کي تون چاھي تڏھن بہ واپس نٿو آڻي سگھي. ء ھڪ اچڻ وارو ڏينھن، يعني صبح وارو ڏينھن، ان ڏينھن جي بہ ڪنھن کي خبر نہ آھي الھي حياتي رھين الھي نہ، باقي تون وٽ بچي ٿو، اڃ وارو ڏينھن، تہ جيڪو بہ ڪرڻو اٿئي اڄ ڪر. اگر ڪنھن غريب جي مدد ڪرڻي اٿئي، تہ اڃ ڪر. اگر ڪنھن کي صدقو ء خيرات ڏيڻي اٿئي، تہ اڃ ڏي. اگر ان وقت تائين نماز نہ پڙھي اٿئي، تہ ھن با فضيلت مھيني م نماز پڙھ. ء خدا وند متعال جي اڳيان نياز ء نوڙت ڪري پنھنجي ڪيل گناھن جي بخشش ڪرائي. ھي مھينو دعائن جي مقبوليت وارو مھينو آھي. ء ھي مھينو بخشش جو مھينو آھي.
    آخر م اھيا دعا ٿا ڪريون، تہ يا اللہ اسانکي ھن مھيني جا سڀ روزا رکڻ جي توفيق عطا ڪر.
     

اس صفحے کی تشہیر