امام علي ع غير مسلم دانشورن جي نظر م ء سندس شھادت

سردار ظھير حسين ملوڪاڻي نے 'سندھی فورم' کی ذیل میں اس موضوع کا آغاز کیا، ‏مئی 15, 2020

  1. سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

    سردار ظھير حسين ملوڪاڻي محفلین

    مراسلے:
    35
    اڄوڪي حق سچ نيوز اخبار م چپيل منھنجو مضمون
    15/5/2020


    امام علي(ع) غير مسلم دانشورن جي نظر م، ء سندس شھادت

    سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

    ھن پوري سنسار م اھڙي ڪا شخصيت نہ آھي، جيڪا اديبن، شعرائن، مفڪرين، ء دانشورن جي فڪر ڪرڻ ء (ڌيان) جو مرڪز بڻي ھجي. ھن پوري دنيا م حضرت امام علي عليہ السلام جي ھڪ اھڙي ذات آھي. جنھن جي شخصيت ء سيرت کي لکڻ ء بيان ڪرڻ وقت، ليکڪن پنھنجي قلمن جون مسون کٽائي چڏيون. ء ھن دور جي مختلف مذھبن ء ڌرمن سان تعلق رکندڙ شعرائن، مفڪرن، ء دانشورن، حضرت امام علي عليہ السلام جي زندگي تي کوڙ ساريون تحريرون ء وري ڪن انسانن سندس زندگي تي ڪافي ساريون تصنيفات بہ لکيون آھن. پر اڃا تائین ڪو انسان سندس زندگي تي مڪمل نہ لکي سگھيو آھي، نہ ئي وري ڪنھن اھڙي قسم جي ڪا دعوا ڪئي آھي. البت ھي ڪا اچرج م پوڻ جھڙي ڳالھ نہ آھي. بلڪي حضرت امام علي عليہ السلام جي سڄي زندگي م ھميشہ عدل ء انصاف ڪرڻ جو ڏيک ملي ٿو. ء جنھن بہ جنگ م سندس منھن اڏائي ڪنھن فاسق يا وري ڪنھن اسلام جي دشمن سا ٿئي آھي، انھن بہ سندس خلوص ء انسان دوستي کي بيان ڪيو آھي. برحال امام علي عليہ السلام جا ڪمالات ء سندس فضائل ايترا وڏا ء بلند آھن. جو وڏن جبلن جون چوٽيون بہ سندس ڪمالات جي اڳيان ننڍيون ڏسڻ م اينديون. جيئن رسول اڪرم فرمائن ٿا. اي علي ابن ابي طالب اللہ جي حق کي مون ء توھان جي علاوہ ڪنھن نہ سڃاتو آھي، تنھنجي حق کي مونکان ء اللہ کان علاوہ ڪير نٿو سڃاڻي سگھي.
    جتي امام علي عليہ السلام جي پنھنجن پوئلڳن سندس عظمتن ء فضيلت تي تحريرون ء تصنيفات لکيون آھن. اتي وري اگر اسان تاريخ جو پروڙ ڪنداسين، تہ کوڙ سارا اسانکي اھڙا انسان ملندا جيڪي دين اسلام جا تہ پيروڪار نہ ھئا. پر امام علي عليہ السلام جي نياڪاري زندگي کان ڏاڍو اثرائتا ٿيان. ء ھن دنيا جي غير مسلم دانشورن، اديبن، محققن، موريخين، پنھنجي مختلف تصنيفات ء تحريرن م امام علي عليہ السلام جي ذڪر جو تات ڄاڻايو آھي.


    ھتي ڪجھ غير مسلمن دانشورن، محققن ء شعراعن جا ڪجھ بيان ذڪر ڪجن ٿا.

    بارون کارد ايفو ( فرانسي دانشور)
    جنھن امام علي عليہ السلام جي باري م لکيو. تہ امام علي عليہ السلام ڪارنامن کي انجام ڏيڻ سان علي نہ بڻيو. بلڪي امام علي عليہ السلام سان ڪارناما وجود م آيا. ان جا اعمال خد ان جي فڪر ء محبت ڪرڻ جو ڦل آھن. پاڻ اھڙا پھلوان ھئا، جیڪي دشمن تي آڳانجھائي (غلبو) حاصل ڪرڻ جي با وجود، بہ انھن نرمي واري لھجي سان پيش ايندا ھئا. ء ھون دنياوي مال سان بلڪل لاڙو نہ رکندا ھئا. ء حقيقت م ان پنھنجي جان بہ قربان ڪري چڏي. ھو ھڪ گھري روح رکندا ھئا، جنھن جي پيڙھ جي گھرائي تائین ڪو انسان نہ پھچي سگھندو. ء پاڻ ھر وقت خوف الھي رکندا ھئا.

    جرجي زيڊان jurji zaydan ( عربي دانشور ء ناولسٽ)
    جنھن لکيو تہ. ميم ء سندس حمايتن پنھنجي اپت (مفاد) لاء ڪنھن بہ بچڙي ڪاريہ کي انجام ڏيڻ کان پاسو نہ ڪيو. ليڪن ان جڳھ تي وري حضرت علي ء سندس پوئلڳن صراط مستقيم ء حق جي دفاع ڪرڻ م ڪڏھن ڪنايو نہ ڪيو.

    ايليا پاولوويچ پطرو شفسکي Ilya pavlovich petrushevsky ( روسي مورخ)
    جنھن امام علي عليہ السلام جي باري م لکيو. تہ حضرت علي عليہ السلام رسول اڪرم جو تربيت يافتہ انسان ھو. ء پاڻ دين اسلام سان بي حد وفادار ء مخلص ھئا. پاڻ عشق جي آخري چيڙي تائین دين اسلام جا پابند ھئا. ھو سچو انسان ء ء امين شخص ھو. ان جي وجود م اولياء اللہ ٿيڻ جون تمام خصلتون موجود ھيون.

    جرج جرداق George jardac (معروف ء مشھور مسيحي مصنف)
    جنھن لکيو. تہ تاريخ ء حقيقت تمام انسانن لاء ھڪ جھڙي آھي. پوء ڀلي ڪير حضرت امام علي عليہ السلام کي سڄاڻي يا نہ سڄاڻي. تاريخ ء حقيقت انسانن کي خد گواھي ڏئي رھي آھي، تہ حضرت امام علي جو ضمير زندا ء سجاڳ ھو. پاڻ اللہ جي راھ م شھيد ٿيا، پاڻ شھيدن جا جد ھئا، ء مشرق م ھميشہ زندا رھڻ واري شخصيت آھن.

    جانين (شاعر جرمني)
    جنھن امام علي علي عليہ السلام جي باري م چيو. تہ حضرت علي عليہ السلام کي دوست رکڻ ء ان تي جانثار ٿي وڃڻ کان سواء مون وٽ ٻئي ڪا بہ واٽ نہ آھي. ان ڪري جو پاڻ شريف النفس، ء اتم درجي جا جوان ھئا. ان جو روح پاڪ ھو. جيڪو مھرباني ڪرڻ ء نيڪي ڪرڻ سا ڀريل ھو. ان جو دل جذبہ قرباني ء محبت ڪرڻ سان تارو تار ھئي. ء پاڻ ھڪ شينھن کان بہ وڌيڪ جرائت ڀريا ء بھادر جوان ھئا، ليڪن اھڙي سورھيہ انسان جي دل دليري سان گڏو گڏ الفت ڪرڻ، مھرباني ڪرڻ پڻ سان ڳنڍيل ھئي.

    پولس سلامہ poul salama ( مسيحي اديب ء شاعر)
    جنھن چيو تہ. بيشڪ مان ھڪ مسيحي آھيان. منھنجي طاقت گھٽ آھي. ليڪن مان تنگ نظر نہ آھيان. مان خد تہ، مسيح آھيان. ليڪن مان ھڪ اھڙي شخص جي ڳالھ ڪرڻ چاھيان ٿو. جنھن جي باري م اھيو مشھور آھي، تہ ان شخص کان اللہ تعالي راضي آھي. ء پاڪائي ان شخص سان گڏ آھي. شاھد خدا بہ ان شخص جو احترام ڪندو ھجي. ء اسان مسيحي برادري پنھنجي اجتماعات جو سخن موضوع ان شخص کي قرار ڏيو ٿا. ء ان جي فرمانن کي پنھنجي لاء نمونہ عمل سمجھون ٿا. ء ان جي دينداري جي پيروي ڪريون ٿا.

    ميڊم ڊيالفو madame dyalfv
    جنھن امام علي عليہ جي باري م لکيو. تہ پاڻ اسلام جي سر بلندي لاء ھميشہ مظلومن جو ساٿ ڏنو. ء شھادت حاصل ڪيائون. امام علي اھا با عظمت شخصيت آھن. جنھن انھن تمام بتن کي ٽوڙي چڏيو، جن بتن کي عرب خدا جو شريڪ ڪر مڃيندا ھئا. ء انھي طرح سان پاڻ خدا کي اڪيلو ڪري مڃڻ ء توحيد پرستي جي تبليغ ڪندا ھئا.

    نرسيسان (عيسائي عالم)
    جنھن امام علي عليہ السلام جي باري م چيو. اگر مان ھڪ مثال ڏيان، تہ اڄ بہ اگر دنيا جو مانوار خطيب (امام علي عليہ السلام) ڪوفي جي مسجد جي ميمبر تي اچي خطبو ڏين، تہ مسجد ڪوفہ پنھنجي تمام تر وسعت جي باوجود بہ يورپ جي تمام رھبرن ء علمائن سان بلڪل ڀرجي ويندي. ھي رھبر ء علماء ان ڪري ايندا، تہ ھون پنھنجي علم جي اڃ (پياس) علم جي شھر مان حاصل ڪري سگھن.

    امام علي عليہ السلام جي شھادت

    جنگ نھروان جي ڇيھ ٿيڻ کان بعد م. خوارج مان ڪجھ ماڻھن، جنھن منجھ عبد الرحمن ابن ملجم، مبرڪ بن عبد اللہ تميمي، ء عمر بن بڪر تميمي، انھن ٽنھين شخصن ھڪ رات ھڪ جڳھ تي جرڳو ڪوٺايو، ء جنگ نھروان م سندن ماريل ساٿين کي ياد ڪرڻ لڳا، ان وقت جي حالاتن ء جنگ نھروان جي باري م تبادلہ خيال ڪيو. آخر م اھيي ٽئي شخص ان نتيجي تي پھتا، تہ جنگ نھروان م قتل، ء اجڙ جي وجھ امام علي عليہ السلام، معاويہ، ء عمر عاص آھن. اگر انھن ٽنھين شخصن کي قتل ڪيو وڃي، تہ تمام مسلمان پنھنجا مسئلا پنھنجي وچ م سلجھائی وٺندا. ء پاڻ منھنجا ھر ھڪ، انھن ٽنھين منھنجا ھڪ ھڪ کي قتل عام ڪندو. ابن ملجم امام علي عليہ السلام کي قتل ڪرڻ جو وچن ڪيو، سن ۴۰ ھجري ۱۹ رمضان المبارڪ جي رات ڪجھ ماڻھون ساڻ ڪري اچي مسجد ڪوفہ م ويٺو. ان رات امام علي عليہ السلام، پنھنجي پياري نياڻي ام ڪلثوم وٽ مھمان ھئا. روايت م ملي ٿو، تہ پاڻ سڄي رات سجاڳ ھئا، ء ڪافي مرتبہ ڪمري کان ٻاھر اچي ڪري، آسمان جي طرف نظر ڪندي پاڻ فرمائندا ھئا. خدا جي قسم مان ڪوڙ نٿو چوان، ء نہ ئي مونکي ڪوڙ چيو ويو آھي، ھي اھا رات آھي جنھن م مونکي شھادت جو وچن ڏنو ويو آھي. المختصر. پاڻ فجر جي نماز ادا ڪرڻ لاء ڪوفي جي جامعہ مسجد م داخل ٿيا، ء مسجد م ستل افرادن کي نماز فجر پڙھڻ لاء سجاڳ ڪيو، پاڻ خود امام عليہ السلام عبد الرحمن اب ملجم مرادي کي نماز فجر ادا ڪرڻ لاء اٿاريو. پاڻ جڏھن مسجد جي معراب م داخل ٿيا، ء نماز ادا ڪرڻ شروع ڪئي، پھرين سجدي مان سر کڻڻ وقت شبث ابن بجرہ تلوار سان حملو ڪيو، مگر اھا تلوار معراب جي طاق کي وڃي لڳي. ان کان بعد م عبد الرحمن ابن ملجم معلون، پنھنجي تلوار سان امام عليہ السلام تي حملو ڪيو، ء حضرت امام علي عليہ السلام جو سر سجدي جي حالت م زخمي ٿيو. ء امام عليہ السلام جي سر مان رت وھڻ شروع ٿيو، امام عليہ السلام جي ڏاڙھي مبارڪ ء مسجد جو معراب سندس خون سان رنگجي ويو. ء امام عليہ السلام ان حالت م فرمايو، ڪعبي جي رب جي قسم مان اڄ ڪامياب ٿي ويس. ان کان بعد م پاڻ سورہ طہ جي ھن آيت جي تلاوت ڪرڻ شروع ڪئي. اسان توھان کي خاڪ مان پيدا ڪيو آھي، ء انھي خاڪ م واپس موٽائینداسين، ء وري انھي خاڪ مان توھانکي ٻھير زندا ڪنداسين.
    پاڻ پنھنجي آخري لمحن م بہ ماڻھن جي اصلاح ء اچائي جي طرف متوجھ ھئا، پاڻ امام عليہ السلام پنھنجي پٽن، مائٽن، ء تمام مسلمانن کي ھن طرح سان وصيت ڪئي. تہ مان توھان کي پرھيز گاري جي وصيت ڪيان ٿو، توھان پنھنجي تمام امورن کي منظم ڪيو، ء ھميشہ مسلمانن جي درميان اصلاح جي فڪر ڪيو، يتيمن کي ڪڏھن بہ نہ وسارجو، پاڙيسڙين جي حقن جي رعايت ڪنجو، قران کي پنھنجو عملي نصاب قرار ڏيو، نماز جي گھڻي قدر ڪيو، ڇو جو ھي توھان جي دين جو ٿنڀ آھي.
    ء سندس رحمدلي ء برابري جو عالم ھي ھو، تہ جڏھن سندس قاتل کي قيد ڪري، امام جي سامھون آندو ويو. تہ امام عليہ السلام ڏٺو تہ ان شخص جي چھري جو رنگ زرد ھو، ء اکڙين مان ڳوڙھا ٽپڪي رھيا ھئا، تہ امام عليہ السلام کي ان شخص تي رحم اچي ويو. ء پاڻ پنھنجي ٻنھي پٽن حضرت امام حسن عليہ السلام، ء امام حسين عليہ السلام، کي فرمايائون، تہ ھي اسانجو قيدي آھي، ان سان ڪنھن قسم جي سختي نہ ڪنجو، ء جيڪو ڪجھ ھي خد کائڻ چاھي، اھو ان کي کارائجو. اگر مان صحتياب ٿي وڃان، تہ مونکي اختيار آھي. تہ مان ھن کي سزا ڏيا، يا ھن کي مان معاف ڪري چڏيان. اگر مان ھن دنيا م نہ رھان تہ پوء اگر توھان ان شخص کان بدلو وٺڻ چاھيو، تہ ھن شخص کي فقط ھڪ ضرب لڳائجو، ان ڪري جو ھن بہ مونکي ھڪ ضربت لڳائی ھئي، ء ھر گز ھن شخص جا ھٿ ء پير قطع نہ ڪنجو، ڇوجو اھيو اسلامي تعليم جي خلاف آھي.
    پاڻ ٻہ ڏينھن بستر بيماري تي رھيا، آخرڪار زھر جو اثر پوري جسم م ڦھلجي ويو، ء ۲۱ رمضان المبارڪ نماز فجر جي وقت سندس روح جسم مان پرواز ڪري وئي. حضرت امام حسن ء امام حسين عليہ السلام، پاڻ امام عليہ السلام کي غسل، ء ڪفن، ڏيڻ کان بعد م، امام عليہ السلام جي جسم اطھر کي عراق جي شھر نجف اشرف م دفن ڪيو.
     

اس صفحے کی تشہیر