آصف صاحب جي سستي سياست ء مايوس عوام

عاشق چانگ

محفلین
سائين اسان جي محترم صدر آصف علي زرداري صاحب جي هي ٻاراڻي سياست سمجھ کان ٻاهر آهي پرسڄي عوام کي مايوس ڪري نه ڃاڻي اسان جو صدر صاحب ڇا ٿو چاهي.
جنهن ملڪ ۾ مخالف ڌر جو ڪردار حڪومت جي ڪمن ڪارن تي ڪُرڙي نظر رکڻ کان سوائي صاف ڪم ڪار جي سارهه ڪرڻ پڻ هن جو اهم ڪم آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته صدر صاحب جي سياست جي ڪري هاڻي اسان جي ملڪ ۾ خير سان ڪا به مخالف ڌر ناهي رهي سڀ ملي ملڪ کي کوڙ ساري پريشانين مان ڪڍي رهيا آهن پر ملڪ جي لاء ڪنهن به نه سوچيو آهي ته آخر ڪار سياست ۾ سڀ ڪجھ ٿئي ٿو پر اهڙو گند نٿو ٿئي جنهن جي ڪري انهن ماڻهن کي مايوس ڪجي جنهن پنهنجو سڀ ڪجھ وڃائي ووٽ ڏنا 12 سالن تائين پريشان رهڻ وارن کان ڪنهن به نه پُڇيو ته توهان جي ٽوپي ڪنهن ڪڏهن لاٿي پر پنهنجي ٽوپي کي بچائڻ لاء اسان عظيم شهيدن جو خون به وساري ڇڏيو حيراني جي ڳالھ اهيا ناهي ته جن ماڻهن مشرف گورمنٽ۾ به کوڙ سارو رت غريب عوام جو پيتو ء اُهي هڪ ڀيرو وري ساڳيا ماڻهو غريب عوام جو رت پئندا جيڪي ماڻهو 12 سال ولوڙجي مس سڌا ٿيا هئاته اهي اڃان مڪمل طور تي اُٿي کڙا به نه ٿيا ته وري ولوڙجڻ لاء تيار ٿيڻ لاء چيو ويو ته آخر ڇو صرف پنهنجي ٽوپي بچائڻ لاء هاڻي وري انهن ماڻهن کي ذهني طور تي اهي ساڳيا ماڻهو پريشان ڪندا جن کي هنن وڏي واقع چيوهو ته هاڻي اوهان جو وارو آءُ هاڻي سي وري مايوسجي ويا چپ چاپ اندر ئي اندر ۾ ولوڙجي رهيا آهن. ته هي ڪهڙي سياست آء جنهن جو ڪو به مطلب ناهي سوائي غريب عوام جي پريشاني جي واه جو شهيدن جو خيال ڪيو ويو آهي
 
Top