آئون ڀونئر هرجائي!

اکبر لاکھو

محفلین
آئون ڀونئر هرجائي
مکڙيءَ مکڙيءَ جو رسُ چوسيان،
سونهن پٺيان سودائي،
مکڙين جي ئي ميڙ ۾ گذريوسارو جيون منهنجو،
وچڙيو آهي سدا ڪنڊن سان ليڪن دامن منهنجو
گهڙيءَ گهڙيءَ مون سوچيو آهي،
مُکڙيءَ مکڙيءَ سان آ ڪنڊو،
ڀونر انهن تي پوءِ به مڙن ٿا،
هن جيون جي ڦلواڙيءَ ۾،
بنا ڪنڊي گُل ڇو نه کڙن ٿا!

شيخ اياز​
 
Top