پھاڙ ۽ جبل

اهو قدرتي پٿرن جو ڍڳ جيڪو هزار فوٽ کان مٿي هجي ته ان کي جبل ڪوٺجي ٿو. سڀ کان گهڻا جبل ايشيا کنڊ ۾ آهن. هن کنڊ جي اترئين طرف جبلن جون وڏيون وڏيون قطارون آهن. هن کنڊ جا مشهور جبل هماليہ جبل، هندو ڪش جبل، قراقرم جبل ۽ سليمان جبل آهن.
جبلن جا مکيہ ٽي قسم آهن.
(1) تهدار جبل (2) مٽي يا وڏين ڇڀن جا جبل(3) ٻرندڙ جبل

1۔ تهدار جبل :
ڪروڙين ورھ پھريان زمين تمام سخت گرم مادن جو گولو ھئي۔ جيئن جيئن اھا ٿڌي ٿيندي ۽ سسندي وئي تيئن تيئن ڌرتي جي مٿاڇري تي گھنج پئجي ويا۔ لکين سال گذرڻ کان پوءِ اھي گھنج وڌي وڏا ٿيا ۽ سخت ٿي جبل بڻجي ويا۔ اھڙي طرح گھنجن پوڻ ڪري جيڪي جبل بڻيا انھن کي تھن وارا جبل سڏجي ٿو۔ ھماليہ جبل بہ تھدار جبل آھن۔

2۔ وڏن ڇپن جا جبل:
زمين جي مٿاڇري تي ڪي ڪي حصا ايترا تہ سخت آھن جو انھن جي سسڻ تي انھن ۾ ڏار پيدا ٿيا۔ ڪڏھن ڪڏھن لکين سالن کان پوءِ ائين بہ ٿيو جو انھن ڏارن جي وچ ۾ زمين جو وڏو حصو مڇي کڄي جبل جي شڪل ۾ بڻجي ويو۔ انھيءَ ڪري ان کي وڏين ڇپن جو جبل سڏجي ڇو۔

3۔ ٻرندڙ جبل:
ٻرندڙ جبلن اندر گرم پگھريل مادو دٻيل ھوندو آھي جنھن کي لاوا سڏبو آھي، جتي بہ لاوا کي ڪمزور جڳہ ملندي آھي، اتان ٻاھر نڪرندو آھي ۽ انھيءَ جاءِ جي چوڌاري گڏ ٿيندو آھي ان کي ٻرندڙ جبل چئبو آھي۔ ھن جبل جا وري ٽي قسم ٿيندا آھن۔

(الف) مئل ٻرندڙ جبل:
ھنن جبلن مان لاوو نڪرڻ بند ٿي ويندو آھي ۽ ھنن جا سواراخ بہ بند ھوندا آھن ھنن کي مئل ٻرندڙ جبل چئبو آھي۔

(ب) ستل ٻرندڙ جبل:

ھنن جبلن مان گھڻي وقت کان لاوو نڪرڻ بند ٿي ويندو آھي پر ڪڏھن ڪڏھن لاوو نڪرندو آھي انھن کي ستل ٻرندڙ جبل چئبو آھي۔

(ج) جيئرا ٻرندڙ جبل:
ھنن ما گھڻو ڪري لاوو پيو نڪرندو آھي ھنن کي جيئرا ٻرندڙ جبل سڏيندا آھن۔ ٻرندڙ جبل وڏي تباھيءَ جو سبب بڻبا آھن۔ دنيا مان سڀ کان خطرناڪ زلزلا بہ ٻرندڙ جبلن جي ڦاٽڻ سان ايندا آھن۔ جبلن مان نقصانن کان علاوہ فائدا بہ آھن۔ جيڪي ھيٺ بيان ڪجن ٿا۔

(1) اتريان جبل ڏسڻ ايشيا ۾ چوماسي کي روڪي، مينھن جو سبب بڻبا آھن، انھن چوماسي ھوائن کي روڪي ملڪ جي آبھوا تي اثر ڪندا آھن۔ جيئن ھماليہ جبل وچ ايشيا جي ٿڌين ھوائن کي روڪي ڏسڻ ايشيا جي ميدانن کي وڌيڪ ٿڌو ٿيڻ نہ ڏيندو آھي۔

(2) برف وارن جبلن مان نديو نڪرنديون آھن، جيڪي سڄو سال وھنديون آھن ۽ مختلف علائقن کي آباد ڪنديون آھن، جيئن ھماليہ جبل مان سنڌو ندي جيڪا سنڌ ۾ وھي ٿي ۽ گنگا ندي جيڪا ڀارت ۾ وھي ٿي يا برھم پترا ندي جيڪا ڀارت ۽ بنگلاديش مان وھندي آھي۔

(3) جبلن تي ٻيلا ٿيندا آھن جن مان عمارتي ڪاٺ ۽ ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون ملنديون آھن۔

(4) جبلن تي ميوا، چانھ ۽ جڙي ٻوٽيون پيدا ٿينديون آھن ۽ انھن مان ڌاتو بہ نڪرندا آھن۔ ڊگھا جبل دشمنن جي حملي کان ملڪ کي بچائيندا آھن۔ افغانستان جي اسلامي انقلاب کي ڪامياب ڪرڻ ۾ جبلن جو وڏو حصو ھئو۔ سوويت يونين اڪثر افغانستان تي حملا ڪندي رھي ليڪن ڪامياب نہ ٿي سگھي ڇاڪاڻ تہ ھن ملڪ ۾ جبل ۽ پھاڙ گھڻا آھن جيئن ئي روسي ھن ملڪ تي بمباري ڪندا ھئا تہ بم جبلن ۽ پھاڙن ۾ ڪرندا ھئا۔
سنڌ ۾ خاص ۽ مشھور جبل کير ٿر جبل آھي، ھي جبل دادو ۾ واقع آھي۔ ھي گھٽ اوچائيءَ وارو ۽ خشڪ جبل آھي۔ ان جي سراسري اوچائي 2000 ميٽر آھي ۽ ان جي اوچي چوٽي “ڪتي جي قبر” آھي، جيڪا 2170 ميٽر اوچي آھي۔ کير ٿر جبل جي ڏاکڻي قطار ۾ حب ندي ۽ لياري ندي وھي ٿي جيڪا وڃي ڪراچيءَ جي ويجھو عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي۔
جبلن تي اھڙا چشما بہ ملنداآھن جن مان ڪيترين ئي بيمارين جو علاج ڪيو ويندو آھي۔ جبل تفريح گاھ بہ ھوندا آھن ۽ اتي وڏا شھر ٺھندا آھن جيئن پاڪستان ۾ مري ۽ نٿيا گلي، ايران ۾ ڪوھ دماوند، ڀارت ۾ شملو، مسوري ۽ نيني تال وغيرہ، چين ۾ ھوانگ شان وغيرہ۔



ارچڪ مرچڪ 25 ڊسمبر 1993

هنڱورجه جي ظهور احمد سولنگي جي ڪيل تحقيق
 

سارہ خان

محفلین
مهرباني ادا .. پنهنجي تحقيق کان اسان کي نوازڻ جي ... ڪجه لفظ منهنجي سمجه کان ٻاهر هئا .. پر ڪوشش ڪري اچي ويا سمجه ۾ ...:)
 
Top