جهان کي ڏيو مبارڪون،اسين پيا ڪاهيندا اچون،

اکبر لاکھو

محفلین
جهان کي ڏيو مبارڪون،اسين پيا ڪاهيندا اچون،

نون سُرن ۾ زندگيءَ جا گيت ڳائيندا اچون.

حيات جو هي حڪم آ،ته ڊاهيو پوءِ ٺاهيو،

دٻاءَ ڦر رهزنيءَ جا کيل سڀ بگاڙيو،

خزان کي جو پناهه ڏئي،سو باغ ئي اجاڙيو،

خزان سان گڏ،خزان جو به پيا گهر جلائيندا اچون.


اجهو هونڪتو ٻهڪندڙ جلوس آفتاب جو،

پيو آ ليڙون ليڙون ٿيو ڪفن انڌيري رات جو،

نشانِ نظر اچي پيو منزلِ نجات جو،

۽ ٻوڏ جيان وڌي پيو هي قافلو حيات جو،

قيامتون قيامتن پٺيان اٿاريندا اچون.


جوسج آسمان تي هو زمين تي جڳمڳائيندو،

۽چنڊ به لهي اچي قدم تي سِرُ جهڪائيندو،

بهشت جنتن جو خواب نيٺ به لهرائيندو،

بهار نيٺ مرڪندو ۽ حسن گيت ڳائيندو،

ڏسو ته آسمان کي اڄ زمين تي لاهيندا اچون.
رسول بخش پليجو​
 
Top