جنهن رات ٿي تو بيت لکيا، سا رات اڃا به جاري آ

سکون

محفلین

”جنهن رات ٿي تو بيت لکيا، سا رات اڃا به جاري آ

لطيف سائين تون ئي اسان جي حساس دنيا جي حساس جذبن جو ترجمان آهين. تنهنجي لات ۽ ڏات جي اولڙي ۾ اسان زندگيءَ جو راهون روشن ڪري پنهنجن قافلن سان روان دوان آهيون. تون اسان کي سچ، خلوص، محبت ۽ امن جو طرفدار بڻجڻ جي جرئت، سادن سودن ننڍڙن لفظن جي مالا جي صورت بخشي. بُک، بيڪاري ۽ بيزاري جي پُر پيچرن کي لتاڙيندي، جڏهن مَن جي ڪِن ڪونن تي اداسي ۽ مايوسي جا گوناگون بادل ڇانئجي ويندا آهن ته تنهنجي تانگھه تڙپائيندي آهي ۽ بيخودي جي بيڪران جذبن کان مجبور ٿي سمجھه ۽ ناسمجھه جي راهن کي لتاڙي جڏهن تنهنجون آيتون چپ چورينديون آهن ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته منهنجي اُڃايل روح تنهنجي چائنٺ کي چمندي روئندي روئندي ڏڪندي سڏڪندي سمهي ٿي. ها شايد جنهن رات تو بيت لکيا سا رات اڃان به جاري آهي، ها لطيف سائين اسان تنهنجا مارو ويچارا ڏاڍا ويڳاڻا رب جي رضا تي سُئي ڌاڳي هاڻا ڪڇون ته ڪافر، لُڇون ته لوڀي پر ڪيسين؟ هن بحر جو ڪو انت هوندو. ها ڪا ته انتها هوندي! ڪيستائين اسان جا روح اڏامڻ جي حد هيٺ شڪست جي سوريءَ تي سواري ڪندا؟ ڪيستائين اُهي لٽيل ڪيسل قافلا بدنصيبيءَ جي بند ۾ ويڳاڻا وتندا ڦرندا؟ ڇا تنهنجي ماروئڙن جي مانڌاڻ جي آنند لاءِ ڪينجھر جا ڪنارا ڪلر ٿي ويا آهن؟ جتي اوسيئڙن جا ارواح هندوري هنج ۾ نئون وجود ماڻيندا هئا؟

او جيجل مٺري سنڌ جا شاهه! اسان ته هن ڌرتيءَ جا معصوم ٻار تنهنجي سُرن جي سينگاريل وائي کي امڙ جي امرت ڀريل لولي جي روپ ۾ ٻڌي، مرڪي ان پل تي پتڪڙا پير پير کڻي هلڻ، ڊوڙڻ ۽ ڊڪڻ سکياسون. ها تون اسان جي اسڪول جو پهريون باب ۽ اسان جي بصارت ۽ شعور جي پهرين شعاع، تون ئي ته اسان جي ساڃاهه، ساهه ۽ سمجهه جي پهرين اک ۽ سوچ جي صبح جي پهرين باک آهين. ها! سچ ته اهو آهي ته جنهن مٺڙيءَ ممتا ڀريل آڱر کي جھلي اسان وڌڻ شروع ڪيو، اسان جي قافلن ڪوچ ڪيام اُها آڱر اُها روشني اسان کان ڪٿي وڃائجي وئي آهي. من جي مونجھاري واري اونداهه ۾ گم ٿي وئي آهي، رات جي چمڪيلي اونداهه کي سج جي روشني سمجھي دلين جا دڳ ۽ ڏهيسرن جا ڏس وڃائي ويٺا آهيون. اسان جي هنن ڏڪندڙ هٿڙن ۽ لرزان ڄنگھن کي اُنس ۽ اعتماد، سچائي ۽ خلوص جي وٿ ڏي. اسان اُهي پيچرا پنڌ ڪريون جتان دودو، دولهه، هوشو ۽ هيمون هيڪلو ڇڏي ويا.

اي لطيف! اي راڄ ڌڻي! اي ڀٽ جا ڀلارا! اي عاشق! سنڌ هڪ ڳڻتي، هڪ الڪو ۽ هڪ خلش دل جي سردخاني ۾ اُس ۾ لڏندڙ گل جي ڳل تي ماڪ جي آخري موتي وانگر، سولاين اکڙين سان، جن جي خالي پٽ ڪيون سين تنهنجي پرت پيار، پيغام کي يا ته پڙهي نه سگھيا يا پروڙي نه سگھيا. ها تنهنجي ڪنهن سُر کي نه سلهاڙيو ۽ سنڌ جي سرڳ کي نرڳ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. بدبودار روز مغربي اسپتالن مان بارعايت ورتل جسمن جو لباس اوڍي سنڌ جي سبز زارن کي مقابلي جو ميدان سمجھي خواهشن جي قتل گاهن ۾ ڏاڍ ظلم جا کيل کيڏندا پر مون کي اچرج ته انهن اکين تي آهي، جيڪا بينا هوندي به نابينا آهن. مان ته هاڻ انهن زبانن تي به حيران آهيان جيڪي سڄيون هوندي به گونگيون بڻيل آهن. مان پريشان ته انهن معصومڙن هٿڙن تي آهيان، جيڪي سرواڻن جا سوريهه هٿ بڻجي پنهنجن جي ڳچي تائين پهتا آهن. ها ڇا تو انهن انسانن لاءِ به ڪجهه سوچيو آهي؟؟

اي لطيف سائين! اي سنڌ جا سائين، ها اسان کي اعتراف آهي ته اسين موسمن جا متوالا ۽ مندن جا شيدائي آهيون، ها پر جنهن موسم جو ميوو بارود جي بوءِ ۾ پڪو هجي، جيڪي اناج انگريز جي آڱر جي اشاري تي پچندا هجن تن ۾ رس، اُهو مٺاس، اُها طاقت هوندي؟ ها پر جي اُها قوت به هجي ته انهيءَ ڳالهه جو ڪير ضامن آهي ته اها طاقت پنهنجن جي ئي خلاف استعمال نه ڪئي ويندي. پڳ ماڻڻ لاءِ ته ماڻهو ڇا نه ٿو ڪري، ڇو ته ائين ته هر هڪ پنهنجي گھر جو شينهن بڻيل هوندو آهي. گھر جي شيرن کي ڌارين جا دلال سڏيون يا غاصب ۽ سامراجي قوم جا غلام سڏيون / بزدل سڏيون يا وري کوهه جا ڏيڏر جيڪي رات جي اوندهه ۾ ٽان ٽان ڪري پنهنجي بهادريءَ جو اعلان ڪن ٿا. اهي پاپي ايڏا بي حس سرڪش ۽ ضدي آهن جو مسئلن جي ڪل هوندي به، پل پل جي پيڙا ۽ تن جي تڙپ جي خبر هوندي به اهڙو رخ اختيار ڪندا آهن جو اسان جي دلين جي دنيا تي ڏک جا بادل ڪري پوندا آهن ۽* جسم ڇيهون ڇيهون ٿي پوندو آهي ۽ ماس هڏن کان جدا ٿيندي محسوس ڪندي آهيان ۽ اندر جو انسان مهان هوندي به رتوڇاڻ لڳندو آهي. ها لاکيڻا لطيف سائين! جيڪو ڳٽ اسان جي ڳچيءَ ۾ آقائن سڃاڻپ کانءِ وڌو هو، جنهن کي پائڻ لاءِ اسان جا سر فخر سان اونچا ٿي ويا هئا، جن جو ڏاڍ ڏهڪاءَ ۽ دهشت سان ماروئڙن جا من ڦاٽا ٿي، ڇا اهي غلاميءَ جا طوق اسان جي گلن مان لهي ويا؟ انهن آقائن پنهنجو پنهنجو تخت گاهه ختم ڪري ڇڏيو؟ ته پوءِ ڇو؟ ڇا اسان جا پير آزاد آهن ته پوءِ وک وک کڻي پراڻن پنجوڙن ۽ ڪٽ چڙهيل زنجيرن جا آواز ايترا مڌر ڇو آهن؟ نه نه اسان ته هاڻ آزاد زندگيءَ جي هن حسين واديءَ جا اُهي جوان آهيون / خودمختيار آهيون . . . هاڻي ته اسان پنهنجي مرضيءَ وارا آهيون، ها انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙي آزادي ٿي سگھي ٿي جو اسان جڏهن جنهن جو چاهي رت هاري سگھون ٿا. ڪڏهن مذهب جي نالي تي ته وري ڪڏهن قوم جي نالي يا وري خانداني / رنجشن يا رشتن جي نالي.

او ڀٽ ڌڻي! هاڻ تو ئي کڻي ٻڌاءِ ته کيرٿر ۽ ڪارونجھر جي ڏاڍن ڏونگرن جھڙو اٽل عزم ، قوت يا سنڌوءَ جي سرڪش لهرن جي ارڏائي، معطر فضائن جي نالي ۽ انهن اهڙين خوشبوئن جو پاسبان ڪير آهي؟ ڪير آهي؟ ها ڪير آهي؟ جنهن جي وجود جي نس نس ۾ ڪينجھر جي پاڻي جھڙي دوستي/ مٺاس آهي، جيڪو هنن اجڙيل ڪکائن جھونپڙن کي وري ٻيهر آباد ڪري. ها وري اُنهن وساميل چلهن کي گرم ڪري اڻڀي سرن تان لهندڙ چنن کي سڌو ڪري، جنهن کي انهن جي ڪريل لٺ کڻي ڏي ڪير آهي؟ جيڪو پوچالن ۽ ڪچهرين کي قائم ڪري؟ جيڪو نڙ تي چنگ تي تنهنجا گيت، وايون، بيت ۽ آيتون پڙهي! ڇا هتان جي سڀني پنهنجي امڙ هن ڌرتي جا فرض پورا ڪيا آهن؟ يا هن ڌرتيءَ ماءٌ کي انهن غاصبن کي چند نون ۽ پراڻن نوٽن عيوض وڪيو آهي؟ ڇا اهي فرد تنهنجا جوڌا آهن. هاڻ ته هتي ڪير به اهڙو ڪونهي جيڪو وڏي واڪي چوي ته تنهنجو هيمون آيو آ، تنهنجو دودو آيو آ. تنهنجو نياز آيو آ. او ڀٽ وارا نه گھرجي هي دور هي زمانو. اسان کي واپس ڪر اهي جوڌا جيڪي وطن جا دودا هئا، جوان هئا، ڏهيسر هئا، جن کي وقت حالتن ۽ زماني جي زلزلن تيز طوفانن ۽ واچوڙن به ڪونه وساريو آهي. جيڪي ظلمت، انڌيرن ۽ هوڏ جي هٿيارن اڳيان به ڪونه جھڪيا. جن جي رت جي هڪ هڪ ڦڙي هن وطن جي مٽيءَ کي نم رکيو آهي. جن جي پگھر جي سڳند گلن پنن ۾ موجود آهي. ها ڪٿي آهن اُهي مانجھي جن ديس جي ٻيڙي پنهنجي بازو جي قوت سان ڪناري لڳائي. لطيف سائين تنهنجي وڇوڙي کي هاڻ ته ورهين وري ويا پر ائين ٿو لڳي ڄڻ تون پنهنجي اندر جي مُهان انسان جي روپ ۾ هڪ پاڇولي وانگر اسان کي ڏسندو ۽ پسندو ٿو رهين
 
Top