آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.

سارہ خان

محفلین
جَلَ ٿَلَ جھولي، ڏونگر ڏولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
منڇر، ڪينجھر سنڌو، ساگر،
گج گج لهرون، ڇم ڇم ڇولي.
او لوءِ لوئان لولي!
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
پَٽَ جو پَٽڪو، پَٽَ جي پوتي،
ڍَٽَ جو ڍولو، ڍٽ جي ڍولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
شهر وارن سيني سانڍي،
ڳوٺن ۾ ڳڻوانن ھولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
پنهنجي ٻولي، ٻول بخاري،
سُهڻي سُرهي سچي سولي،
او لوءِ لوئان لولي!

استاد بخاري
 

charanzia

محفلین
وعليڪم السلام

ادي شيئرنگ ڪئي آهي .. مهرباني وري ادا جي ...:tongue:
اڙي چُڪ ٿي وئي. :wasntme:
ادي معاف ڪجو.. توهان جي شيئرنگ ۾ کوئجي ويو هيم
اڃان نئون آهيان نه فورم تي ان ڪري توهان وڌيڪ رهنمائي ڪئي ته هيترو جواب به 5 منٽن ۾ لکي ويندس
 
Top