آءُ گهڙي کن هيٺ لهي آءُ : آسي زميني

آءُ گهڙي کن

هيٺ لهي آءُ

مونکي هڪڙي ڳالهه ڏسي وڃ

منهنجي هڪڙي

ڳالهه ٻڌي وڃ!

آءُ گهڙي کن هيٺ لهي آءُ

پنهجو جوڙيل

ڏيهه ُ ڏسي وڃ!

هڪڙ ا ماڻهو ننڍا ماڻهو

هڪڙ ا ماڻهو وڏا ماڻهو!

ڪهڙ ا ماڻهو،

تنهنجا ماڻهو،

پنهنجن تي نيشان هڻي وڃ!

ليڙون لوئي،

ڦاٽل چولو،

انگ اگهاڙي ڪنهنجي نياڻي،

غيرن آڏو جهول جهلي آ،

پنهنجن کي خيرات ڏئي وڃ!

نيراني ۽ پير اگهاڙي،

نٽهڻ اُسَ ۾ هَر هلائي،

ڪاري ڳڙ سان،

سُڪل ڀورا ،

هڪڙو ويلو تون به چکي وڃ!

آسيءَ کي جا ڏات ڏني تو

سائي ڪڇي ٿي،

سائي لڇي ٿي،

پوءِ ڇو دهريو ڪافر سڏجان،

مونکان پنهنجي ڏات وٺي وڃ!

(آسي زميني ۔۔ ڪتاب ”مڃتا جي رڃ ۾“ آزاد نظم)
 
Top