سندھ سلامت کتاب گھر جو آغاز

عبیدتھہیم

محفلین
انساني تاريخ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪجي ته پتو پوندو.. انساني شعور تڏهن کان وٺي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي جڏهن کان ڪاغذ ۽ ڇپائي جا طريقا اڃان ايجاد به نه ٿيا هئا..
مشاهدي ذريعي حاصل ٿيندڙ ڄاڻ کي جيتوڻيڪ ان وقت محفوظ ڪرڻ ممڪن نه هو پر ان جي منتقلي سيني کان سينو ٿيندي رهي.. انسان جڏهن نوان علم ڳوليا، ڪائنات جي رازن کي سمجهيو ته آهستي آهستي ان جي علم ۽ هنر جي ضرورتن کيس مجبور ڪرڻ شروع ڪيو ته هو پنهنجي علم ۽ هنر کي محفوظ ڪري.. هُو چاهڻ لڳو ته پنهنجي ڄاڻ، کوجنا ۽ علم ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪري.. ان مقصد کي پورو ڪرڻ لاءِ هُن ڪيترن ئي قسمن جي طريقن کي اختيار ڪيو..پر آخرڪار هن دڳ حاصل ڪري ئي ورتو..
سن 501 ۾ چينين پراڻن ڪپڙن ۽ وڻن جي ٽارين کي استعمال ڪندي ڪاغذ جو ابتائي ورجن ايجاد ڪيو... جنهن کان پوءِ علم ۽ مشاهدن کي ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو ويو ان عمل ڪتاب گهر ٺاهڻ شروع ڪيا.. ۽ اهي ڪتاب گهر ئي آهن جن ذريعي علم ۽ هنر نه رڳو دنيا ۾ پکڙيو بلڪه جديد ترين سائنسي ۽ مشيني ترقي ٿي سگهي..
هڪ انسان جڏهن مصروف زندگي مان تنگ ٿي ويندو آهي ۽ زماني جا غم جڏهن ان تي ڇائنجي ويندا آهن ته هوُ انهن تلخين ۽ پيڙائن کان بچڻ لاءِ مختلف پناهون ڳوليندو آهي.. هُو چاهيندو آهي ته ذهني طور هوُ پنهنجي پاڻ کي ڪنهن ٻئي طرف مصروف رکي..
مان چاهيندس ته اهڙو انسان راند روند ۾ لڳڻ، فلمون ڏسڻ ۽ نشو ڪرڻ بجاءِ ڪتاب پڙهڻ طرف اچي جو ان سان هوُ نه رڳو پنهنجيون ڪلفتون وساريندو آهي پر ان جي سوچ ۾ وسعت پڻ ايندي آهي.. ڪتاب پڙهڻ سان انسان ۾ نه رڳو فضيلت ايندي آهي پر ان جي اندر آگهي جو هڪ شعور پيدا ٿيندو آهي..
اها پڻ حقيقت آهي ته ڪتاب بهترين ساٿي ٿيندا آهن... ڪتابن جو هڪ هڪ ورق واضح، کليل ۽ سچو هوندو آهي.. ڪتاب زندگي جي ڪڙواهٽڻ ۾ مٺاڻ پيدا ڪندو آهي.. ان سان وقت ريجهندو آهي، احساس سنورجندو آهي، فڪر گهٽجندو آهي ۽ ذوق نکرجندو آهي.. ياد رکو ته اهو سڀ ڪجهه مهذب ڪتابن مان ئي حاصل ٿيندو آهي..
ڪتاب هڪ شفيق دوست ۽ معتبر رهنما ٿيندو آهي.. ڪتاب علم جو نور ۽ قلم جي عظمت جو هڪ خوبصورت اظهار آهي.. ۽ جيڪي ماڻهون علم ۽ قلم جي ان ميلاپ جي حوالي هوندا آهن اهي ڪڏهن به گمراهه ناهن ٿيندا..
ڪتاب يقينن اڪيلائپ جي نعمت آهن، ادب ۽ هنر جا خزانا آهن ۽ علم جو اهڙو سمنڊ ٿين جيڪي هر ڪنهن جي ضرورت سندن ظرف مطابق پوري ڪندا آهن..
پر جيئن ته مهانگائي جي هن دور ۾ نوان ڪتاب خريد ڪرڻ گهڻن لاءِ ڪافي مشڪل ٿي پيا آهن ۽ وري هر انسان جي پنهنجي پنهنجي پسند ۽ ذوق مختلف ٿيڻ ڪري مطلوبا ڪتاب ملڻ به آسان ناهن هوندا.. اهو ئي سبب آهي جو اسان ڪتاب پڙهڻ بس وساري ويٺا آهيون..
پرهاڻي هن جديد دور ۾ ڪتاب ڊجيٽلائيز ٿيڻ شروع ٿي چڪا آهن.. ۽ دنيا ۾ هر ٻوليءَ جا لکيل ڪتاب تيزي سان انٽرنيٽ تي اچي رهيا آهن.. ايتري قدر جو دنيا جي وڏي ۾ وڏي برٽش لائيبريري به پنهنجا اڌ ڪروڙ ڪتاب ڊجيٽلائيز ڪندي انٽرنيٽ تي آڻي رهي آهي..ان طرح پسند جا ڪتاب سي به مفت ۾ ملڻ بلڪل ممڪن ٿي رهيا آهن..
سنڌ سلامت جنهن جو مشن ۽ مقصد سنڌي ٻوليءَ جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ پکيڙ کي وسيع ڪرڻ آهي پڻ دنيا سان گڏ سندس رفتار سان هلڻ جو سانباهو ڪيو آهي..ڇو ته تاريخ هميشه انهن قومن جو احترام ڪيو آهي جن پنهنجي علمي سرمائي جي حفاظت ڪئي آهي.. سنڌ سلامت پڻ پنهنجي ٻوليءَ جي بقاء خاطر سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل قيمتي ۽ ناياب ورثي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ان کي نه رڳو محفوظ رکڻ پر پنهنجي اديبن، ليکڪن، محققن ۽ شاعرن جي علم، هنر ۽ مشاهدن کي کي ڊيجيٽلائيز ڪندي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود سنڌين تائين مفت ۾ آسانيءَ سان پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي ...
اهو ٻڌائيندي انتهائي سرهائي ٿي رهي آهي ته انهي عزم ڏانهن وک وڌائيندي اڄ سنڌ سلامت طرفان ”سنڌ سلامت ڪتاب گهر“ جي ابتدا ٿي رهي آهي..

HqWar98.jpg


http://books.sindhsalamat.com​


سنڌ سلامت ڪتاب گهر جو ابتدائي ورجن هر آپريٽنگ سسٽم جهڙوڪ ونڊوز، اينڊرائيڊ يا آئي فون سان مطابقت رکندڙ بڻايو ويو آهي.. اهو ئي سبب آهي جو جو هتي موجود ڪتابن کي ڳولڻ، ڊائونلوڊ ڪرڻ ۽ آن لائين پڙهڻ انتهائي آسان آهي..

هن جي خوبين ۾ شامل آهن..

  • ڏيکاء ۾ وڻندڙ : خوبصورت انٽرفيس سان ريسپانسوِ اسٽائيل جيڪو هڪ ئي وقت ۾ ڊيسڪٽاپ ڊيوائسز کان پام ڊيوائيسز تائين پاڻمرادو ڊيوائس سڃاڻي پاڻ کي ڊيواسز مطابق ڍالي ڇڏي ٿو ته جيئن خوبصورتي ۽ استعمال متاثر نه ٿئي.
  • استعمال ۾ هلڪو: غير ضروري ۽ وزني ڪوڊنگ بجاءِ رڳو بنيادي فيچرس رکندي سائيٽ کي هلڪو بڻايو ويو آهي ته جيئن سائيٽ تي ڦيرو ڀريندڙن کي پنهنجي مطلوبا ڪتاب تائين پهچندي وڌيڪ انتظار ڪرڻو نه پوي.
  • ڳولا ۾ بهتر : بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ڳولا ۾ رڳو ٽن شرطن ليکڪ، پبلشر ۽ ڪتاب جي نالي کي شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن درست ۽ تڪڙا نتيجا حاصل ڪري سگهجنجڏهن ته ڪتاب جي متن جي ڳولڻ کي في الحال غير فعال رکيو ويو آهي ته جيئن ڳولا جا اضافي نتيجا ڳولا ڪندڙ کي منجهائيندڙ نه لڳن. ان کانسواءِ ٽيڪسٽ ايريا ۾ سنڌ سلامت سنڌي ڪيبورڊ ايڊيٽر پڻ ڊيفالٽ طور فعال ڪيو ويو آهي ته جيئن ڳولا ڪندڙ وٽ جيڪڏهن ايم بي سنڌي پروگرام نه هجي تڏهن به سنڌي لکي سگهن.
  • پڙهڻ ۾ سنهنجو: آن لائين مطالعي کي ڊيواسز جي مطابق رکڻ لاءِ ڊيفالٽ فانٽ SSRead کي مناسب سائيز سان لڳايو ويو آهي پر ڪمزور نظر رکندڙن لاءِ وڌيڪ ٽن فانٽس ۽ فانٽ سائيز کي گهٽائڻ وڌائڻ جي سهولت پڻ رکي وئي آهي. ان کانسواءِ هر ڪتاب کي مختلف صفحن بجاءِ هڪ ئي صفحي تي لوڊنگ پروسيس سامهون رکي رکيو ويو آهي.
  • محفوظ ڪرڻ ۾ سولو:هر وقت انٽرنيٽ جي سهولت نه رکندڙن لاءِ هر ڪتاب کي پي ڊي ايف طور محفوظ ڪرڻ جي سهولت پڻ ڏني وئي آهي جنهن سان نه رڳو ڪتاب آف لائين پڙهي سگهبو پر ڪتاب کي E-Gift پڻ ڪري سگهبو..
  • شيئرنگ ۾ آسان: ڪتابن کي دوستن سان سوشل نيٽ ورڪ تي ونڊڻ بلڪل آسان آهي.. ان سان توهان جو صلاحيل ڪتاب نه رڳو ٻيا پڙهي سگهندا پر توهان جي ڏنل حوالي جي تصديق به ڪري سگهندا..


سنڌي ادب کي ڊجيٽلائيزڊ ڪرڻ جي هن ڀلوڙ مشن جا ساٿي:

توڙي جو هن وقت سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ابتدائي ورجن ۾ آن لائين پڙهڻ توڙي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ 71 ڪتاب موجود آهن پر اسان جي خواهش آهي ته هڪ سال جي اندر سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ڊيٽا بيس ۾ سنڌي زبان جي هر موضوع تي 1000 ڪتاب شامل ٿين.. پر اهو مقصد حاصل ڪرڻ اڪيلي سر ڏکيو ثابت ٿيندو ان سلسلي ۾ اسان کي توهان جي سهڪار جي پڻ ضرورت رهندي ..

سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي مدد توهان ڪهڙي طرح ڪري سگهو ٿا.؟

  • جيڪڏهن توهان وٽ ڪو ناياب ڪتاب ڪتابي شڪل ۾ يا اسڪين ٿيل هجڻ جي صورت ۾ موجود هجي ۽ اهو ڪاپي رائيٽ کان آزاد هجي ته ان کي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شامل ڪرڻ لاءِ موڪلي سگهو ٿا..
  • جيڪڏهن توهان وٽ ڪنهن ڪتاب جو مواد ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود آهي ته ان کي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شامل ڪرڻ لاءِ موڪلي سگهو ٿا..
  • جيڪڏهن توهان سنڌي ٽائيپ ڪرڻ ڄاڻو ٿا ته سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ بطور لائيبريرين شريڪ ٿي سگهو ٿا..
  • جيڪڏهن توهان گرافڪس ۽ ڊيزائننگ ڄاڻو ٿا ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ڪتابن جا سرورق بڻائي سگهو ٿا ته سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ بطورِ گرافڪس ڊيزائينر شامل ٿي سگهوٿا.

اڄ سنڌ سلامت ڪتاب گهر جو آغاز ان اميد سان ڪجي ٿو ته هن ذريعي سموري دنيا ۾ موجود سنڌي نه صرف ڀرپور لاڀ حاصل ڪندا پر مقصد جي پورائي لاءِ پنهنجو پورو پورو ساٿ نڀائيندا..


والسلام
 
Top